اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ مذهب، ثقافت، تهذيب ۽ پاڙيسريت جي رشتن ۾ ٻڌل آهن، وقت اچي ويو آهي ته ايران پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي، اسان جي سرحدن تي ترقي ۽ خوشحالي جا مينار قائم ٿين ۽ انهن کي ڪاروبار، خوشحالي ۽ نظر ايندڙ ترقي ۾ تبديل ڪريون، گڏيل قومن ۽ عالمي دنيا کي غزه ۾ انسانيت سوز ظلمن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۽ ايران سدائين ڪشميري ۽ فلسطينين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي. ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايراني صدر ڀائر ملڪ ايران مان پهريون مهمان آهي جيڪو اسان جي حڪومت کانپوءِ بطور صدر، پاڪستان جو پهريون دورو ڪري رهيو آهي، اها اسان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ مذهب، ثقافت ۽ تهذيب جي رشتن، سفارتي، سيڙپڪاري، سيڪيورٽي لاڳاپن تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته ايران جا پاڪستان سان لاڳاپا صديون پراڻا آهن، پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جا ايرانين سان ويجها لاڳاپا هئا، ان تعلق کي اسان کي اڄ ترقي ۽ خوشحالي ۽ گڏيل محبت ۽ ٻنهي ملڪن جي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻو آهي، 1947ع ۾ ايران پاڪستان کي تسليم ڪندڙ ملڪن ۾ سرفهرست هو. وزيراعظم چيو ته ايران جا شهر تهران ۽ مشهد تمام خوبصورت آهن. هن ايراني صدر کي مخاطب ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ اسان جو شاعر علامه اقبال توهان جي انقلابي جذبن کي جلا بخشي ٿو ته حافظ خيام کانسواءِ اسان جي سوچ جي ڌارا به مڪمل نه آهي. 2009ع ۾ ايران جي دوري جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ان وقت اتي اقبال چيئر قائم ٿي، پوءِ پنجاب ۾ فردوسي چيئر قائم ٿي، لاهور جوهر ٽائون جي اهم شاهراهه کي فردوسي سان منسوب ڪيو وي هو. هن چيو ته ايراني صدر جي مدبراڻي قيادت ۾ ايران وڏي ترقي ڪئي آهي، وقت اچي ويو آهي ته ايران پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي، اسان جي سرحدن تي ترقي ۽ خوشحالي جا مينار قائم ٿين ۽ انهن کي ڪاروبار، خوشحالي ۽ نظر ايندڙ ترقي ۾ تبديل ڪريون، اڄ جو ڏينهن اهو موقعو فراهم ڪري رهيو آهي ته ان پاڙيسريت ۽ پنهنجي دوستي کي ترقي ۽ خوشحالي جي سمنڊ ۾ بدلايون. هن چيو ته اڄ اسان اقتصادي ترقي ۽ رابطن جي حوالي سان جيڪي فيصلا ڪيا آهن اهي منظرعام تي اچي ويندا. هن چيو ته غزه جي مسلمانن تي ظلم جي پهاڙ ٽوڙيا پيا وڃن، ان تي ايران پنهنجو ڀرپور ۽ ٺوس موقف اختيار ڪيو آهي، پاڪستان ان سلسلي ۾ غزه جي مسلمانن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي، اهڙن ظلمن جو مثال نه ٿو ملي، ٻارن ۽ عورتن سميت 35 هزار ماڻهو شهيد ڪيا ويا آهن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غزه ۾ جنگبندي جي قرارداد جيڪا مشڪل سان منظور ٿي ان تي عملدرآند نه ڪري ان جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن ۽ عالمي برادري خاموش تماشائي آهي، اسلامي ملڪن کي او آءِ سي جي پليٽ فارم تان گڏجي پنهنجو آواز اٿارڻ گهرجي ته جيئن غزه ۾ مڪمل جنگبندي ۽ انهن کي حق نه ٿا ملن. هن چيو ته ڪشمير ۾ به ڀارتي ظلم جاري آهن، ايران سدائين ڪشميرين جي حق ۾ آواز اٿاريو، ڪشميرين کي ضرور انهن جو بنيادي حق ملندو. وزيراعظم ايراني صدر ۽ وفد جي پاڪستان جي دوري تي سندن ٿورا مڃيا، ان دوري جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت جا ڀرپور استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان جي سرزمين اسان جي لاءِ قابل احترام آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي ايران جي سپريم ليڊر پاران سلام پيش ڪريون ٿا جنهن سدائين اسلامي قدرن جي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ سدائين فلسطين ۽ غزه جي عوام جي حقن جي حمايت ڪئي. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي صيهوني فورسز پاران نسل ڪشيءَ جو خاتمو ضروري آهي، گڏيل قومن ۽ اولهه جي مدد اسرائيلي صيهوني فورسز پاران غزه ۽ فلسطين ۾ نسل ڪشي، ٻارن جي قتلام کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪرڻ جي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي موقف کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پاڪستان سدائين فلسطين جي حق ۽ انصاف جي لاءِ آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙ ٻين عالمي طاقتن کي غزه جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، پاڪستان ۽ ايران جي عوام انهن انساني حقن جي خلاف ورزين تي پوري دنيا ۾ آواز اٿاري رهيا آهن. هن چيو ته فلسطينين جي جدوجهد هڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ٿيندي. ايراني صدر چيو ته ڀائر پاڙيسري ۽ دوست ملڪ پاڪستان سان اسان جا لاڳاپا صرف پاڙيسريت تائين محدود آهن پر اهي تهذيب، ثقافت ۽ مذهب سان ڳنڍيل آهن جن کي ڪير جدا نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۽ عالمي دنيا کي فلسطين جي معصوم عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻو پوندو، القدس شريف جي آزادي جي لاءِ سدائين آواز بلند ڪرڻ تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. ايراني صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ وڏا موقعا موجود آهن، اڄ جي ملاقات ۾ سياسي، سفارتي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هر ممڪن حد تائين وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن، ان جنگ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، منظم ڏوهن، منشيات جي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو ٻنهي ملڪن جي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان ۽ ايران جي وچ م ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي انساني حقن جي حوالي سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. ايران جي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جو ڪاٿو تمام گهٽ آهي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ واپاري ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان جون سرحدون گڏيل ۽ ٻئي ملڪ گڏيل مذهب سان ڳنڍيل آهن، اسان ڪجهه بارڊر مارڪيٽس قائم ڪيون آهن، ڪجهه قدم کنيا آهن جڏهن ته اهي قدم ناڪافي آهن، وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ايراني صدر چيو ته ايران جي بهادر عوام غيرقانوني پابندين کي موقعن ۾ تبديل ڪيو آهي جنهن سان ايران ۾ قابل فخر ترقي ۽ خوشحالي آئي آهي، ايران جي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو.