ڪراچي-01 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته انگريزن سنڌ ۾ ڪو به تعليمي ادارو قائم نه ڪيو، ان جا سبب ڳولڻ لاءِ تحقيق ٿيڻ گهرجي، سنڌ مدرسته الاسلام قائم ڪرڻ جي لاءِ چندو ڪيو ويو هو، انگريزن جي دور ۾ شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ جيڪي ڪاليج هئا اهي سنڌين پاڻ ٺاهيا هئا. ميٽرڪ لاءِ به بمبئي وڃڻو پوندو هو، تعليم بابت جلد بين الصوبائي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، اسان کي تعليم جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، تاريخ ۾ اهي ئي ماڻهو ياد رهندا جيڪي پنهنجي قوم لاءِ مشعل راهه هوندا آهن، سنڌ مدرسته الاسلام جي تاريخي حيثيت آهي، حسن علي آفندي جهڙن ماڻهن جو ٻيهر ملڻ مشڪل آهي. هن اهڙو اظهار سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي“ 139 هين فائونڊيشن ڊي2023-1885ع تقريب ۽ حسن علي آفندي بابت قومي سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ ترقي وٺرائڻ جي ڏس ۾ حسن علي آفندي، ديارام گدومل، سيد الهندو شاهه، نور محمد ايڊووڪيٽ ، هيرانند نول راءِ ۽ ٻين تاريخي ڪم ڪيو. انگريزن سنڌ ۾ ڪو به تعليمي ادارو قائم نه ڪيو.سنڌ مدرسته الاسلام جهڙو پنهنجي دور جو جديد تعليمي ادارو ٺاهڻ لاءِ سنڌ ۽ هندستان مان چندو گڏ ڪيو ويو. حسن علي آفندي جهڙين شخصيتن جو اڄ جي دور ۾ ملڻ مشڪل آهي. انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ جيڪي ڪاليج هئا اهي سنڌين پاڻ ٺاهيا هئا. ميٽرڪ لاءِ به بمبئي وڃڻو پوندو هو. برطانيا پاران سنڌ ۾ تعليمي ادارا قائم نه ڪرڻ جا سبب معلوم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان حسن علي آفندي کي وساري ڇڏيو، سندس مزار جي تعمير ۽ ان کي محفوظ بڻائڻ جي ڏس ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي وائيس چانسلر کي خط لکيو هئم پر افسوس آهي ته سندس خوبصورت بنگلو به محفوظ نه رهيو. هن چيو ته هيريٽيج فهرست ۾ حسن علي آفندي کي شامل ڪيو ويو آهي. مرزا قليچ بيگ حسن علي آفندي تي هڪ ڪتابچو لکيو هو چاهيان ٿو ته ان کي ٻيهر شايع ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ هڪ پرائمري اسڪول جو دورو ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته ڪوشش آهي ته مختصر وقت ۾ تعليم کي زور وٺائڻ لاءِ ڪو بنياد وجهي وڃون ته جئين ڳالهه اڳتي وڌي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير نيشنل بڪ فائونڊيشن طرفان سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي لائبريري لاءِ 500 ڪتاب پڻ تحفي طور ڏنا. ترڪي جي قونصل جنرل جمال سانگو ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته حسن علي آفندي هڪ تاريخي شخصيت جو مالڪ هو جنهن ترڪي جي ڏکئي وقت ۾ هر طرح جي مدد ڪئي. اسان کيس آفندي ۽ بي (بيگ) جا ٻه خطاب ڏنا. پاڪستان ۽ ترڪي جي سڀ قدر هڪجهڙا آهن. ٻنهي ملڪن جو هڪ دماغ ۽ ٻه اکيون آهن. ترڪش پاڪستان سان محبت ڪن ٿا ،اسان وٽ علامه اقبال نالو به رکيو ويندو آهي. هن چيو ته روس جي آبادي جو 60 سيڪڙو ترڪ نسل جو آهي. ائين سينٽرل ايشيا ۾ به ترڪ نسل وارن جي گهڻائي آهي. هن چيو ته حسن علي آفندي ترڪي جي 19 صدي ۾ روس خلاف جنگ ۾ پڻ مدد ڪئي ۽ جنگ ۾ ترڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو ڏنا. هن چيو ته ترڪ عوام جئين ته پاڪستان ئي پنهنجو برادر ملڪ سمجهي ٿو تئين علامه اقبال کي پنهنجو قومي شاعر سمجهي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر جاويد جبار چيو ته حسن علي آفندي عظيم انسان هو جنهن هڪ اهڙو تعليمي ادارو قائم ڪيو جنهن قائد اعظم محمد جناح رحه جهڙا قومي هيرا پيدا ڪيا.هن چيو ته حسن علي آفندي نهايت ئي ذهين ماڻهو هو جنهنکي برطانوي جج قانون جي ڊگري نه هجڻ باوجود وڪالت ڪرڻ جي تحريري اجازت ڏني .ايس آءِ ايم يو جي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته گذريل 3 سالن ۾ ڪيتريون ئي فيڪلٽيز ۽ شعبا قائم ڪيا ويا. يونيورسٽي اسڪالر پيدا ڪري رهيا آهي. تعليمدان ۽ اڳوڻي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته شاگردن کي سنڌ مدرسي جي باني حسن علي آفندي جي حيدرآباد ۾ واقع مزار جو دورو ڪرايو وڃي. هن چيو ته اسان کي ويزن ڏيندڙ استادن جي ضرورت آهي. سنڌ مدرسي جي قيام جو ڏينهن ملهائڻ سٺو سنوڻ آهي، آئون اڄوڪي ڏينهن کي اهم ڏينهن سمجهان ٿي. ان موقعي تي پروفيسر اعجاز قريشي ، چيئرمين ايڇ اي سي سنڌ ڊاڪٽر طارق رفيع ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سنڌ مدرسي جي شاگردن ٽيبلو ۽ سنڌ مدرسته الاسلام جي تاريخ ۽ حسن علي آفندي جي زندگي تي ٻڌل اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو.نگران وفاقي وزير مهمانن کي سووينيئرز ۽ گلدستا ڏنا.