اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تاڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بجيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن تي ٽيڪس لڳڻ نه ڏنو، ڪيترن ئي ٽيڪسن کي 45 سيڪڙو مان 35 سيڪڙو تي آندو ويو، ان جي لاءِ کيس ڪافي جدوجهد ڪرڻي پئي، سولر پينلز، ٽيڪسٽ بڪس، پينشنرز، ڀاڻ، زرعي دوائن، چيريٽي اسپتالن ۽ صحت جي اوزارن اسٽنٽس وغيره تي ڪو ٽيڪس ناهي هنيو ويو، پيٽروليم ليوي ۾ گنجائش رکي وئي، ان کي 60 رپين جي سطح تي برقرار رکيو ويو، انڊسٽريل ريليف پئڪيج تحت انڊسٽري کي 38 رپيا في يونٽ بجلي جي فراهمي وڏو تاريخي ريليف آهي، ان سان برآمد ڪندڙن کي تمام گهڻي مدد ملندي، ايڪسپورٽرز تي رڳو منافعي تي ٽيڪس هنيو ويو آهي، جيڪڏهن اهو منافعو ڪمائيندو ته ٽيڪس لاڳو هوندو، گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو جيڪو 32 هزار مان وڌائي 37 هزار ڪيو ويو آهي، شهباز شريف باهمت وزيراعظم آهي، هو ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪرڻ چاهي ٿو، وزيراعظم جو ويزن آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو ۽ ان کانپوءِ ٻيهر اسان کي آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي فريم ورڪ کانسواءِ ڪجهه اهڙا سڌارا آهن جيڪي اسان پاڻ ڪري سگهون ٿا، ماضي ۾ جڏهن شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو ته هن پنجاب روينيو اٿارٽي جو ادارو ٺاهيو جنهن سان پنجاب جي روينيو ۾ اضافو ٿيو. سندس چوڻ هو ته نوان سڌارا متعارف ڪرائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، جڏهن ته حڪومت پنهنجي طور تي پاڻ ڪجهه قدم کنيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عملي طور تي حڪومتي خرچ گهٽ ڪري ڏيکاريا. اطلاعات واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي پريس ڪانفرنس جي حوالي سان چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته 500 ارب رپيا ترقياتي اسڪيمن ۾ ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته اسان جي اڳوڻي ساٿين غلط انگ اکر پيش ڪيا شايد انهن بجيٽ صحيح ناهي پڙهي. هن چيو ته پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) جي تحليل جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، اهو ادارو ڪرپشن جو ذريعو هو ۽ ڪيترين ئي ترقياتي اسڪيمن جا فنڊ ان اداري جي ذريعي خرچ ڪيا ويندا هئا، ان اداري جي تحليل سان ڪيترن ئي سئو ارب رپين جي بچت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته خرچن ۾ گهٽتائي اهڙي طرح ٿيندي آهي ته پي ڊبليو ڊي جهڙن ادارن کي تحليل ڪيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ ڊائون سائيزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ تي ڪميٽي ٺاهي آهي جيڪا ان تي ڪم ڪندي. هن چيو ته حڪومت ڳالهين تي نه عملي قدمن تي يقين رکي ٿي، حڪومت پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم سميت ڪابينا جا ميمبر نه پگهار وٺي رهيا آهن ۽ نه مراعتون، ڪابينا خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سڀ کان پهرين پاڻ مثال قائم ڪيو. هن چيو ته ڪيترائي ادارا ٻين ادارن ۾ ضم ٿيندا جنهن سان خرچن ۾ واضح گهٽتائي ايندي. هن چيو ته پي آءِ جي نجڪاري تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، هن وقت پري ڪواليفائيڊ پوٽينشل بڊرز کي پي آءِ اي جي سائيٽ جو دورو ڪرايو پيو وڃي ۽ پي آءِ اي جا اثاثا ڏيکاريا پيا وڃن. اميد آهي ته آگسٽ تائين اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو. وفاقي وزير چيو ته اسٽيٽ اون انٽرپرائيزز جي نجڪاري ۾ تيزي آئي آهي، شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير جي عهدن تي رهيا آهن، مفتاح اسماعيل جڏهن ناڻي وارو وزير هو ته ان وقت مهانگائي تمام وڌيڪ هئي، اڄ ان ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي جيڪا گذريل سال 38 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ هن سال 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، انهن کي ڊائون سائيزنگ، رائيٽ سائيزنگ، مهانگائي ۾ گهٽتائي جهڙن قدمن کي ساراهڻ گهرجي ها. وفاقي وزير چيو ته ايف بي آر جو هن ڀيري 13 ٽريلين روينيو وصول ڪرڻ جو هدف رکيو ويو هو. وزيراعظم خصوصي دلچسپي وٺندي ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي اداري ڪارانداز جي ذريعي ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جي شروعات ڪئي، مڪينزي ڪارپوريشن ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن تي حڪومت جو هڪ رپيو خرچ نه ٿي رهيو آهي، ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ ڪيترائي سئو ارب رپيا بچايا ويا، ان قدم کي ساراهڻ گهرجي ها. هن چيو ته نجڪاري، ڊيجيٽلائيزيشن، رائيٽ سائيزنگ، ڊائون سائيزنگ اهي قدم آهن جن سان معيشت مثبت رخ ۾ اڳتي وڌندي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم بجيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن تي ٽيڪس لڳڻ نه ڏنو ۽ ان جي لاءِ ان کي ڪافي جدوجهد ڪرڻي پئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي ذاتي ڪوششن سان سولر پينلز، ٽيڪسٽ بڪس، پينشنرز، ڀاڻ، زرعي دوائن، چيريٽي اسپتالن ۽ صحت جي اوزارن تي ڪو ٽيڪس ناهي هنيو ويو. پيٽروليم ليوي ۾ گنجائش رکي وئي جنهن کي 60 رپين جي سطح تي برقرار رکيو ويو آهي، ان ۾ 10 رپين جو اضافو اڃا لاڳو ناهي ڪيو ويو. انڊسٽريل ريليف پئڪيج تحت انڊسٽري کي 38 رپيا في يونٽ بجلي جي فراهمي وڏو تاريخي ريليف آهي، ان انڊسٽريل پئڪيج سان برآمد ڪندڙن کي تمام گهڻي مدد ملندي. هن چيو ته رڳو ايڪسپورٽرز جي منافعي تي ٽيڪس هنيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪو ايڪسپورٽر منافعو نه ڪمائيندو ته ان کي ٽيڪس نه ڏيڻو پوندو، ان کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪري ان کي 32 هزار مان وڌائي 37 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف باهمت وزيراعظم آهي ۽ هو معيشت جو رخ ٺيڪ ڪرڻ چاهي ٿو، هو چاهي ٿو ته قوم خوشحال ۽ خودمختيار هجي. صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان ڏس ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن ۽ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي سان ڳالهه ٿي آهي، ميڊيا ورڪرز ۽ رپورٽرز جي حوالي سان گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو قانون لاڳو هجڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ان جون رهتون آهن ته اهي به ادا ٿيڻ گهرجن. هن ٻڌايو ته پي بي اي ۽ اي پي اين ايس خاطري ڪرائي آهي ته رپورٽرز ۽ ميڊيا ورڪرز جو استحصال نه ٿيندو جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وڌيڪ پگهار وصول ڪندڙن تي ٽيڪس هنيو ويو آهي، هڪ لک رپيا پگهار واري تي 1200 رپين جو ٽيڪس هنيو ويو آهي جنهن جي پگهار هڪ لک رپيا آهي ان کي مجموعي طور تي 2400 رپيا يا 2500 رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جتي ڊائون سائيزنگ، پرائيويٽائيزيشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن ڪري رهي آهي، اتي حڪومت اهي قدم به کڻي رهي آهي، وزيراعظم جو ويزن آهي ته ملڪ جي معيشت کي صحيح رخ ۾ آندو وڃي، هن وقت اسان جو واپاري خسارو گهٽ ٿيو آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا جيڪي عمران خان جي دور ۾ رڳو 15 ڏينهن جا هئا، هاڻي ٻن مهينن جي لاءِ موجود آهن، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب کان وڌي ويا آهن، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ روزانو جي بنياد تي تيزي ڏٺي پئي وڃي، جيڪا ان ڳالهه جي دليل آهي ته بجيٽ معيشت جي استحڪام طرف مثبت قدم آهي. هن چيو ته بزنس ڪميونٽي ۽ واپارين بجيٽ کي قبول ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو ۽ ان کانپوءِ آءِ ايم ايف وٽ ٻيهر نه وڃڻو پوندو. هن چيو ته معيشت جي بحالي ۽ ترقي جي لاءِ جيڪو ممڪن ٿيو قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير چيو ته عوام کي نان فائيلر کان فائيلر بڻجڻو پوندو، ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ضروري آهي، اها روش ختم ڪرڻي پوندي ته ٽيڪس ادا نه ڪندڙن جو بار ٽيڪس ادا ڪندڙ کڻن. هن چيو ته فائيلز جي انگ ۾ اضافي سان ٽيڪس بيس وڌندو، ايندڙ مهينن ۾ معيشت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته اشرافيه تي ٽيڪس هنيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ وڏا فارم هائوسز ۽ پراپرٽيز موجود آهن، وزيراعظم ضروري سمجهيو ته فارم هائوسز ۽ وڏن گهرن تي ٽيڪس هنيو وڃي، اسلام آباد ۾ سئو ارب رپيا ماليت تائين جا گهر موجود آهن، جيڪو شخص اهڙو گهر خريد ڪرڻ جي حيثيت رکي ٿو ان کي ٽيڪس به انهي حساب سان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته وقت سان گڏوگڏ جتي جتي فسڪل اسپيس دستياب هوندو، ريليف ڏنو ويندو. هن چيو ته معيشت جي بهتري سڀئي چاهين ٿا پر ٽيڪس جي ادائيگي ڪير به نه ٿو چاهي، فائيلرز جي انگ ۾ اضافو ٿيندو ته ٽيڪس بيس وڌندو ۽ ٽيڪس بيس وڌڻ سان ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن ٿيندي جنهن سان ٽيڪس ڪليڪشن جو موثر نظام ٺهندو ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته واپاري خسارو گهٽ ٿيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي رڪارڊ ٿي آهي، مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي وڌائڻ ۾ وفاقي حڪومت سبقت حاصل آهي، سمورن پرائيويٽ ادارن کي درخواست آهي ته اهي ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. هن چيو ته بجيٽ ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، پينشنرز تي ڪو ٽيڪس ناهي هنيو ويو. هن چيو ته اڄ اسان جي ٻن دوستن ڳالهه ڪئي انهن جي خدمت ۾ به گذارش آهي ته توهان جو ان کان اڳ به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ وڏو مثبت ڪردار رهيو آهي، توهان کي حڪومت جي سٺي قدمن کي ساراهڻ گهرجي ها. هن چيو ته سياسي پارٽي ٺاهڻ انهن جو حق آهي پر انهن کي اعتراض ڪهڙي ڳالهه تي آهي، ڇا انهن کي ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي اعتراض آهي يا پي آءِ اي جي نجڪاري تي، ڇا انهن کي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي تي اعتراض آهي؟ يا سولر پينلز، ميڊيڪل اوزارن تي ٽيڪس نه لڳڻ تي؟ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن آهي ته ملڪ ۾ وچولي طبقي جي سپورٽ ڪئي وڃي، اشرافيه تي ٽيڪس هنيو وڃي، ان طرف اسان وڌي رهيا آهيون، ٽيڪس نيٽ کي موثر ۽ وسيع بڻايو پيو وڃي، جيڪا ڇوٽ ڏني وئي آهي اها وڏي سوچي سمجهي ڏني وئي آهي. اسان سمجهون ٿا ته تمام جلد معيشت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي جهڙي طرح حڪومت ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو اهڙي طرح معيشت بهتر ٿيندي ۽ پاڪستان خودمختيار ۽ ترقي يافته ملڪ بڻجندو. وفاقي وزير چيو ته ٽيڪس ڏيڻ هر پاڪستاني تي لازمي آهي، جن طبقن تي ٽيڪس هنيو ويو آهي اهي ٽيڪس جي ادائيگي ڪن، ان جي لاءِ موثر نظام جوڙيو ويو آهي، ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اشرافيه تي وڌيڪ ٽيڪس لڳي ۽ غريب عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافي تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ۾ ڪرپشن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي، انهن جي پرائيويٽائيزيشن جي حوالي سان ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي، انهن جي بورڊز کي تحليل ڪيو ويندو ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز مان بورڊ ٺاهيا ويندا جن ۾ ماهر انجنيئرز ۽ ٽيڪنيشنز کي آندو ويندو. ان کانپوءِ ئي ڊسڪوز منافعو ڏيندڙ ادارا بڻجندا. توانائي وارو وفاقي وزير بجلي جي بلن ۽ توانائي بابت سڀاڻي تفصيلي بريفنگ ڏيندو. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي پارٽي جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن، انهن جيلون به ڪاٽيون آهن، انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا پر نواز شريف ۽ شهباز شريف سدائين وضع داري جو مظاهرو ڪيو ۽ انهن کي سدائين عزت ۽ احترام ڏنو. هن چيو ته سياسي پارٽي ٺاهڻ هر هڪ جو حق آهي پر حقيقتن کي مسخ ڪرڻ حق نه آهي، اڄ حقيقتن کي مسخ ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته 500 ارب رپيا قومي اسيمبلي ميمبرن کي ترقياتي فنڊز ڏنا ويا آهن. هن چيو ته پي ڊبليو ڊي جي تحليل، پي آءِ اي جي نجڪاري، ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن جهڙن قدمن کي ساراهڻ گهرجي ها. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سال حالتون تمام مشڪل هيون، هن سال مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، فيول پرائيس ۾ گذريل مهيني ۾ 30 کان 35 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي، اهو عالمي مارڪيٽ سان واڳيل آهي، مهانگائي جو تمام وڏو لنڪ رپئي جي استحڪام سان آهي، ڪرنسي جيتري ڊي ويليو ٿيندي ايتري مهانگائي وڌندي. گذريل دور ۾ رپئي جي قدر ۾ عدم استحڪام سان تمام وڏو نقصان ٿي رهيو هو، پي ڊي ايم دور ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي سطح مستحڪم رهي. اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا ويا. هن چيو ته اڄ به اسمگلنگ جي روڪٿام جي مهم جاري آهي، ان جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچي رهيا آهن. هن چيو ته اهو واضح آهي ته ٽيڪس ڏيڻ قومي خدمت ۾ شامل آهي، ٽيڪس جي ادائيگي ٿيندي ته معيشت اڳتي وڌندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان قابل احترام سياستدان آهي، اليڪشن جي حوالي سان جيڪڏهن سندس خدشا آهن ته اليڪشن ٽربيونلز ۽ قانون موجود آهن. هن چيو ته سياست ۾ ڳالهيون ۽ پارليامينٽ جي ذريعي ڳالهه ٻولهه سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. هن وقت ملڪ ۾ عام چونڊن جي نه گنجائش آهي نه جواز، چونڊون 2029ع ۾ پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪفايت شعاري تي مڪمل طور تي ڪاربند آهي، ڪفايت شعاري ان جي سدائين پاليسي رهي آهي، ڪفايت شعاري سان سٺو پيغام وڃي ٿو. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافي ۽ اشرافيه تي ٽيڪس منتقل ٿيڻ سان تمام وڏو فرق پيو آهي. هن چيو ته اها سوچ ۽ نيت آهي ته ٽيڪس ڏيڻو آهي ته سڀني کي ڏيڻو آهي، پوري دنيا ۾ ڪاروباري طبقو ٽيڪس ادا ڪري ٿو، اسان جي ملڪ ۾ ان جي وڌيڪ ضرورت آهي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ جي شعبي تي لاڳو ٽيڪس تي اعتراض ڪيو وڃي ٿو پر ان شعبي ۾ ڪيش جي سرڪيوليشن تمام وڌيڪ آهي، ان جي لاءِ ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ ٽيڪس هنيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افهام تفهيم سان معاملا حل ٿيڻ گهرجن ۽ اتحاد ۽ اتفاق کي برقرار رهڻ گهرجي.