ڊيره اسماعيل خان – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ تازو اضافو آءِ ايم ايف جي شرط هو، وڏي پئماني تي بجلي چوري ٿئي ٿي، ملي ڀڳت سان گهٽ بل ادا ڪيا وڃن ٿا، ان سان ساليانو 400 کان 450 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو، قوم جي حالت بدلائڻ جي لاءِ ڪستو ٽوڙڻو پوندو، شهنشاهي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ڪرپشن جو خاتمو آڻڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اسان کي هوا، شمسي توانائي ۽ پن بجلي منصوبن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن ماضي ۾ انهن شعبن تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته ملڪ جي معاشي حالت اها نه هجي ها، خيبرپختونخواهه ۾ روڊن سميت ٻين ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره اسماعيل خان ۾ 8 وڏن ترقياتي منصوبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت کي تاريخ جا مشڪل ترين چئلينجز ورثي ۾ مليا، مختصر حڪومت جي دور ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، 11 اپريل 2022ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو ته احساس ٿيو ته حالتون تمام گهڻيون مشڪل آهن پر ان جو اندازو نه هو ته حد درجي جون تباهي آڻيندڙ آهن. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان جي تاريخ جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ٻوڏ کان متاثر ٿيا، وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ 100 ارب رپين جا فنڊ فراهم ڪيا، صوبن امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور حصو وڌو. هن چيو ته ملڪ کي ٻوڏ، مهانگي تيل جي درآمد، دهشتگردي، سياسي افراتفري ۽ اڳوڻي حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙڻ کانپوءِ ان جي بحالي جهڙا چئلينجز درپيش هئا. اسان همت نه هاري، ڄمي چئلينجن کي منهن ڏنو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ روڊن سميت ٻين ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇائي رهيا آهيون. انهن منصوبن سان انهن علائقن کي وچ ايشيائي ملڪن سان ڳنڍڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڊيره اسماعيل خان کان زوب تائين بجلي جي پهچ لائين جلد مڪمل ٿي ويندي. قوم جي حالت بدلائڻ جي لاءِ ڪستو ٽوڙڻو پوندو. شهنشاهي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ڪرپشن جو خاتمو آڻڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. ايف آءِ ايس سي جي ذريعي ملڪي ترقي جو ٺوس منصوبو ٺاهيو آهي، اهو معاشي بحالي جو منصوبو آهي. هن چيو ته ملڪ معدني ذخيرن ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، ملڪ کي صحيح رخ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي. معاشي بحالي جي انهن منصوبن ۾ وفاق، صوبائي حڪومتون ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جو مڪمل تعاون حاصل آهي، اڳتي جنهن جي به حڪومت هوندي ان تي عمل جاري رکڻو پوندو. اسان محنت، قربانين ۽ اتحاد سان ملڪ جي تقدير بدلائينداسين. هن چيو ته ماضي جي حڪومت پاران عوام تي مهانگائي جي اثرن سان اتحادي حڪومت جا قائدين پريشان هئا، عمران نيازي جي حڪومت پنهنجي سياست چمڪائڻ جي لاءِ رياست قربان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. اتحادي حڪومت جي اڳواڻن متفق فيصلو ڪيو ته سياست قربان ڪري ڇڏينداسين رياست کي بچائينداسين، هي اهو فيصلو هو جنهن تي اسان ڄمي وياسين، خُدا نه ڪري جيڪڏهن رياست کي نقصان پهچي ها ته ڪٿي وزارتون ۽ وزارت عظميٰ هجن ها. وزيراعظم چيو ته اسان ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي، پوءِ به اسان جا قدم مضبوط رهيا. اسان الله تي توڪل رکي، صورتحال ۾ بهتري آئي. هن چيو ته گذريل 10 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿي، نيازي جي حڪومت جي بدنيتي ۽ سازش جي ڪري گذريل سالن ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي ۽ اربين ڊالر جي ڪڻڪ ۽ ڀاڻ ٻاهرئين ملڪ مان درآمد ڪرڻي پئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ سال گذريل ڪجهه سالن جي ڀيٽ ۾ ڪپهه جي رڪارڊ پيداوار ٿي. اسان کي ٻاهرئين ملڪ مان ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي درآمد تي اربين ڊالر جي بچت ٿي. هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران ملڪ ۾ گئس جي پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، ان سان گئس جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن، عمران نيازي جي سازشن ۽ انتهاپسندي جي ڪري ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي نقصان ۽ آءِ ايم ايف جي معاهدي ۾ مشڪلاتن جي باوجود اسان ملڪ کي صحيح رخ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ ڪنگال ٿيڻ کان بچي ويو آهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿئي ها ته ملڪ ٻين ملڪن کي قرضن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي ڪنگال ٿي وڃي ها ان ۾ اسان جو ڏوهه نه هو ڇو ته عمران نيازي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ان کي ٽوڙيو هو. هو مديني جي رياست جي ڳالهه ڪري ان جي خلاف فيصلا ۽ قدم کڻندو هو، جيڪڏهن خُدا نه ڪري ملڪ ڪنگال ٿي وڃي ها ته اسان روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ها. دوائن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وڃي ها، صنعتن ۽ حرفت تي ڪاري ضرب پئجي وڃي ها. اهو قيامت تائين ڪارو داغ هجي ها. پاڪستان کي ڪنگال ٿيڻ کان بچائڻ تي الله جا جيترا ٿورا مڃون ايترو گهٽ آهي. هن چيو ته هاڻي ملڪ ۾ زراعت ۽ صنعت ترقي ڪندي، تيل، شمسي توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ٿيندا، هر جڳهه شمسي توانائي سان پيدا ٿيندڙ بجلي هجڻ گهرجي، اسان کي هوا، شمسي توانائي ۽ پن بجلي منصوبن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ماضي ۾ انهن تي ڌيان نه ڏنو ويو، جيڪڏهن ماضي ۾ انهن شعبن تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته ملڪ جي معاشي حالت اها نه هجي ها. اسان کي دنيا جي آڏو ڪستو کڻڻ جي ضرورت نه پوي ها. وزيراعظم چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ تازو اضافو آءِ ايم ايف جي شرط هو، بجلي جي شعبي ۾ وڏي پئماني تي لائين لاسز درپيش آهي، نظام فرسوده ۽ ناڪافي آهي، ڪجهه واپڊا اهلڪار رشوت وٺن ٿا، وڏي پئماني تي بجلي چوري ٿئي ٿي، ملي ڀڳت سان گهٽ بل ادا ڪيا وڃن ٿا، ان سان ساليانو 400 کان 450 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو، ان ۾ غريب، پورهيت جو ڪو به ڏوهه نه آهي، اهو حڪومت، اشرافيه ۽ طاقتور ماڻهن جو ڏوهه آهي، انهن جو بار غريب ماڻهن تي پوي ٿو، حلال رزق ڪمائيندڙن کي ٻن وقتن جي ماني کائڻ جي لاءِ مشڪل ٿئي ٿي، اهي مهانگو اٽو نه ٿا خريد ڪري سگهن، اشرافيه جيترو به مهانگو اٽو هجي خريد ڪري ٿي. هن چيو ته چار سال وفاق ۽ 10 سال خيبرپختونخواهه ۾ عمران نيازي جي حڪومت رهي، هن نوجوانن جي تعليم جي لاءِ ڪيترا وظيفا، ليپ ٽاپ ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون؟ اسان وفاق ۽ پنجاب جي حڪومت دوران لکين شاگردن کي وظيفا ڏنا ۽ ميرٽ تي لکين ليپ ٽاپ ورهايا. ان موقعي تي وزيراعظم ڪيترن ئي منصوبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب کي مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پڻ خطاب ڪيو.