اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ماضي ۾ اربين رپين جا قرض معاف ڪرايا ويا جنهن سان ملڪي معيشت کي نقصان پهتو، نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏنا اٿم ڪلاشنڪوف نه ڏني اٿم، اميد ته نوجوان ڪامياب يوٿ لون پروگرام تحت قرض حاصل ڪري پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏئي ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، مشڪل معاشي صورتحال جي باوجود نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، نوجوانن جي لاءِ گذريل قرض اسڪيمن ۾ وصولي جي شرح 99 سيڪڙو رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوٿ بزنس ۽ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت قرض حاصل ڪندڙ ڪامياب درخواستگذارن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت اڄ جيڪي قرض ڏنا ويا آهن اهي 2013ع جو تسلسل آهي جڏهن ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف پوري پاڪستان ۾ قوم جي نوجوان فرزندن ۽ ڌيئرن جي لاءِ قرضن جو پروگرام شروع ڪيو. هن چيو ته ان پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ اربين رپيا قرض ورهايا ويا، ملڪ جي معيشت ۽ نوجوانن کي فائدو ٿيو، پنجاب صوبي مان ان اسڪيم جي شروعات ڪئي، وزيراعليٰ پنجاب روزگار اسڪيم شروع ڪئي وئي هئي، آبادگار ڀائرن جي لاءِ بنا وياج قرض اسڪيم شروع ڪئي هئي، پوءِ 75 هزار گاڏيون بيروزگار نوجوانن ۾ ورهايون ويون جنهن جي وصولي 99 سيڪڙو هئي. هن چيو ته اهو هڪ غلط تاثر هو ته ماڻهن کي بئنڪون قرض ڏينديون ته اهي ريڪور نه ٿي سگهندا، آبادگارن، نوجوانن جي قرضن جي اسڪيم ۽ ٻيا اهڙا پروگرام جن تحت قرض ورهايا ويا 99 سيڪڙو وصولي رهي. هن چيو ته نوجوان حڪومت کان قرض وٺي ڪاروبار ڪن ٿا، منافعو ڪمائين ٿا ۽ قرض واپس ڪن ٿا، ڪاروباري ماڻهو فرض شناسي سان پنهنجا ورتل قرض منافعو ڪمائي واپس ڪن ٿا، نوجوانن قرض معاف ناهن ڪرايا، وڏا ڪاروباري ادارا قرض معاف ڪرائين ٿا، ماضي ۾ اربين رپين جا قرض معاف ڪرايا ويا جنهن سان ملڪي معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته نوجوانن ۾ ملڪ سان تمام گهڻي محبت آهي، جيڪڏهن انهن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته انهن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته شزه فاطمه خواجه، ان جي ٽيم، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، پنجاب بئنڪ جي صدر، حبيب بئنڪ سميت ٻين بئنڪن جو هن پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ تعاون تي ٿورائتو آهيان، هن پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ حصيدار ڀرپور تعاون ڪن، هن پروگرام جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته نوجوان پنهنجي خاندان، معاشري ۽ پاڪستان جي لاءِ ڪوشش ڪري پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا. هن چيو ته ملڪ کي درپيش معاشي صورتحال جي ڏس ۾ حڪومت ڪفايت شعاري پروگرام شروع ڪيو آهي، ان پروگرام سان 200 ارب رپين جي بچت ٿيندي، خرچ گهٽ ڪنداسين ۽ نوجوانن جي لاءِ فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ هر قرباني ڏينداسين ته جيئن ڏينهن رات محنت سان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهون ڇو ته ملڪ جو مستقبل توهان جي هٿ ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم يوٿ لون پروگرام ۾ ڀرپور تعاون تي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، اخوت، اين آر ايس پي سميت ٻين حصيدارن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته يوٿ لون اسڪيم تحت سڄي ملڪ جي قابل ۽ مستحق نوجوانن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ميرٽ تي ورهايا ويندا، اهي ليپ ٽاپ پنجاب، خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ نوجوانن ۾ ورهايا ويندا. هن چيو ته ماضي ۾ ماڻهو چوندا هئا ته شهباز شريف نوجوانن کي ليپ ٽاپ رشوت ۾ ڏئي رهيو آهي، اهي ليپ ٽاپ نوجوانن جي لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجي چڪا آهن، ڪورونا دوران تعليم جو ذريعو بڻجي ويا، نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏئي رهيو آهيان ڪلاشنڪوف نه. هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن وڏين قربانين کانپوءِ ملڪ حاصل ڪيو آهي ۽ ان جي لاءِ قائداعظم ۽ ان جي ساٿين موثر تحريڪ هلائي، 75 سال گذري ويا، اسان اها منزل حاصل نه ڪري سگهياسين پر عزم ۽ يقين سان اها منزل حاصل ڪري وٺنداسين. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه خواجه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت اڄ ڪامياب ٿيندڙ نوجوانن ۾ قرض جي چيڪ ورهايا ويا، ان پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سميت ٻيون سموريون بئنڪون تعاون ڪري رهيون آهن. انهن قرض حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخواستن کي تيزي سان مڪمل ڪيو جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته هن پروگرام ۾ تعاون تي ٽڪ ٽاڪ، اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ نادرا جي تعاون جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ هڪ سهولتي مرڪز قائم ڪيو ويندو جنهن ۾ اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن کي ڪاروبار بابت معلومات ۽ تربيت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته جون 2023ع تائين اٽڪل 40 هزار ماڻهن ۾ 30 ارب رپيا ورهايا ويندا، ان ۾ اڌ زراعت ۽ اڌ ڪاروبار قرض آهن. بئنڪ آف پنجاب جي صدر ظفر مسعود چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٽي بلين فري لانسر ڪم ڪري رهيا آهن، ان شعبي ۾ اربين ڊالرز پرڏيهي ناڻي جي صلاحيت آهي. هن چيو ته فري لانسر ڪارڊ جاري ڪرڻ سان درآمدات ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان سافٽ ويئر بورڊ جي تعاون سان اهي ڪارڊ ڊيزائن ڪيا ويا. هن مختلف قرض اسڪيمن جو حوالو ڏيندي چيو ته ان جي وصولي 99 سيڪڙو رهي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فري لانسر ڪارڊ جاري ڪيو. هن وزيراعظم يوٿ بزنس ۽ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت قرض حاصل ڪندڙ ڪامياب درخواستگذارن ۾ چيڪ پڻ ورهايا.