اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان اسلام آباد ۾ عالمي معيار جو قائداعظم هيلٿ ٽاور تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪندي قومي صحت واري وزارت جي ماتحت ليبارٽريز جي معيار ۽ ڪارڪردگي، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۽ اسلام آباد جي اسپتالن جي لاءِ نون طبي اوزارن ۽ ايمبولينسز جي خريداري جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي صحت واري وزارت جي معاملن بابت اهم جائزه اجلاس اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته صحت جو شعبو هڪ انتهائي اهم ۽ حساس شعبو آهي جنهن جي ذمي انساني جانيون بچائڻ جو اهم فرض آهي. وزيراعظم اسلام اباد ۾ عالمي معيار جو قائداعظم هيلٿ ٽاور تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪندي هيلٿ ٽاور جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته هيلٿ ٽاور ۾ بهترين معيار جي اسپتالن کانسواءِ ميڊيڪل يونيورسٽي، نرسنگ يونيورسٽي، جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ليبارٽريز ۽ مرضن جي تشخيص جا مرڪز قائم ڪيا وڃن. وزيراعظم ملڪ ۾ پوليو جا نوان ڪيسز سامهون اچڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سمورن ملڪي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ۽ حصيدارن جي مدد سان ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم قومي صحت واري وزارت جي تحت ليبارٽريز جي معيار ۽ ڪارڪردگي جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. هن قومي صحت واري وزارت ۽ ان سان واڳيل ادارن ۾ بهترين صلاحيت جي هيلٿ پروفيشنلز جي مقرري جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ ۽ ڊرگ پراسيسنگ کي ڊريپ کان جدا ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اسلام آباد جي سمورين سرڪاري اسپتالن جي هيومن ريسورس آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن سڄي ملڪ جي نرسنگ اسڪولز ۽ ڪاليجز جي پڻ آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي صحت جي حوالي سان معاملن جي پاڻ نگراني ڪندس. وزيراعظم اسلام آباد جي اسپتالن جو گن ڪچرو پراسيس ڪندڙ پلانٽس جي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ ۽ انهن پلانٽس کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي قومي صحت واري وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل بلڊ ٽرانسفيوزن اينڊ بلڊ پراڊڪٽس پاليسي جلد آندي پئي وڃي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته نرسنگ ۽ مڊ وائفري جي حوالي سان قومي پاليسي فريم ورڪ تي ڪم حتمي مرحلن ۾ آهي، نرسنگ گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نرسنگ ڪاليجز ۾ شام جون ڪلاسز جاري ڪيون وينديون. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آبادي ۾ تيزي سان اضافي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان نظرثاني ٿيل سال 30 – 2025ع بابت قومي ايڪشن پلان تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي اسپتالن جي لاءِ 711 ملين رپين جا نوان طبي اوزار ۽ ايمبولينسز خريد ڪيون ويون آهن. وزيراعظم اسلام آباد جي اسپتالن جي لاءِ نئين طبي اوزارن ۽ ايمبولينسز جي خريداري جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي اسپتالن ۾ جديد هاسپيٽل مئنيجمينٽ سسٽم لڳايو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي 5 سرڪاري ۽ چار نجي اسپتالن ۾ گند ڪچرو تلف ڪرڻ جا پلانٽس ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ انسولين جي تياري جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، ملڪ ۾ مختلف ويڪسينز جي تياري ۾ اضافو ڪيو ويندو، پلازمه فريڪشنيشن جا مرڪز ۽ فارما پارڪ قائم ڪيا ويندا. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪوئيٽا جي ٽرشري ڪيئر اسپتالن ۾ مشينري ۽ اوزار مهيا ڪيا ويندا. موسيٰ خيل ۾ 50 بسترن تي ٻڌل سرڪاري اسپتال ٺاهي ويندي، آزاد ڪشمير ۾ ٽرشري ڪيئر اسپتال ٺاهي ويندي ۽ هڪ نئين تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال قائم ٿيندي. گلگت بلتستان ۾ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۽ دانش اسپتال ٺاهي ويندي. اجلاس کي شاهه سلمان اسپتال جي تعمير تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.