ڪابل-11 فيبروري (اي پي پي) افغانستان جي صوبي قندوز ۾ آپگهاتي بم ڌماڪي سبب 5 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب صوبائي پوليس جي ترجمان ٻُڌايو ته گذريل ڏينهن صبح جو صوبائي گاديءَ واري هنڌ قندوز شهر ۾ ڪابل بئنڪ سامهون هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ بئنڪ جو گارڊ ۽ شهرين سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا. اهلڪار وڌيڪ ٻُڌايو ته واقعي جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي. عهديدار وڌيڪ تفصيل ناهن ٻُڌايا. اڃا تائين ڪنهن به گروپ يا ماڻهوءَ حملي جي ذميداري قبول ناهي ڪئي.