گڏيل قومون -11 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان افغانستان مان دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته داعش، ٽي ٽي پي ۽ مجيد برگيڊ نه صرف افغانستان ۽ پاڪستان پر سڄي خطي ۽ ان کان ٻاهر لاءِ خطرو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي داعش طرفان لاڳو خطري تي سيڪريٽري جنرل جي 20هين سالياني رپورٽ تي بحث دوران ڪيو. منير اڪرم چيو ته عالمي برادري رياستي دهشتگردي جنهن ۾ خوداراديت واري حق لاءِ جائز جدوجهد کي دٻائڻ يا پرڏيهي قبضي کي جاري رکڻ لاءِ رياستي طاقت جي استعمال کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن ڪشميري ۽ فلسطيني عوام جي آزادي واري جدوجهد کي دٻائڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته بنيادي انساني حقن، خاص طور تي خوداراديت واري حق ۽ غير ملڪي قبضو ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، عالمي سطح تي خاص ڪري وچ اوڀر، آفريقا ۽ افغانستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ اضافو ٿيو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته شام ۽ عراق ۾ داعش خلاف اثرائتيون ڪارروائيون ڪيون ويون. القاعده جو افغانستان ۾ خاتمو ڪيتري حد تائين پاڪستان جي ڪوششن ڪري ٿيو آهي جڏهن ته ٻين ڪيترين ئي جاين جن ۾ اتر آفريقا ۽ ريگستاني آفريقا تي القاعده جون ڪيتريون ئي ذيلي تنظيمون اڀريون آهن. افغانستان اندر 24 کان وڌيڪ دهشتگرد گروپ ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪو داعش خراسان جي ڀرتي ۽ سهولتڪاري جو اهم مرڪز پڻ آهي. هن ان تاثر کي رد ڪيو ته داعش خراسان طرفان پاڪستان مان اهڙي ڪا افرادي قوت حاصل ڪئي آهي، ان موقعي تي هن زور ڀريو ته عالمي برادري کي دهشتگردي جي خطري سان گڏجي هڪ جامع مربوط ۽ اصولي حڪمت عملي ذريعي منهن ڏيڻ گهرجي، جيڪو جنرل اسيمبلي طرفان اختيار ڪيل عالمي دهشتگردي جي روڪٿام جي حڪمت عملي تي ٻڌل هجي. هن دهشتگردي جي بنيادي سببن کي به حل ڪرڻ تي زور ڀريو جن ۾ غربت، ناانصافي ۽ ڊگهي وقت کان حل طلب تڪرار، پرڏيهي قبضي ۽ نئين آبادڪاري ۽ اجنبي حڪمراني تحت ماڻهن جي خوداراديت واري حق کان انڪار شامل آهي، جيئن فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير ۾ آهي. هن چيو ته اسان کي دهشتگردي جي نئين ۽ اڀرندڙ شڪلين جن ۾ اڇي نسل جي بالادستي، انتهائي کاٻي ڌر جي انتهاپسندن، پرتشدد قوم پرست، فاشسٽ، زينو فوبڪ، اسلامو فوبڪ ۽ مسلم مخالف گروهن ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ اهڙي طرح جي نظرين کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن نشاندهي ڪئي ته دهشتگردي جي روڪٿام جي پاليسين ۾ هاڻي تائين صرف هڪ مذهب اسلام جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. پر کين مسلمانن کي بدنام ڪرڻ ۽ اسلامو فوبيا جي باهه کي ڀڙڪائڻ جي ناڪاري اثرن کي ختم ڪرڻ گهرجي. بحث جي شروعات ڪندي گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ دهشتگردي جي روڪٿام واري آفيس جي سربراهه ولادي مير وورونڪوف چيو ته دهشتگردي جي ڪارروائين کي ختم ڪرڻ جي سالن جي مسلسل ڪوششن باوجود داعش عالمي سلامتي لاءِ هڪ سنگين ۽ اڀرندڙ خطرو آهي جنهن جو مقابلو ڪا به رياست اڪيلي سر نٿي ڪري سگهي.