اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ شيخ مجيب کي هيرو مڃيندو هو، هو پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب سان ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مون سان اهو ئي ٿي رهيو آهي جيڪو شيخ مجيب سان ٿي رهيو آهي، شيخ مجيب جو رڳو هڪ مجسمو ڪيرائڻ سان باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجو بيانيو بدلائي ڇڏيو، جيڪو يو ٽرن نه وٺي اهو باني چيئرمين پي ٽي آءِ سڏرائي ئي نه ٿو سگهي، ان جو ڪو دين ايمان نه آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بنگلاديش جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، بنگلاديش جي ماڻهن جي عزم ۽ حوصلي کي ساراهيون ٿا، پارليامينٽ بالادست ادارو آهي، ان کي قانونسازي جو اختيار حاصل آهي، فلور ڪراسنگ جي حوالي سان آئين ۽ قانون واصح آهي، تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن اهڙي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن جو وجود ئي نه هو، تحريڪ انصاف کي بنا گهرڻ جي ريليف ڏنو ويو، فيصلي جي ڪري جيڪي قانوني جهول ۽ مسئلا پيدا ٿيا، ان جو حل ٿيڻ تمام ضروري آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي بلال ڪياني قومي اسيمبلي ۽ سينيٽر طلال چوڌري سينيٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو، اليڪشن ايڪٽ جو بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان اڪثريت راءِ سان منظور ٿيو ۽ ايڪٽ جي شڪل اختيار ڪري ويو. هن چيو ته فلور ڪراسنگ جي حوالي سان آئين ۽ قانون واضح آهي ته فلور ڪراسنگ نٿي ٿي سگهي، آزاد اميدوار کي ٽن ڏينهن جي اندر ڪنهن پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻي هوندي آهي ۽ ان جي لاءِ بيان حلفي جمع ڪرائڻو پوندو آهي، ڇا بيان حلفي جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڪنهن ميمبر جي پارٽي تبديل ڪرائي سگهجي ٿي؟ هي تمام ڏکئي صورتحال آهي. هن چيو ته ان پرائيويٽ ميمبر بل جي ذريعي ان رُول کي قانوني شڪل ڏني وئي. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن اختلافي نوٽ ۾ تمام اهم نقطا اٿاريا آهن ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 51، 106، 62 ۽ 63 کي معطل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي معزز ججن امين الدين خان ۽ نعيم افغان اهو سوال به اٿاريو ته 15 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود تفصيلي فيصلو ناهي آيو. هن چيو ته آئين ۾ واضح آهي ته ڪنهن به سياسي پارٽي کي موجود نمائندگي جي فارمولي تحت مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن ٿيون، سني اتحاد ڪائونسل جو پارليامينٽ ۾ ڪو وجود نه هو جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين پڻ آزاد حيثيت سان اليڪشن وڙهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ميمبر ايم ڊبليو ايم ۾ شموليت اختيار ڪري وٺن ها ته شايد انهن کي مخصوص سيٽون ملي وڃن ها. وفاقي وزير چيو ته هنن اهڙي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن جو وجود ئي نه آهي ۽ چون ٿا ته متناسب نمائندگي جي فارمولي تحت سيٽون ڏنيون وڃن. هن چيو ته هر سياسي پارٽي مخصوص سيٽن جي لاءِ پنهنجي اميدوارن جون لسٽون شيڊيول موجب هڻنديون آهن ته جيئن ووٽرز کي آگاهه ڪري سگهجي ته اسان انهن اميدوارن جي چونڊ ڪئي آهي. هن چيو ته قانوني ماهرن موجب تحريڪ انصاف کي بنا گهرڻ جي ريليف ڏنو ويو ۽ اهڙي ڌر کي ريليف ڏنو ويو جيڪا ريليف گهرڻ به نه آئي هئي. هن چيو ته پارليامينٽ بالادست ادارو آهي، ان کي قانونسازي جو اختيار حاصل آهي، پارليامينٽ هڪ رول کي لاء جي اندر تبديل ڪري ان کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي فيصلي جي ڪري جيڪو قانوني جهول ۽ مسئلا پيدا ٿيا، انهن جو حل تمام ضروري آهي، اسان سمجهون ٿا ته قانوني معاملن ۾ انصاف ٿيڻ گهرجي. بنگلاديش جي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بنگلاديش جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، بنگلاديش جي ماڻهن جي عزم ۽ حوصلا کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ شيخ مجيب کي هيرو مڃيندو هو، هن پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب سان ڪئي هئي ۽ چيو هو ته مون سان اهو ئي ٿي رهيو آهي جيڪو شيخ مجيب سان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ٽيليويزن تي اچي چيو ته اسان جو ليڊر شيخ مجيب وانگر آهي. هن چيو ته جيڪو يوٽرن نه وٺي ته اهو باني چيئرمين پي ٽي آءِ سڏرائي ئي نٿو سگهي، ان جو ڪو دين ايمان نه آهي، پي ٽي آءِ هن ملڪ ۾ شيخ مجيب جو بيانيو ٺاهيو، تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا جي آفيشل اڪائونٽ تان شيخ مجيب کي هيرو ڊڪليئر ڪيو ويو ۽ عمران خان جي ڀيٽ شيخ مجيب سان ڪئي وئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ شيخ حسينه واجد جي حڪومت ۾ ڪجهه شيون هڪ جهڙيون آهن، هو به ٻاهرئين مدد گهرندي هئي ۽ هي به ٻاهرئين مدد گهرندو هو، هن به پنهنجي ملڪ ۾ ڪرپشن ڪئي ۽ هن به 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن ڪئي، انهن ٻنهي ۾ تمام گهڻي هڪ جهڙائي آهي. هن چيو ته شيخ مجيب الرحمان جي هڪ مسجمي کي ڪيرائڻ تي هن پنهنجو بيان بدلائي ڇڏيو آهي، هي اها رجيم هئي جنهن بنگلاديش ۾ ورڇ پيدا ڪئي هئي، باني چيئرمين پي ٽي آءِ به ورڇ پيدا ڪرڻ جو قابل آهي، هي به سمجهي ٿو ته ورڇ سان سياسي فائدو ٿئي ٿو. هن چيو ته قول ۽ فعل جي تضاد ۾ جيڪڏهن پي ايڇ ڊي جي ڊگري هجي ها ته اها يوٽرن جي بادشاهه کي اعزازي طور تي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪهڙو سبب آهي جو باني چيئرمين پي ٽي آءِ ان بيانيي کان انحراف ڪرڻ چاهي ٿو ته شيخ مجيب اڄ سندس هيرو نه آهي. هن چيو ته بي بي سي ڪرپشن جا معاملا رپورٽ ڪري رهي آهي، ڇا توهان جي ڪرپشن جا معاملا ان کان مختلف هئا، توهان به ٻاهرئين مدد چاهيندا هئا، توهان به چاهيندا هئا ته معاشري کي وڌيڪ ورڇ ڪيو وڃي، توهان ۾ ۽ شيخ حسينه واجد ۾ ڪو خاص فرق نه آهي، اڄ توهان شيخ مجيب جي بيانيي کان يوٽرن وٺندا ڇو ته اڄ اهو انهن کي موزون نه آهي، انهن کي جڏهن به موزون لڳندو توهان آمريڪا تي الزام هڻندا ۽ پوءِ چوندا ته فوج مدد ڪري ۽ جڏهن موزون لڳندو ته توهان 9 مئي جا حملا ڪرائيندا. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ هر جڳهه تي يوٽرن وٺندو آهي، هي سدائين لاشن جي ڳولا ۾ رهي ٿو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ پنهنجي ڪيسز جي ڳالهه ڪري ۽ ڪيسز جو جواب ڏي، بئريسٽر گوهر کي گهرجي ته هو جڏهن پنهنجي ليڊر سان ملاقات ڪري ته کيس ٻڌائي ته توهان شيخ مجيب کي توهان هيرو ٺاهي رهيا هئا، هاڻي بيانيو بدلجي ويو آهي. هن چيو ته بار بار قول ۽ فعل ۾ تضاد، منافقت جي سياست، ڪوڙ، الزام بازي، غلط بياني، فريب ۽ مڪر سڀ گڏجي وڃن ته هڪ تحريڪ انصاف ۽ باني چيئرمين پي ٽي آءِ بڻجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بنگلاديش ۾ معاشي حالتن جو مسئلو نه هو، ورڇ، ڪرپشن، نفرت ۽ ڪوٽا سسٽم جو مسئلو هو. هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته بنگلاديش ۾ حالتون معمول تي واپس اچن. هن چيو ته شيخ حسينه واجد کي ٻاهرئين مدد اتان حاصل هئي جنهن اڄ ڪشمير ۾ ظلم ڪري رکيا آهن. هن چيو ته جڏهن شيخ مجيب جو بيانيو ٺاهيو پئي ويو ته خان صاحب کي اهو نه ٻڌايو ويو ته ان جي ڌيءَ ڪٿان مدد گهري رهي آهي. هن چيو ته ننڍي ننڍي سياسي مفادن جي خاطر وڏيون ڇلانگون هنيون وڃن ٿيون ۽ بعد ۾ ان جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. هن چيو ته ڪا سياسي پارٽي يا ليڊر پاڪستان کان وڏو نه آهي، آئون سياسي ڪارڪن آهيان، هڪ سياسي پارٽي جو ميمبر آهيان، منهنجي ايمان جو حصو آهي ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون، ڪڏهن به انه ٿو چوندس ته فلاڻو نه آهي ته پاڪستان نه آهي. جماعت اسلامي سان ڳالهين بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جماعت اسلامي سان خوش اسلوبي سان معاملا اڳتي وڌيا آهن، گذريل ڏينهن جي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي، ڪجهه نقطا انهن کي موڪليا آهن، اڄ ان تي ٻيهر مشاورت ٿيندي، ڪوشش آهي ته اڄ مشاورت کي حتمي شڪل ڏني وڃي. هن چيو ته جماعت اسلامي جو مطالبو اسان جي ايجنڊا آهي، اسان به چاهيون ٿا ته بجلي جا بل گهٽ ٿين، آءِ پي پيز جي معاملن تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 200 يونٽ تائين استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ٽن مهينن جي لاءِ ڏني وئي آهي، اميد آهي جماعت اسلامي سان ڳالهه ٻولهه ۾ سٺي اڳڀرائي ٿيندي، باني پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومت کي ختم ڪرڻ تي ڪڏهن آمريڪا تي الزام هنيو ۽ ڪڏهن فوج تي ۽ پوءِ چيو ته محسن نقوي ان جي حڪومت ڪيرائي، باني پي ٽي آءِ کي ذهني چيڪ اپ جي ضرورت آهي. هن چيو ته شهنشاهه عالي جو فرمان آهي ته جڏهن جي جيل جي سپرنٽينڊنٽ جي ڪمري ۾ موجود فرج مان پاڻي اچي ٿو ته اهو رستي ۾ گرم ٿي وڃي ٿو، کيس ان جي سيل ۾ ذاتي فرج فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ وٽ فرج اچي ويو آهي، سائيڪل به اچي وئي آهي، کاڌو پيتو هلي رهيو آهي، هاڻي پارٽي رهجي وئي آهي، ان جو به مناسب انتظام ڪري ڇڏڻ گهرجي.