اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چونڊون نه ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، عوام جي تڪليفن جو پتو آهي، مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس نظام ۾ بهتري سان عوام کي ريليف ملندو، پارليامينٽ ميمبرن، وزيرن ۽ وزيراعظم جون پگهارون گهٽ آهن، گهٽ ۾ گهٽ پگهار به گهٽ آهي، پارليامينٽ ميمبرن جون پگهارون سپريم ڪورٽ جي جج جي برابر هجڻ گهرجن ته جيئن پارليامينٽ ميمبر پارلياماني ڪارروائي ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺي سگهن، چونڊن جي نتيجي ۾ ٺهندڙ حڪومت کي اقتدار منتقل ڪري ڇڏينداسين، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلي بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪندس، نواز شريف جي وطن واپسي ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي، ان جو معاملو عدالت ۾ هجڻ تي عدالتون ئي ان تي فيصلو ڪنديون، انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي، ڀاڻ، کنڊ سميت ٻين ضرورت جي شين جي اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ مدد ملي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن جي ڏس ۾ پيٽرول جي قيمتن جو تعين ڪيو وڃي ٿو، بدقسمتي سان عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ اهو وڏو چئلينج آهي، عوامي احتجاج بابت ميڊيا جي هڪ حصي منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، جيڪا ڳالهه چئي نه وئي هجي اها تهمت ۽ صحافتي بدديانتي جي زمري ۾ اچي ٿي، اميد آهي ته ميڊيا ۾ به اخلاقيات ۽ ضابطه اخلاق تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته خراب ٽيڪس نظام جي ڪري عوام کي مشڪلاتون درپيش آهن، اسان کي پنهنجي ٽيڪس نظام ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا ناهن ڪيا ويا، انتظامي قدمن جي ڪري رپيو مستحڪم ٿيو آهي، اهو اسان سڀني جو ڪريڊٽ آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جو نظام ٻين ادارن جي مقابلي ۾ مضبوط آهي، آرمي چيف آئين جي عملداري جو ڀرپور حامي آهي، سويلين ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري تي ڌيان آهي. هن چيو ته واپاري برادري کي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار بابت تحفظ جا خواهشمند آهيون ته جيئن انهن کي سازگار ۽ ڪاروبار دوست ماحول ملي. هن چيو ته رياست جي مفاد ۾ ڪڏهن ڪڏهن مشڪل ۽ تلخ فيصلا ڪرڻا پون ٿا، اها منصب جي گهرج هوندي آهي، عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، عوام ڪارڪردگي جي بنياد تي پنهنجا نمائندا چونڊي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هو ان شخص کي ووٽ ڏيندو جنهن وٽ معاشي بحالي جو منصوبو هوندو. هن چيو ته چونڊون نه ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان پوري تياري ڪري رهي آهي ۽ آئين موجب قدم کڻي رهي آهي، فنڊز ۽ سيڪيورٽي جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ ان ذميواري کي پورو ڪنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته آئيني طريقيڪار تحت موجوده نگران حڪومت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ مشاورت سان جوڙي، جنهن ڏينهن نئين حڪومت قائم ٿيندي ان وقت اقتدار نئين چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين، چونڊن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو آئيني اختيار آهي، هو ان حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته بلاول ڀٽو زرداري نگران حڪومت جي حوالي سان بيان ناهي ڏنو، سياسي بيان بازي جدا شيءَ آهي، 18 هين ترميم ۾ نگران حڪومتن جي لاءِ آئيني طريقيڪار جوڙيو ويو جنهن تحت هي نگران حڪومت وجود ۾ آئي. نگران وزيراعظم چيو ته غلط رپورٽنگ ۽ هتڪ عزت تي ڪنهن قانون تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي، منهنجو نيب ۾ ڪو ڪيس نه آهي، نيب انڪوائري هئي جيڪا بند ٿي چڪي آهي، ان ۾ منهنجا ڪي اثاثا سامهون نه آيا. هن چيو ته منهنجي ڪنهن اين جي او سان ڪا ڏيتي ليتي نه آهي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان جي حيثيت سان بنا پگهار جي خدمتون سرانجام ڏنيون. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پنهنجي پگهار ۾ گذارو ڪندو آهيان، پارليامينٽ ميمبرن، وزيرن ۽ وزيراعظم جون پگهارون گهٽ آهن جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار به گهٽ آهي، پارليامينٽ ميمبرن جون پگهارون سپريم ڪورٽ جي جج جي برابر هجڻ گهرجن ته جيئن پارليامينٽ ميمبر پارلياماني ڪارروائي ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺي سگهن، مالي مشڪلاتن جي ڪري اڃان پگهارن ۾ اضافو غور هيٺ نه آهي، حڪومت جو ڌيان عوام جي خدمت تي هوندو آهي، عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، وسيلن جي بدانتظامي تي ضابطو آڻڻ ۽ وسيلن ۾ اضافي جي لاءِ ٽيڪسن ۾ اضافو ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ويزا ۾ آساني ۽ ايس آئي ايف سي جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ماضي ۾ وسيلن جي غلط استعمال جي ڪري موجوده صورتحال درپيش آهي، عام ماڻهو مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهي، کنڊ جي قيمتن ۾ 80 کان 90 رپين جو فرق اسمگلنگ جي ڪري آهي، ان جا ذميوار اهي ماڻهو آهن جيڪي غيرقانوني ڳٺ جوڙ جي ذريعي اسمگلنگ ڪن ٿا، ان ڳٺ جوڙ کي ٽوڙيو آهي ۽ بند ڪري ڇڏيو آهي، لڪي اسمگلنگ ڪندڙ خوف جو شڪار آهن، غذائي جنسن، ڀاڻ، ڊالر، ايراني تيل سميت ٻين غذائي جنسن جي اسمگلنگ روڪي ڇڏي آهي، ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته ڪشمير جي تڪراري حيثيت بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون موجود آهن ۽ ان بابت پاڪستان جو موقف واضح آهي، بلوچستان تڪراري علائقو نه آهي، گڏيل قومن ڪشمير جي تڪراري علائقي جي قسمت جو راءِ شماري سان ڪرائڻ جو واعدو ڪيو آهي، ڀارت ۾ خالصتان سميت عليحدگي پسندي جون مختلف تحريڪون هلي رهيون آهن، جُونا ڳڙهه جي معاملي تي به پاڪستان دعويدار آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪشمير مسئلي بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪندس، ڀارت ۾ هندوتوا جا پيروڪار پاڪستان جي قيام کي دل سان تسليم نه ٿا ڪن، اهي اکنڊ ڀارت جي ورڇ ۾ قائداعظم ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو ڪردار سمجهن ٿا ۽ اهي پاڪستان کي دشمن سمجهن ٿا ۽ اسان به ڀارت کي انهي نظريي سان ڏسون ٿا، دشمني کي گهٽ ڪري پرامن گڏيل بقاءَ سٺي ڳالهه آهي ۽ ائين ٿيڻ گهرجي، دوستي دشمني دائمي ناهي هوندي، ڀارت چونڊ عمل طرف وڃي رهيو آهي ۽ اتي هڪ پارٽي جو تسلسل قائم ٿي رهيو آهي جنهن جا خطي ۽ پاڪستان تي منفي اثر پئجي رهيا آهن، پاڪستان ڀارت ۾ ٿيندڙ تبديلين جو سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته افغانستان مان اتحادي فوج جي انخلا کانپوءِ ننڍا ۽ جديد هٿيار رهجي ويا جيڪي ڪالعدم تنظيمن ۽ غيررياستي عنصرن جي هٿ لڳي ويا، اهو اسان جي لاءِ چئلينج آهي، پاڪستاني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين کي اڃان به نشانو بڻايو پيو وڃي، آمريڪا جي خطي مان وڃڻ کانپوءِ عالمي سطح تي دهشتگردي جي خلاف جنگ کي ختم نه ٿيڻ گهرجي، عالمي برادري کي عالمي سطح تي دهشتگردي جي خلاف جنگ جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي دهشتگردي جو شڪار نه ٿين. هن چيو ته نواز شريف پاڪستاني آهي هو جڏهن چاهي وطن واپس اچي سگهي ٿو، ان جو عدالتي معاملو عدالت ئي ڏسندي.