برن _ 12 جون (اي پي پي ) بيلجيئم جي ٿيبائونائس ٽورڊي سوئس سائيڪل ريس جو ٽيون مرحلو کٽي ورتو. ٽورڊي سوئس سائيڪل ريس ۾ اها سندس پهرين فتح آهي. برطانوي سائيڪلسٽ اسٽيفن وليمز ريس ۾ ٻين ۽ اٽالين سائيڪل سوار البرٽو بيٽيول ٽين نمبر ري رهيو. ٽورڊي سوئس سائيڪلنگ ريس جا دلچسپ مقابلا سوئٽزرلينڊ ۾ جاري آهن. ريس جو ٽيون مرحلو اسٽينمور کان رسچليڪون تائين 161.7 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ٻڌل هو جنهن کي 21 سالن جي بيلجيئم جي سائيڪل سوار ٿيبائو شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي گهربل فاصلو 3 ڪلاڪ 27 منٽن ۽ 31 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پوزيشن حاصل ڪري ورتي. اها سندس ريس جي پهرين فتح آهي. برطانوي سائيڪلسٽ اسٽيفن وليمز ريس ۾ ٻين ۽ اٽالين سائيڪل سوار البرٽو بيٽيول ٽين نمبر تي رهيو.