ٽرينيڊاڊ_02 آگسٽ(اي پي پي) ڀارت ٽئين فيصلي ڪندڙ ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 200 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ٽن ميچن جي سيريز 2_1 تان پنهنجي نالي ڪري ڇڏي، شمن گل 85، ايشان ڪشن 77،ڪپتان هاردڪ پانڊيا 70 ۽ سيمسن 51 رنسون اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڀارتي ٽيم پاران 352 رنسن جو هدف جي جواب ۾ ميزبان ويسٽ انڊين ٽيم 151 رنسور اسڪور ڪيون، شمن گل کي بهترين بيٽنگ تي ميچ جڏهن ته ايشان ڪشن کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏيل سيريز جي ٽئين ۽ فيصلي ڪندڙ ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم اڳ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 315 رنسون اسڪور ڪيون جنهن جي جواب ۾ ميزبان ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 35.3 اوورز ۾ 151 رنسون اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي،شمن گل کي بهترين بيٽنگ تي مين آف دي ميچ جڏهن ته ايشن ڪشان کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.