مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) 5 ارب ڊالر خرچ ٿيڻ کانپوءِ نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي ڊيزائن ۾ نقص ظاهر ٿيڻ بعد وزيراعظم محمد شهباز شريف پراجيڪٽ جي ڊيزائن ۾ نقص ۽ ذميواري جي تعين جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان کان وڏي بدقسمتي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته اربين ڊالر خرچ ڪري منصوبو مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان ۾ ڊيزائن جا نقص سامهون اچي وڃن، عوامي ڀلائي جي منصوبي ۾ خرابي يا دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿي ڪري سگهجي، اپريل ۾ پيدا ٿيندڙ خرابي کي ختم ڪيو وڃي، گذريل سال جي واقعي جي حتمي رپورٽ هن ئي مهيني پيش ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ملڪ جا اٽڪل 5 ارب ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن، ان جو شروعاتي ڪاٿو 840 ملين ڊالر هو جيڪو وڌي 5 ارب ڊالر تائين وڃي پهتو ۽ گڏوگڏ وقت به ضايع ٿيو، ان منصوبي تي في ميگاواٽ لاڳت 4 کان ساڍا چار ملين ڊالر آهي، گذريل ڪجهه سالن ۾ ساڍا ٽي هزار ميگاواٽ جا ايل اين جي جا چار منصوبا لڳايا ويا، 5 ارب ڊالر ۾ ايل اين جي جا ٻيڻا منصوبا به لڳائجي پئي سگهيا. وزيراعظم چيو ته نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ جو شمار پاڪستان ۾ توانائي جي وڏن منصوبن ۾ ٿئي ٿو، اهو پن بجلي جو هڪ وڏو منصوبو آهي ۽ ان ۾ خرابي پيدا ٿيڻ جو ٻيو واقعو پيش آيو آهي، ان کان اڳ جولاءِ 2023ع ۾ خرابي پيدا ٿي هئي، ان جي انڪوائري رپورٽ کي اڃا تائين حتمي شڪل نه ڏئي سگهجي، اهو به هڪ چئلينج آهي، منصوبي ۾ خرابي جي سببن ۽ ذميواري جو تعين ٿيڻ گهرجي ها، سستي بجلي جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وقت جي واپڊا چيئرمين ۽ پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته انهن ڏينهن رات هڪ ڪري ان منصوبي سان پيداوار جي ٻيهر شروعات ڪرائي پر اپريل 2024ع ۾ اهو منصوبو ٻيهر خرابي جو شڪار ٿيو. وزيراعظم چيو ته منصوبن ۾ دير قوم سان زيادتي آهي، ان کان وڏي بدقسمتي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته اربين ڊالر خرچ ڪري منصوبو مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان ۾ ڊيزائن جا نقص سامهون اچي وڃن، ڇا ايترو وڏو منصوبو جڏهن لڳي رهيو هو ۽ ان جي ڊيزائن ٺاهي پئي وئي ته ان جي ۽ ڪنٽريڪٽرز جي ٿرڊ پارٽي تصديق ڪرائي وئي؟ ارضياتي خطرن کي سامهون رکي ڊيزائن ٺاهڻ گهرجي ها ۽ احتياط ڪرڻ گهرجي ها. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي جي حوالي سان آءِ پي او جي جيڪا هڪ عبوري رپورٽ آئي آهي ان حوالي سان هلندڙ مهيني هڪ حتمي رپورٽ تيار ڪرڻ گهرجي، ڊيزائنر، ڪنٽريڪٽرز ۽ جيڪو به ذميوار آهي ان جي ذميواري جو تعين ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته عوامي ڀلائي جي منصوبي ۾ خرابي يا دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي، هڪ ڪابينا ڪميٽي پڻ جوڙي پئي وڃي جنهن ۾ ماهر به شامل ڪيا ويندا جيڪا ذميواري جو تعين ڪندي، دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي منصوبا لڳايا ويا آهن جتي چئلينج هوندا آهن اتي اهڙي طرح جي مهارت پڻ ڏٺي وڃي ٿي، انهن ئي انڪوائري ڪيئن ڪرائي سگهجي ٿي جن ان خرابي کي روڪڻ جي لاءِ ڪردار ادا نه ڪيو، اها پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام سان زيادتي آهي، جيڪڏهن غلطي ٿي آهي ۽ ڪنهن زيادتي ڪئي آهي ته ان کي ان جو هرجاڻو ادا ڪرڻو پوندو، اها قوم جي امانت آهي ان جو جواب اسان کي قوم کي ڏيڻو آهي، واپڊا چيئرمين هن ئي مهيني رپورٽ کي حتمي شڪل ڏئي پيش ڪري، هيڊ ٽنل ۾ خرابي ختم ڪرڻ جي لاءِ 10 بدران 12 ڏينهن وٺو پر ان خرابي کي ختم ٿيڻ گهرجي، نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻي خرابي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ پڻ جاچ ڪرائي وڃي، ان ۾ هاڻي دير نه ٿيڻ گهرجي.