اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي فلسفي خودي پر عمل پيرا ٿي ملڪي معيشت کي مستحڪم ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اسان بحيثيت قوم محنت، محنت ۽ رڳو محنت کي ئي اختيار ڪري پاڪستان کي عظيم تر بڻائينداسين، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڊسمبر کان فيبروري ٽن مهينن جي لاءِ بجلي سهولت پئڪيج تحت قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. گهريلو صارفين جي لاءِ اضافي بجلي جي استعمال تي فليٽ ريٽ 26 رپيا 7 پئسا هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقبال ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ٻارن ڪلام اقبال خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو، اسان کي عظيم شاعر جي فلسفي، سندس حضرت محمد ﷺ سان والهاڻي محبت ۽ خودي جي پيغام کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، هن پنهنجي شاعري ۾ خودي، محنت ۽ مشقت جي حوالي سان جيڪو پيغام ڏنو موجوده دور ۾ ان کان وڌيڪ ڪو پيغام نٿو ٿي سگهي، علامه محمد اقبال فارسي ۽ اردو ۾ شاعري ڪئي، ان جا شيدائي نه رڳو ننڍي کنڊ جا ڪروڙين ماڻهو آهن پر ايران، ترڪيه ۽ وچ اوڀر ۾ پڻ علامه اقبال جي پيغام ۽ نالي کان سڀ چڱي ريت واقف آهن، علامه اقبال پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ الله کي پيارو ٿي ويو پر سندس پيغام ابدي آهي. هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ”نهين تيرا نشيمن قصر سلطاني ڪي گنبذ پر، تو شاهين هي بسيرا ڪر پهاڙون ڪي چٽانون مين“ جي ذريعي نوجوانن کي خودداري جو پيغام ڏنو، هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي پيغام ڏنو، اسان کي ان پيغام کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڪهڙو سبب آهي جو اسان ان پيغام کي وساري ڇڏيو ۽ اڄ 77 سالن کانپوءِ به پاڪستان آءِ ايم ايف جي قرضن ۾ جڪڙيل آهي. هن چيو ته اسان قرآن پاڪ، حضور اڪرم ﷺ جي تعليم ۽ علامه اقبال جي فرمانن کي وساري ڇڏيوسين، جيڪي قومون اسان کان پٺتي هيون اهي اسان کان اڳتي نڪري ويون ۽ اسان منزل طرف اڃا تائين گامزن آهيون. هن چيو ته اسان کي علامه محمد اقبال جي فلسفي خودي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، موجوده حڪومت الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان هن ملڪ ۾ ان پيغام کي کڻي اڳتي وڌي رهي آهي، اسان وفاقي حڪومت جي خرچن تي پابندي هنئي آهي، تازن مهينن ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، گذريل سال مهانگائي جي شرح 32 سيڪڙو تي هئي جيڪا اڄ گهٽ ٿي 6.7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، بئنڪن جي قرضن تي وياج جي شرح گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ان سان سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، زرعي ترقي ٿيندي ۽ لکين ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. هن چيو ته پنجاب ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ دانش اسڪول ٺاهي اهڙن قابل ٻارن ۽ ٻارڙين کي تعليم جا موقعا فراهم ڪيا جن ٻارن جي والدين وٽ پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جا وسيلا نه هئا جنهن جي نتيجي ۾ هزارين نوجوان ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرز بڻيا، اسان پنجاب ۾ ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو، باصلاحيت نوجوانن ۾ مفت ليپ ٽاپس ورهايا، انهن مروجه طريقن جي ذريعي نوجوانن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪري سگهجي ٿو ته جيئن اهي قوم جي تقدير بدلائي سگهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي لکين نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت سميت ووڪيشنل ٽريننگ فراهم ڪئي ويندي ته جيئن اهي قوم جا معمار بڻجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪن، پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي قوم جي تقدير بدلائڻي آهي جهڙي طرح شاعر مشرق علامه اقبال پنهنجي شاعري ۾ پيغام ڏنو ته ”ماڻهن جي هٿن ۾ آهي قومن جي تقدير، هر شخص آهي ملت جي مقدر جو ستارو“، اسان کي ان پيغام کي کڻي اڳتي وڌڻو آهي. شهباز شريف چيو ته هن سعودي عرب ۽ قطر جي دوري دوران اتان جي قيادت سان ملاقاتن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته زراعت، صنعت، آءِ ٽي ۽ معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ منصوبا کڻي ايندس، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، دوست ملڪ هتي سيڙپڪاري ڪري وڏو منافعو حاصل ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي بجلي صارفين جي لاءِ ريليف جو اعلان ڪندي هن چيو ته سردين جي موسم ۾ ٽن مهينن ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري ۾ صارفين کي بجلي سهولت پئڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، اهو پئڪيج ڊسمبر 2024ع کان فيبروري 2025ع تائين لاڳو هوندو، ان پئڪيج تحت گهريلو صارفين جي لاءِ اضافي بجلي جي استعمال تي فليٽ ريٽ 26 رپيا 7 پئسا هوندو، مجموعي طور تي گهريلو صارفين کي 11 رپيا 42 پئسن کان 26 رپيا في يونٽ تائين بچت ٿيندي، ان پئڪيج تحت صنعتن کي مجموعي طور تي 5 رپيا 72 پئسا کان 15 رپيا 5 پئسا في يونٽ بچت ٿيندي، صنعتن جي لاءِ مجموعي طور تي 18 کان 17 سيڪڙو تائين بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ايندي، ڪمرشل صارفين جي لاءِ 13 رپيا 46 پئسا کان 22 رپيا 71 پئسا في يونٽ بچت ٿيندي، مجموعي طور تي ڪمرشل استعمال تي 34 کان 37 سيڪڙو بچت ٿيندي. هن چيو ته بجلي جي لاڳت ۾ گهٽتائي سان پيداوار، صنعت، زراعت، ڪاروبار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. هن چيو ته عوام کي ريليف ڏيڻ جي ان قدم تي نائب وزيراعظم، پاور واري وفاقي وزير، سندس ٽيم، ناڻي واري وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، ناڻي واري سيڪريٽري، پيٽروليم واري وزير، پيٽروليم واري سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين سميت ٻين عملدارن جو ٿورائتو آهيان، ان ڏس ۾ آءِ ايم ايف جو به ٿورائتو آهيان، اميد آهي ته هي آءِ ايم ايف جو پاڪستان جي لاءِ آخري پروگرام هوندو، ان کانپوءِ اسان جو ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ اسان پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ٽن مهينن ۾ 8.8 ارب ڊالر جو پرڏيهي ناڻو موڪليو جنهن تي انهن جو ٿورائتو آهيان، اسان کي اڄ جي ڏينهن اهو وچن ڪرڻو پوندو ته محنت، محنت ۽ رڳو محنت کي ئي اختيار ڪري پاڪستان کي عظيم تر بڻائينداسين.