اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿر جي ڪوئلي جي پاور پلانٽس تائين پهچ جي لاءِ ريلوي لائين تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چئلينجز کي موقعن ۾ بدلائڻ جي لاءِ غيرملڪي سيڙپڪاري جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي، وفاقي وزارتن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جدت ۽ تحقيق جي لاءِ خصوصي سيلز قائم ڪيا ويندا، سموريون وزارتون نار ملڪن سان پنهنجي لاڳاپيل مفاهمتي ياداشتن تي اڳڀرائي جي حوالي سان انهن ملڪن سان پنهنجي رابطن ۾ وڌيڪ بهتري آڻين، مظفر ڳڙهه، ليه ۽ جهنگ جي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سموريون ضروري گهرجون پوريون ڪيون وڃن، ريڪوڊڪ سان گوادر بندرگاهه تائين ريلوي ڪنيڪٽيوٽي جي لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ڪرائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت نار ملڪن سان معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته چئلينجز کي موقعن ۾ بدلائڻ جي لاءِ غيرملڪي سيڙپڪاري جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزارتن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جدت ۽ تحقيق جي لاءِ خصوصي سيلز قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙا منصوبا جيڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا انهن جي فزيبلٽي اسٽڊي ڪرائي وڃي ۽ ان حوالي سان عالمي شهرت رکندڙ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. هن تاڪيد ڪئي ته جيڪي منصوبا سيڙپڪاري جي لاءِ پيش ڪيا وڃن انهن جي معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورين وزارتن کي نار ملڪن سان پنهنجي لاڳاپيل مفاهمتي يادااشتن تي اڳڀرائي جي حوالي سان انهن ملڪن سان پنهنجي رابطن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٿر جي ڪوئلي جي پاور پلانٽس تائين پهچ جي لاءِ ريلوي لائين تي ڪم شروع ڪيو وڃي ۽ مظفر ڳڙهه، ليه ۽ جهنگ جي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان سموريون ضروري گهرجون پوريون ڪيون وڃن. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم پاران ريڪوڊڪ سان گوادر بندرگاهه تائين ريلوي ڪنيڪٽيوٽي جي لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ڪرائڻ جو پڻ چيو ويو. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته چنيوٽ آئرن ۽ منصوبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته گوادر پورٽ جي ڊريجنگ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن کانپوءِ هاڻي اتي وڏا سامونڊي جهاز لنگرانداز ٿي سگهن ٿا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نار ملڪن سان توانائي خاص طور تي قابل تجديد توانائي، آئل ريفائننگ، کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، بئنڪنگ اينڊ فنانشل سروسز، لاجسٽڪس، واٽر سپلائي ۽ ويسٽ مئنيجمينٽ جي شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري متوقع آهي. اجلاس ۾ ساموندي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، قومي اسيمبلي ميمبر بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.