اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) ڪريڊٽ ريٽنگ جي عالمي اداري ”فچ“ چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي استحڪام، معاشي بحالي ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي، هاڻوڪن سالن ۾ ڪيترن ئي چئلينجز باوجود ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي. عالمي مالياتي ادارن جي تعاون سان جاري سڌارن جي عمل جي ڪاميابي مستقبل جي معاشي بحاليءَ جي بنياد ثابت ٿي سگهي ٿي. اها ڳالهه اداري پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي نئين رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد ۽ ايندڙ آءِ ايم ايف پروگرام جي جائزن ۽ گهڻ رُخي ۽ ٻه طرفن شرڪت ڪندڙن سان جاري مالي معاونت لاءِ اهم هوندو. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته 27 جنوريءَ تي اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 12 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان هاڻوڪن مهينن ۾ قيمتن ۾ استحڪام جي عڪاسي ٿي رهي آهي. جنوري 25ع ۾ ناڻي واڌ جي شرح 2.4 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 24 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. مالياتي پاليسي، سبسڊي سڌارن ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي شرح ۾ استحڪام جي نتيجي ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي ممڪن آهي، ان سان مقامي طلب ۽ پرڏيهي مالياتي ضرورت کي گهٽ ڪرڻ ۾ به مدد ملي آهي. پاليسري ريٽ ۾ گهٽتائيءَ جي نتيجي ۾ اقتصادي سرگرمين ۾ واڌ ٿي رهي آهي. رپورٽ ۾ جاري مالي سال دوران حقيقي اقتصادي اؤسر جي شرح 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته جون 2022ع کانپوءِ نجي شعبي کي مليل قرضن ۾ آڪٽوبر 24ع ۾ پهريون ڀيرو حقيقي معنائن ۾ واڌ ٿي آهي. پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ واڌ، زرعي روانگي واپار ۽ سخت مالياتي پاليسين سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو توازن 1.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گذريل مالي سال دوران ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو خساري ۾ وڃي رهيو هو، 2023ع ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي حوالي سان سڌاره جاتي قدمن ان تبديليءَ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. رپورٽ موجب ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا آءِ ايم ايف جي 7 ارب ڊالرن جي توسيعي فنڊ سهولت تحت پنهنجي هدفن سان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن. پاڪستان وٽ هن وقت 3 مهينن جي امپورٽ لاءِ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا موجود آهن. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 2025ع ۾ مجموعي طور تي 22 ارب ڊالرن کان وڌيڪ پرڏيهي قرض ميچوئر ٿي رهيا آهن جن ۾ تقريبن 13 ارب آمريڪي ڊالر ٻه طرفي ڊپازٽس آهن، جن کي پاڪستان جي ٻه طرفي حصيداري آءِ ايم ايف جي واعدن موجب رول اوور ڪري ڇڏيندا. سعودي عرب ڊسمبر ۾ 3 ارب آمريڪي ڊالر ۽ يو ايو اي جنوريءَ ۾ 2 ارب ڊالر رول اوور ڪيا آهن. رپورٽ ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. رپورٽ موجب سمورن صوبن ويجهڙ ۾ ئي زرعي آمدنيءَ تي ٽيڪس وڌائڻ جي حوالي سان قانونسازي ڪئي آهي، جيڪو آءِ ايم ايف پروگرام تحت ڍانچه جاتي شرط هو. رپورٽ موجب مجموعي طور تي پاڪستان جي معيشت هاڻوڪن سالن ۾ ڪيترن ئي چئلينجز باوجود استحڪام طرف قدم وڌايو آهي ۽ عالمي مالياتي ادارن جي سهڪار سان سڌارن جي ڪاميابي ان جي مستقبل جي پائيدار معاشي بحالي جو بنياد ثابت ٿي سگهي ٿي.