اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان بحرين جي نمائندن واري ڪائونسل جي اسپيڪر احمد بن سلمان المسلم جي اڳواڻيءَ ۾ وفد گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وقتي چيئرمين وفد کي پارليامينٽ هائوس ۾ ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن کان علاوه اقتصادي، دفاعي ۽ بين الپارلياماني سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وقتي چيئرمين سلطنت بحرين جي بادشاهه حسن حمد بن عيسيٰ ال خليفه جي اڳواڻيءَ ۾ سلور جوبلي تي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته سندس مدبرانه قيادت مملڪت بحرين جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ مُک حيثيت رکي ٿي. وقتي چيئرمين، شاهه بحرين جي پاڪستان جي دؤري جي خواهش جو اظهار به ڪيو، جڏهن ته بحرين جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد ال خليفه کي به پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. سيدال خان بحرين جي جيلن ۾ پاڪستاني قيدين جي سزائن کي معاف ڪرڻ ۽ سندن وطن واپسيءَ تي بحرين قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. هن بحرين جي بادشاهه جي 2014ع جي دؤري جو ذڪر ڪندي بحرين جي بادشاهه کي پاڪستان جي دؤري جي به دعوت ڏني. وقتي چيئرمين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي چونڊ 26-2025ع لاءِ پاڪستان جي حمايت تي بحرين جي حڪومت جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪستان، مملڪت بحرين سان پنهنجن مضبوط ۽ ڀائراڻن ناتن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهب، ثقافت، روايتن ۽ هم آهنگي جي بنياد تي ناتا قائم آهن. علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان مملڪت بحرين طرفان کنيل قدمن کي سيدال خان قابل تحسين قرار ڏنو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بين الپارلياماني سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. هن پاڪستان ۽ بحرين جي پارليامينٽ ۾ قائم پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پارليامينٽ کان پارليامينٽ جي سطح تي ناتا وڌيڪ مستحڪم هئڻ گهرجن. ٻنهي اڳواڻن مختلف عالمي فورمز تي گڏيل رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وقتي چيئرمين، بحرين جي سيڙپڪارن کي ڪارپوريٽ فارمنگ، لائيو اسٽاڪ جي سارسنڀال، کير جي پيداوار، اڏاوتي ڪم، کاڻين سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن جن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن آگاهه ڪيو ته پاڪستان هڪ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو قيام عمل ۾ آندو آهي جنهن جو مقصد جي سي سي ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. وقتي چيئرمين بحرين ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي فراهم ٿيندڙ سهولتن ۽ حمايت تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستاني ڪميونٽي ٻه طرفن ناتن کي مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته گڏيل فوجي مشقون، اعليٰ سطحي فوجي ڏي وٺ ۽ ٻين گڏيل دفاعي تقريبن ۾ ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري اسان جي فوج وچ ۾ اعتماد جي عڪاسي آهي. پاڪستان عالمي معيار جو دفاعي سامان تيار ڪري ٿو جنهن ۾ فوجي يونيفارم کان وٺي جنگي جهاز ۽ ٽينڪ شامل آهن. پاڪستان بحرين جي دفاع جي شعبي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ناتن جي اهميت کي اجاگر ڪندي انساني وسيلن، لاجسٽڪس ۽ ٻئي سامان جي شعبن ۾ مڪمل معاونت فراهم ڪرڻ جو عزم جو اظهار ڪيو. سيدال خان بحرين جي اسپيڪر ۽ سندس وفد جي پاڪستان جي دؤري کي گڏيل ناتن کي هڪ نئين باب جي شروعات قرار ڏيندي مستقبل ۾ ان طرح جي اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي تسلسل جي اميد جو اظهار ڪيو. سينيٽ جو دؤرو ڪندڙ بحرين جي وفد کي وقتي چيئرمين طرفان پارليامينٽ هائوس ۾ مانجهاندو ڏنو ويو، جنهن ۾ خطاب ڪندي هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ د وستي، معاشي، اقتصادي، دفاعي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ موقعا تلاش ڪن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وسيع گنجائش موجود آهي. بحرين جي اسپيڪر، وقتي چيئرمين طرفان شاندار آجيان تي سندس شڪريو ادا ڪيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري، پارلياماني ۽ ثقافتي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪاريءَ لاءِ بهترين ملڪ آهي. پاڪستان جي دفاعي، زرعي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن جنهن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وقتي چيئرمين سيدال خال کي بحرين جي دؤري جي به دعوت ڏني.