APP48-240123 ISLAMABAD: January 24 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairs Federal Cabinet Meeting. APP/TZD/FHA

اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بجلي جي تعطل جهڙن واقعن جي تدارڪ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي تياري جو حڪم ڏيندي توانائي جي بچت جون عادتون اختيار ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي نوعيت جي پهرين ملڪ گير عوامي آگاهي مهم جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت توانائي جي بچت جي عادتن کي عام ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي لاڳو طريقن کي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو، توانائي جي بچت جي قومي رويي ۾ تبديلي سان نه رڳو اربين رپين جو پرڏيهي ناڻو بچندو پر انفرادي سطح تي عوام جي بل ۾ 30 کان 40 سيڪڙو جي نمايان گهٽتائي پڻ ٿيندي، ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 7 سالن ۾ پيٽروليم مصنوعات بابت امپورٽ بل ٻيڻو ٿي چڪو آهي، وزيراعظم بجلي جي تعطل تي سخت ڪاوڙ، عوام ۽ ڪاروباري برادري جي پريشاني جو سبب بڻجندڙن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي بريفنگ کي ساراهيو ۽ ملڪ گير مهم کي جلد کان جلد هلائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا ملڪ ۾ بجلي جي نظام ۾ ايندڙ وڏي تعطل کي مستقبل ۾ رونما ٿيڻ کان روڪڻ ۽ ان جا سبب بڻجندڙ عوامل جي مستقل تدارڪ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي تياري جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته عوام کي بجلي، پاڻي، گئس سميت ٻين وسيلن جي بچت جون عادتون وجهڻ ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي نوعيت جي پهرين ملڪ گير عوامي آگاهي مهم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، توانائي جي بچت جي عادتن کي عام ڪيو ويندو ۽ عالمي سطح تي لاڳو طريقن کي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو، سرڪاري، نجي، گهريلو ۽ واپاري جاين تي بجلي، گئس، پاڻي جي بچت سان پيٽروليم مصنوعات بابت امپورٽ بل ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي جيڪو گذريل 7 سالن ۾ ٻيڻو ٿي چڪو آهي. توانائي جي بچت جي قومي رويي ۾ تبديلي سان نه رڳو اربين رپين جو پرڏيهي ناڻو بچندو پر انفرادي سطح تي عوام جي بل ۾ 30 کان 40 سيڪڙو جي نمايان گهٽتائي پڻ ٿيندي. وزيراعظم گذريل ڏينهن (23 جنوري 2023ع) تي ملڪ ۾ بجلي جي تعطل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عوام ۽ ڪاروباري برادري کي جنهن تڪليف ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي، اهو قابل قبول نه آهي. مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن واقعي کي برداشت نه ڪندس. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته عوام ۽ ڪاروباري برادري کي مشڪل ۽ پريشاني ۾ مبتلا ڪرڻ جي ذميوارن جو واضح تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته بجلي تعطل جو سبب بڻجندڙ عوامل جو پڻ تعين ڪيو وڃي ۽ اهڙن قدمن کي يقيني بڻايو وڃي جن سان مستقبل ۾ اهڙي ڪا صورتحال پيدا نه ٿئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي تعطل تي وزيراعظم جي جوڙيل اعليٰ سطحي ڪميٽي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي سمورن حقيقتن جو جائزو وٺي جامع رپورٽ پيش ڪندي. توانائي واري وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته شروعاتي رپورٽ موجب اهو واقعو صبح 7 لڳي 34 منٽن تي نارٿ سائوٿ ٽرانسميشن لائين ۾ فني خرابي، بجلي جي وهڪري ۾ اوچتو ايندڙ لاها چاڙها ۽ فريڪوئنسي ۾ تعطل جي نتيجي ۾ ٿيو جنهن کانپوءِ بجلي جو پهچ نظام خودڪار حفاظتي نظام تحت بند ٿي ويو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم جي فوري نوٽيس ۽ هدايتن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بحالي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويو ۽ 23 جنوري جي رات 10 وڳي تائين سمورن وڏن شهرن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي. ملڪ جي سمورين 1112 گرڊ اسٽيشنز کي (اڱاري) جي صبح 5 وڳي تائين بحال ڪيو ويو ۽ بجلي جي فراهمي صارفين تائين يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم جي خصوصي هدايتن تي گئس سان بجلي ٺاهيندڙ پاور پلانٽس کي فوري طور تي هلايو ويو آهي ۽ ان سان بجلي جي پيداوار شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن بجلي جي تعطل سان ايندڙ شارٽ فال کي پورو ڪري سگهجي. نيوڪليئر ۽ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن کي مروجه طريقيڪار موجب ٻيهر هلائڻ ۾ وڌيڪ هڪ کان ٻه ڏينهن گهربل آهن، بجلي جي انهن ڪارخانن کانسواءِ ٻين سمورن پاور پلانٽس سان معمول موجب بجلي جي بنا رڪاوٽ پيداوار جاري آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪابينا کي توانائي جي بچت جي لاءِ قومي آگاهي مهم تي تفصيلي بريفنگ ڏني. جنهن تحت ملڪ ۾ هڪ همه گير ۽ ڊگهي دورانيي جي مهم شروع ڪئي پئي وڃي. ان مهم کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جامع سروي ڪئي جنهن تحت ماڻهن ۾ توانائي جي بچت جي قدمن کان آگاهي بابت راءِ حاصل ڪئي وئي. سروي جي نتيجن ۽ ماڻهن جي رجحانن کي نظر ۾ رکندي وزارت پاران هڪ خصوصي ڊگهي مدي واري آگاهي مهم تيار ڪئي وئي جنهن ۾ ماڻهن جي عادتن، طرز زندگي، سوچ ۽ روين کي بدلائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. ان سلسلي ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ، آئوٽ ڊور، سوشل ميڊيا ۽ عوامي راءِ ٺاهيندڙ ماڻهن ۽ ماهرن جي مدد ورتي ويندي. اها مهم هر شعبي، طبقي ۽ عمر جي ماڻهن جي رجحانن، دلچسپي ۽ ميڊيا جي استعمال کي نظر ۾ رکندي تياري ڪئي پئي وڃي، اها مهم سرڪاري ۽ نجي ادارن جي حصيداري عمل سان هلائي ويندي. ان مهم جو بنيادي تصور اهو آهي ته بطور پاڪستاني هر شهري کي اهو احساس ڏياريو ويندو ته اهي بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بچت ڪن جنهن سان نه رڳو ان جو ذاتي طور تي فائدو ٿيندو پر مجموعي طور تي پاڪستان تي معاشي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ به مدد ملندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيٽروليم مصنوعات جي درآمد ۾ مسلسل اضافي جي ڪري امپورٽ بل وڌي رهيو آهي. 2017ع ۾ پيٽروليم مصنوعات جو درآمدي بل 18 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ وڌي 29 سيڪڙو تي وڃي پهتو آهي. پاڪستان کي معاشي دٻاءُ مان ڪڍڻ ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ توانائي جي بچت انتهائي اهم آهي. پاڪستان کي معاشي طور تي دٻاءُ مان ڪڍڻ جو هڪ حل روين ۾ تبديلي آهي. ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران پيش ڪيل بريفنگ کي ساراهيندي ان جي منظوري ڏني ۽ ان ملڪ گير مهم کي جلد کان جلد هلائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻين وزارتن کي ان مهم ۾ اطلاعات واري وزارت جي ڀرپور معاونت جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه صوبي ۽ پنجاب صوبي ۾ نگران حڪومتن کي پڻ توانائي بچت منصوبن جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو وڃي ته جيئن سمورين صوبائي حڪومتن جي حصيداري عمل سان توانائي جي بچت جي مختلف قدمن تي سڄي ملڪ ۾ سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي ڪابينا کي توشه خانه جي حوالي سان ٺاهيل بين الوزارتي ڪميٽي جي سفارشن تي ٻڌل جامع رپورٽ پيش ڪئي وئي. ڪميٽي توشه خانه جي نئين پاليسي جو مسودو پڻ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو. وفاقي ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن ۽ نئين توشه پاليسي تي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن تجويزن جي روشني ۾ بين الوزارتي ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ترميمون ڪري ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪري. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 3 جنوري 2023ع ۽ 11 جنوري 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا سي سي ايل سي جي 6 جنوري 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.