APP45-240123 ISLAMABAD: January 24 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addresses the launching ceremony of Prime Minister Youth Loan Scheme for Business and Agriculture. APP/TZD/FHA

اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان آءِ ايم ايف سان شرطن تي ڳالهيون ڪري پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ چاهيون ٿا، بدقسمتي سان 75 سالن ۾ اسان جيڪو ڪجهه ڪيو ان جا نقصان سامهون آهن، ان حمام ۾ سڀ اگهاڙا آهن، سڀني کي ان جي ذميواري قبول ڪرڻي آهي، اسان کي ماضي ۾ نه پر حال ۽ مستقبل طرف ڏسڻو پوندو، پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ سياست کي قربان ڪرڻو پوندو، ڀير تي ڏونڪو هڻي اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو ته مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي حڪومت پنهنجي سڄي سياسي ڪمائي پاڪستان ۽ رياست قربان ڪري ڇڏيندي پر ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، پاڪستان جا ڪروڙين نوجوان ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي پوري اهليت رکن ٿا، نوجوانن سان گڏجي پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين، وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگري لونز جاري ڪرڻ سان نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه پرائيم منسٽر يوٿ بزنس اينڊ ايگري لونز اسڪيم جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص معاون شيزه فاطمه خواجه، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، بئنڪن ۽ مائيڪرو فنانس ادارن جا سربراهه ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا سفير پڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ۾ بطور خادم اعليٰ ذميواريون ادا ڪندي هن نوجوانن جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، لکين نوجوانن کي پنجاب جي پنهنجي وسيلن سان بنا وياج جي قرض ڏنا ويا، نوجوانن کي لکين ليپ ٽاپ ميرٽ تي ورهايا ويا، پنجاب کانسواءِ باقي صوبن ۾ به ليپ ٽاپ جي فراهمي ڪئي وئي، بئنڪ آف پنجاب ذريعي بيروزگار نوجوانن کي گاڏيون فراهم ڪيون ويون، اهڙي طريقي سان خود روزگار اسڪيم تحت اسان 40 ارب رپين جا قرض ڏنا جن جي ريڪوي 99 سيڪڙو هئي، ان مان اندازو لڳائي سگهي ٿو ته اسان جا نوجوان پرعزم آهن، ان جي مقابلي ۾ بئنڪن کان جيڪي قرض ورتا وڃن ٿا ته اربين جا قرض معاف ٿين ٿا، اها نوجوانن جي پاڪستان سان عزم جي عڪاسري ڪري رهي آهي، جيڪڏهن نوجوانن کي وسيلا ۽ حالتون مهيا ڪيون وڃن ته اهي پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ وڃايل مقام حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا. وزيراعظم چيو ته 2013ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي نگراني ۾ 54 هزار نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويا، ان سان رڳو ملڪ جي نوجوانن کي نه پر معيشت کي به فائدو پهتو، ماضي ۾ اسان تي تنقيد ٿيندي رهي ته اها سياسي رشوت آهي منهنجو جواب هوندو هو ته ڇا آئون نوجوانن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ڏئي ڇڏيان، ڪوويڊ ۾ اهي ئي ليپ ٽاپ نوجوانن جي تعليم ۽ روزگار جو ذريعو بڻيا. وزيراعظم چيو ته هي اهو زمانو هو جڏهن پاڪستان حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن نوجوانن جي لاءِ روزگار جون اسڪيمون شروع ڪيون. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان جي وسيلن تي تمام گهڻو بار آهي، اڄ اسٽيٽ بئنڪ ۽ ناڻي واري وزارت جي قيادت ۾ اسٽيٽ بئنڪ، ڪمرشل ۽ مائيڪرو فنانس ڪمپنين جي تعاون سان ان اسڪيم جي شروعات ڪئي آهي، محدود گنجائش جي باوجود ان جي لاءِ اسان وسيلا مهيا ڪيا آهن، ان اسڪيم تحت نوجوانن کي 5 لک کان وٺي 75 لک رپين تائين قرص ڏنا ويندا، 5 لک رپين تائين جا قرض بنا وياج جي هوندا ۽ انهن جي واپسي جو مدو ٽي سال هوندو، 5 کان 15 لک رپين تائين جي قرضن تي وياج جي شرح 5 سيڪڙو هوندي. 15 کان 75 لک رپين تائين جي قرضن تي وياج جي شرح 7 سيڪڙو هوندي ۽ ان جي واپسي جو مدو 8 سال هوندو. اهو سڀ پاڪستان جي نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ آهي. ان کانسواءِ هڪ لک ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ جو پروگرام پڻ ٺاهيو ويو آهي جيڪي پوري پاڪستان ۾ ميرٽ تي ورهايا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڪٿي اهو زمانو جو اسان هڪ سال ۾ ٻه ٻه لک ليپ ٽاپ ورهائيندا هئاسين ۽ اڄ اهي هڪ لک جي سطح تي اچي ويا آهن، هي اهو چئلينج ۽ حقيقت آهي جيڪا آئون ڪروڙين نوجوانن کي مخاطب ڪري ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڏکئي مرحلي مان گذري رهيا آهيون، اسان آءِ ايم ايف کي واضح پيغام ڏنو آهي ته اسان نائين جائزي جي لاءِ تيار آهيون، اسان آءِ ايم ايف سان شرطن تي ڳالهيون ڪري ان کي حتمي شڪل ڏيڻ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستان اڳتي وڌي ۽ هلي ڇو ته کاٻي ساڄي کان واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته اسان پاڪستان سان گڏ آهيون ۽ پاڪستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين پر آءِ ايم ايف سان پروگرام کي حتمي شڪل ڏيون، منهنجي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان گذريل هفتي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ اڄ به آئون چئي رهيو آهيان ته اسان آءِ ايم ايف سان بنا دير جي نائون جائزو مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن پروگرام اڳتي وڌي ۽ ان کانپوءِ ملٽي ليٽرل ۽ بائي ليٽرل حصيدارن سان پڻ معاملا طئي ٿين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا ڪروڙين نوجوان صادق ۽ امين آهن، نوجوان ٻار ۽ ٻارڙين جا جذبا جوان آهن، انهن ۾ همت ۽ توانائي آهي ۽ اهي پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ جي پوري اهليت رکن ٿا، پاڪستاني نوجوان چمڪندڙ ستارا ۽ اسان جي سرن جا تاج آهن، اسان مشڪلات ۾ آهيون پر نوجوانن سان گڏجي ملڪ کي مشڪلات مان ڪڍنداسين. وزيراعظم چيو ته جن حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو اهو سڀني جي سامهون آهي، انتهائي مشڪل حالتن ۾ اسان اها ذميواري سنڀالي آهي پر اسان جي همت جوان ۽ مضبوط آهي ۽ گڏجي پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين جڏهن ته ان جي لاءِ ڪجهه شرط ۽ گهرجُون آهن، حڪومت جي ذميواري سڀني کان وڌيڪ آهي، اسان توانائي جي بچت جو فيصلو ڪيو ڇو ته تيل جي اسان جي امپورٽ تي 27 ارب ڊالر خرچ ٿيا آهن، ڪجهه قدمن سان اسان ۾ بچت ڪري سگهون ٿا، ان جي لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، آئون ڪنهن تي الزام هڻڻ کانسواءِ چوان ٿو ته توانائي تي اسان جيڪي اعلان ڪيا هئا انهن تي هڪ صوبي جي حڪومت هاءِ ڪورٽ هلي وئي ۽ ان تي اسٽي آرڊر وٺي ورتو، هاءِ ڪورٽ جو حڪم اکين تي آهي، اهڙي طرح هڪ ٻي صوبائي حڪومت دير وارا حربا استعمال ڪيا ۽ اهو رڳو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ سياست کي قربان ڪرڻو پوندو، آئون ڀير تي ڏونڪو هڻي اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو ته مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي حڪومت پنهنجي سڄي سياسي ڪمائي پاڪستان ۽ پاڪستان جي رياست تي قربان ڪري ڇڏيندي، زندگي ۾ لاها چاڙها ڏٺا آهن، منهنجي ليڊر ۽ پارٽي مون کي ٽي ڀيرا وڏو وزير بڻايو اڄ آئون وزيراعظم آهيان، اسان ورثو ڇڏڻ چاهيون ٿا ته جيڪي به مشڪلاتون هيون ۽ جيڪڏهن اسان ذميواري قبول ڪئي اهي ته ان کي نڀائڻ جي لاءِ آخري حد تائين وڃڻ اسان تي فرض آهي، باقي الله جي هٿ ۾ آهي. ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجي جان ڏئي ڇڏيندس ۽ هر قدم کڻندس. مشڪلاتون رستي ۾ اچڻيون آهن، اسان کي اهڙن هنڌن تان گذرڻو پوندو پر حڪومت ۽ اشرافيه کي اڳ ۾ پنهنجي قرباني ڏيڻي پوندي ان کانپوءِ عوام پنهنجو حصو وجهندي، اهو ممڪن نه آهي ته غريبن تي بار وجهون ۽ امير قرضن تي عياشيون ڪن، اهو ناممڪن آهي ۽ نه ئي ان جي گنجائش آهي. وزيراعظم چيو ته آئون ڪروڙين نوجوانن کي مخاطب آهيان ته پروگرام جو ڪاٿو هزار ڀيرا وڌي سگهي ٿو پر اسان جا وسيلا محدود آهن. هن چيو ته ماضي ۾ اسان پنجاب ۾ 40 ارب جون اسڪالرشپس ڏنيون هيون، هزارين لکين ٻارن ۽ ٻارڙين کي 2008ع کان وظيفا مليا، اڄ اهي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. بدقسمتي سان 75 سالن ۾ اسان جيڪو ڪجهه ڪيو ان جا نقصان سامهون آهن، ان حمام ۾ سڀ اگهاڙا آهن، سڀني کي ان جي ذميواري قبول ڪرڻي آهي. پر اسان کي ماضي ۾ نه پر حال ۽ مستقبل طرف ڏسڻو پوندو، هي قوم بهادر قوم آهي، ان ۾ قرباني جو جذبو آهي ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي ان تي ضابطو آڻيندي. گڏجي چئلينج قبول ڪنداسين ته اسان ملڪ کي مشڪلات ۽ طوفاني حالتن مان ڪڍنداسين، ڪيترين ئي قومن جا مثال اسان جي سامهون آهن، جرمني ۽ جاپان جو اڄ دنيا ۾ ستارو چمڪي رهيو آهي. پاڪستاني اسلامي ملڪ آهي. حڪومت نوجوانن سان گڏ آهي، اسان نوجوانن تي هڪ هڪ پئسو نڇاور ڪنداسين، انهن کي وسيلا ۽ تربيت ڏينداسين ۽ نوجوان پنهنجي محنت سان پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين، الله اسان کي عمل جي توفيق ڏي. وزيراعظم چيو ته اهي ئي قومون زندهه رهن ٿيون جيڪي پنهنجي حالت بدلائين ٿيون. هن پروگرام جي شروعات تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ شخصيتن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان نوجوانن جي زندگين ۾ مثبت تبديليون اينديون.