اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي منصوبي تي 377 ارب رپيا لاڳت ايندي، سولر جي لاءِ هڪ ڀاڱي ٽي حصو آبادگار ۽ باقي حصو وفاق ۽ صوبا ادا ڪندا، شمسي توانائي گهرن، صنعتن ۽ دڪانن سميت هر شعبي جي لاءِ ضروري آهي، ترقي جي لاءِ زراعت جي ڦيٿي کي تيزي سان گهمائڻو پوندو، سڀاڻي اسان پنهنجو مدو پورو ڪري رهيا آهيون، صدر کي اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي لاءِ سڀاڻي لکندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر ۾ هڪ لک زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ شمسي توانائي سان هلندڙ ٽيوب ويلز جي هن منصوبي کي شروع ڪيو، ملڪ ۾ زراعت خوشحالي جو انقلاب آڻي سگهي ٿي، ان ۾ ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، سڄي ملڪ ۾ آبادگار هر موسم ۾ محنت ڪن ٿا، ڪروڙين ماڻهن جي لاءِ غلو پيدا ڪن ٿا، ان کان وڌيڪ ملڪ جي ڪا خدمت نه ٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي عبادت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ملڪ کي سستي بجلي جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ صنعت ۽ حرفت، زراعت ۽ روانگي واپار ترقي نه ٿا ڪري سگهن، سستي بجلي مهيا ڪرڻ هر حڪومت جو اولين فرض آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي افراتفري، آءِ ايم ايف سان معاهدي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش هئا جنهن جو صحيح اندازو لڳائڻ ممڪن نه هو، آءِ ايم ايف جو پروگرام ملڪ جي لاءِ ضروري هو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ان جون شرطون سخت آهن، آءِ ايم ايف جي پروگرام کانسواءِ پاڪستان کي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن سميت ڪيترن ئي قسمن جا چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوي ها. هن چيو ته گذريل 16 مهينا حڪومت شمسي توانائي تي منتقلي جي لاءِ ڀرپور محنت ڪئي، پاڪستان جي ڏيوالپڻي ٿيڻ سان ملڪ جي لاءِ تباهي آڻيندڙ صورتحال پيدا ٿئي ها، آءِ ايم ايف جو پروگرام ٿي چڪو آهي، ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو. وزيراعظم چيو ته آبادگار کي مناسب قيمت تي ڀاڻ ۽ سستي بجلي فراهمي سان زرعي شعبو ترقي ڪندو، آبادگارن ۽ 200 کان گهٽ يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، آءِ ايم ايف سبسڊيز جي حوالي سان هٿ پير ٻڌي ڇڏيا. هن چيو ته زرعي شعبي، صنعتن سميت سمورن شعبن جي لاءِ ملڪ جي سڀني منصوبن ۾ اسان کي شمسي توانائي کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي، الله تعاليٰ پاڪستان کي شمسي توانائي جي نعمت سان نوازيو آهي. هن چيو ته تيل سان ٺهندڙ بجلي مهانگي ترين آهي، سج جي روشني، پاڻي ۽ هوا سان سڀ کان سستي بجلي ٺهي ٿي، ڪارخانن، زراعت، گهريلو صارفين سميت سمورن شعبن کي مهانگي ترين بجلي ملي رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف جي گذريل حڪومت 20، 20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، ملڪ مشڪل مان نڪري ويو آهي. هن چيو ته سڀاڻي پنهنجو مدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صدر کي لکي موڪليندس ته هو اسيمبلي تحليل ڪري ڇڏي پوءِ نگران حڪومت ايندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي جو شمسي توانائي کان وڌيڪ اهميت وارو ڪو منصوبو نه ٿو ٿي سگهي، ان منصوبي جو ڪاٿو 377 ارب رپيا آهي، سولر ٽيوب ويلز جي لاءِ هڪ ڀاڱي ٽي حصو آبادگار ۽ باقي حصو وفاق ۽ صوبا ڏيندا، وفاق ۾ ٽيون حصو آبادگار ۽ ٻه حصا وفاقي حڪومت ڏيندي، اهو انقلابي قدم آهي. هن چيو ته ڪنهن تي الزام بازي نه ڪري رهيو آهيان، سياسي قيادت کي پن بجلي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ گهرجي، سعودي عرب جي وفد سان ديامير ڀاشا ڊيم ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ان سان 14 کان 15 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ سيڙپڪاري ايندي، پاڻي ذخيرو ٿيندو ۽ آبپاشي جي ڪم ايندو، 4 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، نواز شريف ديامير ڀاشا ڊيم جو بنياد وڌو ۽ 100 ارب رپيا خرچ ڪيا، 75 سالن ۾ منگلا ڊيم ۽ تربيلا ڊيم کانپوءِ پن بجلي جو ڪو وڏو منصوبو شروع نه ڪيو ويو. هن چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي جا دنيا جا سڀ کان وڏا ذخيرا آهن، 75 سالن دوران اسان ٻاهرئين ملڪ مان ڪوئلو درآمد ڪري مهانگي بجلي پيدا ڪئي، سي پيڪ تحت ٿر جي ڪوئلي مان بجلي جي پيداوار شروع ٿي چڪي آهي، ماضي جي حڪومتن سنگين غفلت ڇو ڪئي، ان غفلت جي ڪري ڪِستو کڻڻو پوي ٿو، اسان کي پاڪستان کي قائداعظم جي خواب جي عملي تعبير بڻائڻو آهي، پاڪستان مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪنداسين، ڪِستو ٽوڙينداسين، قرض ختم ڪنداسين ۽ پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين، جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ نواز شريف کي موقعو مليو ته ملڪ ۾ زرعي انقلاب آڻينداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي آبادگارن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.