ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ ترڪيه کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي، جنهن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، وقت جي گهرج آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏين، ملجم ڪلاس ڪارويٽ منصوبو ٻنهي ملڪن جي ويجهي لاڳاپن جو اعليٰ مثال آهي، حڪومت پاڪ بحريه جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز کي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شامل ٿيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ترڪ نائب صدر جودت يلماز خصوصي مهمان هو. تقريب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد نيازي سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تاريخ ۽ مضبوط بنيادن تي قائم آهن ۽ ٻئي ملڪ گهري ويجهي تاريخي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، اسان جو ورثو ۽ تهذيب گڏيل آهي، مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جا خيال هڪ جهڙا آهن. پاڪستان قائم ٿيڻ وقت پاڪستان جي عوام تحريڪ خلافت جي ڀرپور حمايت ڪئي. پي اين ايس طارق جي لانچنگ تي سمورن لاڳاپيل ماڻهن مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هي چوٿون سامونڊي جهاز آهي جيڪو پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي تيار ڪيو آهي. 2010ع ۾ پاڪستان ۾ جڏهن شديد ٻوڏ آئي ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو دورو ڪيو. هتي رجب طيب اردوان اسپتال ۽ سندس گهرواريءَ جي نالي تي اسڪول تعمير ڪيا ويا. زلزلي ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ ترڪيه پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪئي. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي ڏک درد ۾ شريڪ آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي ۽ ڀائيچارو مثالي آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه ملجم ڪلاس ڪارويٽ منصوبو ٻنهي ملڪن جي ويجهي لاڳاپن جو اعليٰ مثال آهي. هي منصوبو به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ٻنهي ملڪن جي خوشحالي جو سفر اهڙي طرح جاري رهندو. صدر رجب طيب اردوان ترڪ عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي عوام جي ڀلائي لاءِ بي پناهه ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جي عڪاسي تازي صدارتي چونڊن جي نتيجن مان ٿي اهي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پورٽ ۽ گوادر پورٽ کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سي پيڪ ان سلسلي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي جنهن جي ٻئي مرحلي ۾ اسان داخل ٿي رهيا آهيون. جنهن تحت گرين ڪوريڊور، بزنس ڪوريڊور، اڪنامڪ زون ڪوريڊور ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪوريڊور زون ٺاهيا ويندا. اسان صدر طيب اردوان سان به ان تي ڳالهه ڪري چڪا آهيون ۽ ان دعوت جي تجديد ڪريون ٿا ته ترڪيه به گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي ان منصوبي ۾ شامل ٿئي. گوادر کي اسان کي هڪ اهم واپاري مرڪز بڻائڻو آهي. سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي جنهن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته وقت جي گهرج آهي ته پاڪستان ترڪيه اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏي. ملڪ جي عوام ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين پاران ان منصوبي کي ڪامياب بڻائيندڙن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا ۽ تاريخ ان محنت کي سدائين ياد رکندي. اسان جي زميني، سامونڊي ۽ فضائي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ ۾ ڪارڪنن ۽ ماهرن جي ڪوششن کي سدائين ياد رکيو ويندو ۽ ان کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ پنهنجي بالادستي قائم رکندڙن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌايو ويندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪ بحريه جي دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندي. وزيراعظم ملجم ڪلاس ڪارويٽ جي تياري ۾ حصو وٺندڙ ڪارڪنن ۽ ماهرن جي لاءِ 20 ڪروڙ رپين جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسان کي گذريل هڪ سال ۾ شديد مالي چئلينجز درپيش رهيا آهن ۽ ان جو سڀ کان وڌيڪ بار ملڪ جي عوام تي پيو آهي. ٻاهرئين ٻاڙائي، تيل جي درآمد، مهانگائي ۽ شين جي قيمتن ۾ اضافو ان جو بنيادي سبب آهي پر هن منصوبي ۾ حصو وٺندڙ ڪارڪنن ۽ ماهرن جي ڪوششن کي تسليم ڪندي ۽ انهن جو حوصلو وڌائڻ جي لاءِ مالي مشڪلاتن جي باوجود انهن جي لاءِ 20 ڪروڙ رپين جو تحفو آندو آهي. توهان پاڪستان جا عظيم معمار آهيو. مون کي يقين آهي ته اهي 20 ڪروڙ رپيا منصفاڻي طريقي سان هن منصوبي جي ڪارڪنن ۽ ماهرن ۾ ورهايا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد نيازي چيو ته ٻنهي ملڪن جي مشڪل وقت ۾ سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. پي اين ايس طارق جي لانچنگ تي انجينئر ۽ ماهرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پي اين ايس طارق جي شموليت سامونڊي صلاحيت ۾ بهترين اضافو آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جا گڏيل منصوبا دفاعي شعبي کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن. ڪراچي شپ يارڊ ملڪ جو واحد شپ يارڊ آهي جيڪو ملڪي وسيلن سان سامونڊي جهاز تيار ڪري رهيو آهي. ميري ٽائيم ضرورتن جي لاءِ ٺوس ساموندي صلاحيت لازمي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ هر مشڪل ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ترڪيه جي عوام پاڪستان کي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. ترڪيه ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي کانپوءِ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ترڪيه جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اسان جا لاڳاپا هر ڏينهن مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ دفاعي شعبو ان ويزن جو هڪ اهم حصو آهي. پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ايشيا ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هي علائقو عالمي ڌيان جو مرڪز رهيو آهي. ترڪيه ۽ پاڪستان کي سرحد پار دهشتگردي سميت مختلف چئلينجز درپيش آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. جودت يلماز باجوڙ ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ترڪيه هر قسم جي دهشتگردي جو مخالف آهي ڇو ته اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي ۽ اسان دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا. دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي قدمن جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. ترڪيه 40 سالن کان دهشتگردي جي خلاف منهن ڏئي رهيو آهي. ان جي لاءِ اسان کي پاڪستان جي عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ انهن دهشتگردي جي خلاف جيڪا قيمت ادا ڪئي آهي ان جو چڱي ريت احساس آهي. اسان کي متحد رهڻ ۽ دهشتگردن ۽ عام ماڻهن ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي. کيس خوشي آهي ته ملجم ڪلاس جي چوٿين ۽ آخري فريگيٽ جي لانچگ جي تقريب ۾ شريڪ آهيان. ٻوڏ ۾ جتي ترڪيه پاڪستان جي مدد ڪئي اتي زلزلي ۾ پاڪستان جو تعاون مثالي هو. هن چيو ته ترڪيه پنهنجي دفاعي صلاحيت جي ڪري دنيا ۾ منفرد حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ اسان پنهنجي دفاعي صنعت تي غيرملڪي دارومدار گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. 2002ع ۾ اسان جا دفاعي منصوبا رڳو 60 هئا هاڻي انهن جو انگ وڌي ساڍي 8 سئو تائين پهچي ويو آهي. سان جي دفاعي روانگي واپار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ترڪيه انهن 10 ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي جيڪي جنگي جهاز تيار ڪري رهيا آهن ۽ اسان ترقي يافته ملڪن کي به دفاعي اوزار برآمد ڪريون ٿا. پاڪستان جي دفاعي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ ترڪيه تعاون ڪندو رهندو. اهڙي طرح جي منصوبي سان پاڪ ترڪيه لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. تقريب کي خطاب ڪندي دفاع واريترڪ نائب وزير ڊاڪٽر جمال سمي چيو ته 5 جنگي سامونڊي جهازن جي تياري جو گڏيل منصوبو دفاعي شعبن ۾ تعاون جو اعليٰ مثال آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه کي وڌيڪ منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن. ٻنهي ملڪن کي گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. پاڪستان سان گڏجي جناح ڪلاس فريگيٽ جي تياري ۾ حصو وٺنداسين. تقريب کي ڪراچي شپ يارڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ريئر ايڊمرل سلمان الياس پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز کي جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس طارق جو ماڊل پيش ڪيو.