اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هو گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي ۾ گڏيل تعاون وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي. يو اي اي سفير وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي گڏيل عرب امارات جي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم مبارڪباد جي پيغام تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن پاڪستان جي معاشي ۽ مالي استحڪام جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي. هُن هِن سال جي آخر ۾ گڏيل عرب امارات ۾ ڪوپ – 28 سمٽ جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل عرب امارات جي حڪومت انهن جي مسلسل حمايت جاري رکندي.