اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين بابت صوبن، عالمي ڀائيوارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌُرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. موسمياتي تبديليءَ جي حوالي سان ٿيل عالمي ڪانفرنس ”بريٿ پاڪستان“ کي خطاب ڪندي پاڪستان طرفان ان مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن ۽ مستقبل جي حڪمت عمليءَ تي روشني وِڌي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن. احسن اقبال چيو ته موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جهڙن اُسرندڙ ملڪن کي مالي وسيلن جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن تي موسمياتي تبديلين جا ناڪاري اثر سڀ کان وڌيڪ پئجي رهيا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري کي اُسرندڙ ملڪن کي فنڊز فراهم ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي چئلينجز کي مُنهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي جيڪا موسمياتي تبديلين بابت رٿابندي ۽ قدمن کي مربوط ڪندو. ان کان علاوه حڪومت هڪ ڪلائمينٽ چينج اٿارٽي به قائم ڪري رهي آهي جيڪا موسمياتي تبديلين بابت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاهدن تي عملدرآمد کي يقيني بنائيندي. احسن اقبال چيو ته صوبن جو موسمياتي تبديلي پاليسي لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي ۽ کيس ان سلسلي ۾ مرڪزي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پيرس معاهدي جو حصو آهي ۽ ان معاهدي تحت پنهنجن عهدن کي پورو ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. حڪومت موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پيدا ٿيل مسئلن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ انهن مسئلن لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي. پروفيسر احسن اقبال خبردار ڪيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا جي موسمياتي تبديلين سبب سخت خطرا لاحق آهن ۽ جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا نتيجا تباهه ڪُن ثابت ٿي سگهن ٿا. هن عالمي برادريءَ کان اپيل ڪئي ته هو موسمياتي تبديلين خلاف جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ اُسرندڙ ملڪن کي ان سلسلي ۾ پيش ايندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪن.