اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان چين جي تجربن مان فائدو کڻندي روانگي واپار ۾ اضافي جو خواهشمند آهي، سي پيڪ اعليٰ معيار جي ترقي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي کي فروغ مليو آهي، چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پاڪستاني ڪمپنين سان گڏجي گڏيل منصوبا ٺاهين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رواني ٿيڻ کان اڳ شنهوا نيوز ايجنسي، نيشنل براڊڪاسٽر سي سي ٽي وي ۽ سي جي ٽي اين اردو سميت مختلف چيني ميڊيا گروپس جي نمائندن سان هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين جي گڏيل فائدي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ چين جي ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻايو ويندو، اسان سنجيده منصوبن سان چين وڃي رهيا آهيون، اتي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿيندي جنهن سان چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين کي فائدو ٿيندو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هماليه يا ڪنهن به ٻي بلند ترين چوٽيءَ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بلند ۽ گهري سمنڊ کان وڌيڪ گهرا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته هن دوري جي ذريعي پاڪستان ٻنهي ملڪن جيڪمپنين جي وچ ۾ رابطن جي فروغ، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن جي قيام ۽ گڏيل منصوبن جي ذريعي پاڪستان جي افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ، صنعتن ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ سهولت، پاڪستان جي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي جي اميد آهي. ان کانسواءِ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي به اپ گريڊ ڪيو ويندو. وزيراعظم ڍانچاجاتي ۽ اداراجاتي سڌارن، خرچن ۾ گهٽتائي، صنعتن جي فروغ ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ جي ذريعي قومي معيشت ۾ بهتري آڻڻ جي حڪومتي ترجيحن جون ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان چين جي تجربن مان سکڻ چاهي ٿو ۽ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ان سلسلي ۾ پهريون اقتصادي زون پاڪستان اسٽيل ملز ۾ قائم ڪيو ويندو جنهن کي اڳ ۾ ئي ريل نيٽ ورڪ سان ڳنڍيو ويو آهي ۽ اهو بندرگاهه جي ويجهو آهي. هن چيني صوبن ۽ ڪمپنين کي دعوت ڏني ته اهي خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪن ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستاني ڪمپنين سان گڏيل منصوبا شروع ڪن. هن چيني ٽيڪسٽائيل شعبي کي پاڪستان ۾ پنهنجا يونٽس قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته چين جي دوري دوران هو هواوي ڪمپني کي پڻ قائل ڪندو ته اها انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ مختصر مدي جا ڪورسز شروع ڪري ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار پاڻ شروع ڪري سگهن ۽ نار ملڪن جي لاءِ پنهنجون خدمتون مهيا ڪن ۽ پاڪستان ۾ واپس پرڏيهي ناڻو موڪلين. هن چيو ته پاڪستان چين جي زرعي ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي زرعي پيداوار ۽ ان جي روانگي واپار کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن ۽ اسان جي دوستي لازوال آهي ۽ اسان جي دل هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪي ٿي. هن مشڪل ترين وقت ۾ چين پاران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان چين کي سڄي دنيا ۾ پنهنجو سڀ کان اعتماد جوڳو دوست سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ون چائنا اصول تي مضبوطي سان قائم آهي ۽ اهو عزم سدائين مضبوط رهندو. چين جي ترقي بابت وزيراعظم چيو ته اڄ چين ويزن، سخت محنت ۽ اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري هڪ عظيم قوت بڻجي چڪو آهي، چيني ماڊل بابت سمورن شڪ شبهن کي تاريخ جي ثبوتن غلط ثابت ڪيو آهي. پنهنجي چونڊ کانپوءِ چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪباد جي پيغام جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي دوستي جي عڪاسي ٿئي ٿي جيڪا اسان جي ذهنن ۾ سدائين زندهه رهندي. هن چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت کي ساراهيو جنهن لکين چيني عوام کي غربت مان ڪڍيو ۽ هن دوري دوران اهو غربت جي خاتمي جي چيني ماڊل مان سکڻ چاهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي حڪمراني جي تجربي، بنيادي سڌارن، بدعنواني جي خاتمي، چيني سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ ڪارائتيون پاليسيون متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان چين جي تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته 2013ع ۾ ان جي شروعات کانپوءِ کان ملندڙ ڪاميابيون سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته توانائي جي صاف ۽ بهتر بنيادي ڍانچي جي حوالي سان تيز تر ۽ مفيد چرپر جي نيٽ ورڪ جي نتيجي ۾ سي پيڪ سان پاڪستان جي لاءِ وسيع تر ترقي جا موقعا پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته سي پيڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ اعليٰ معيار جي ترقي جي هڪ نئين مرحلي ۾ ٻئي ملڪ زراعت، کاڻين جي کوٽائي، روشني جي صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن. چين جي تعاون سان پاڪستان جي پهرين سيٽلائيٽ ۽ ملٽي مشن ڪميونيڪشن سيٽلائيٽ جي لانچنگ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون پاڪستان جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي کي فروغ ڏنو آهي. هن چيو ته ملٽي مشن ڪميونيڪشن سيٽلائيٽ سان پاڪستان جو موجوده ڊيجيٽل ماحول تبديل ٿيڻ جي اميد آهي، پوري ملڪ جي لاءِ تيز رفتار انٽرنيٽ سهولتون فراهم ٿينديون، ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿيندو ۽ اي ڪامرس ۽ آن لائين حڪومتي معاملن ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ملندو.