APP56-090123 GENEVA: January 09 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif and UN Secretary General Antonio Guterres addressing a joint press stakeout after the International Conference on Resilient Pakistan in Palais des Nations, Geneva, Switzerland. APP/IQJ/TZD

جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ کان متاثر 33 ملين ماڻهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڏکئي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 8 ارب ڊالر جي عالمي مدد جي اميد رکون ٿا، نئين سر تعمير ۽ بحالي جي اهم مشن طرف گامزن آهيون ته جيئن متاثر عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهون جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي ڏس ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن جي لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، اسان پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون. ريزيليئنٽ انٽرنيشنل ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي قدمن جي لاءِ 8 ارب ڊالر ملڪي جڏهن ته ايتري ئي ٻاهرئين امداد گهربل آهي. وزيراعظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل قومن جي تعاون سان منعقد ريزيليئنٽ انٽرنيشنل ڪانفرنس جو حوالو ڏيندي چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ متاثرين جي لاءِ 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ٻين ادارن ۽ ملڪن پاران پڻ متاثرين جي لاءِ امداد جي اعلان تي انهن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته غيرمعمولي ٻوڏ سان پاڪستان ۾و سيع پئماني تي تباهي ٿي، پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو مالي نقصان ٿيو، 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، ٻوڏ سان پاڪستاني عوام ۽ انفراسٽرڪچر بري طرح متاثر ٿيو، متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ وڏي سرمائي جي ضرورت آهي، ٻوڏ متاثرين سان ڀرپور يڪجهتي تي عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سڄي دنيا جي حصيدارن جي تعاون سان هيستائين ٻوڏ متاثرين کي ريليف جي لاءِ 57 ڪروڙ 50 لک ڊالر کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪا آهيون، 27 لک متاثر خاندانن کي روڪ رقم فراهم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي اسان نئين سر تعمير ۽ بحالي جي اهم مشن طرف گامزن آهيون ته جيئن عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهون، اهو هڪ وڏو چئلينج آهي ڇو ته ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا. هن چيو ته ريزيليئنٽ انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ ترڪيه ۽ فرانس جي صدرن سميت سڄي دنيا مان نمائندا شريڪ ٿيا آهن جڏهن ته زوم ۽ وڊيو پيغامن جي ذريعي پڻ وڏي انگ ۾ عالمي اڳواڻ ۾ شريڪ ٿيا آهن جيڪي هن مشڪل ٽاسڪ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اسان سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دوستن ۽ حصيدارن جي مشاورت سان متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ٺوس منصوبو کڻي آيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ 8 ارب ڊالر ملڪي جڏهن ته ايتري ئي ٻاهرئين امداد گهربل آهي، جنيوا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن پاران سڀ کان وڌيڪ اسلامي ترقياتي بئنڪ 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو اعلان ڪيو آهي. ان کانسواءِ ٻين ملڪن ۽ ادارن پڻ متاثرين جي لاءِ گرانٽ جو اعلان ڪيو آهي، اسان پنهنجي پراڻن دوستن سان ويجهي رابطي ۾ آهيون، پاڪستان جي عوام انهن جي ٿورائتي آهي جهڙي طرح گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثرين کي زبان ۽ نسل کان مٿانهون ٿي شفقت ۽ پيار ڏنو ان تي پاڪستاني ان جا ٿورائتا آهن. وزيراعظم يقين ڏياريو ته ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ هڪ هڪ پئسي کي شفافيت سان خرچ ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيل فنڊز گڏيل ۽ عالمي تعاون سان شفاف طريقي سان خرچ ٿيندا، پنهنجي ٽيم کي واضح هدايت ڏني آهي ته انهن فنڊز جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائين. هن چيو ته ان جي شفافيت اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان جي گهرج آهي ته عالمي برادري پاران جيڪي فنڊز ڏنا ويندا اهي پاڻ به ۽ اسان کان به اها اميد ڪندا ته اسان ان جي هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏينداسين، اهو سڄو نظام شفاف هجي، ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ٿئي ته پاڪستان حڪومت يا ڊونرز جي مرضي بدران مستحقين جي لاءِ فنڊز مهيا ٿين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان کي هن ٻوڏ ان اڳ ئي وڏا معاشي چئلينجز درپيش هئا، اوڀر يورپ ۾ ڇڪتاڻ سان امپورٽيڊ ناڻي واڌ درپيش هئي، گئس جي قيمتن ۾ عالمي سطح تي وڏو اضافو ٿي چڪو هو، هڪ مشڪل صورتحال هئي، ان کانپوءِ ٻوڏ هر شيءَ تباهه ڪري ڇڏي، ان ۾ اسان مان اها اميد ڪيئن رکي سگهجي ٿي ته اسان ان امپورٽيڊ ناڻي واڌ جو بار پنهنجي ماڻهن تي وجهون، عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافي بار انهن تي وجهون. وزيراعظم چيو ته اسان آءِ ايم ايف پروگرام جي لاءِ ٻيهر انهن سان رابطو ڪيو ۽ انهن جون سخت شرطون تسليم ڪيون ۽ انهن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي روزگار تباهه ڪري ڇڏيو آهي، انهن تي اضافي بار ڪيئن وجهي سگهون ٿا، آءِ ايم ايف پروگرام جي لاءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل به ويجهي رابطي ۾ آهي. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته عالمي مالياتي فنڊ اسان کي ضرور گنجائش ڏيندو ۽ هڪ ڏينهن ضرور ايندو ته اسان آءِ ايم ايف کي پروگرام جي لاءِ حقيقتن ۽ دليلن سان قائل ڪري وٺنداسين. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته هن پاڻ پاڪستان جو دورو ڪري ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين جو مشاهدو ڪيو، ٻوڏ سان عوام ۽ انفراسٽرڪچر بري طرح متاثر ٿيا، عالمي برادري جو فرض آهي ته اها پاڪستان جي هن مشڪل ۾ مدد جي لاءِ اڳتي اچي. هن چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جي ڏس ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن جي لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ ريزيليئنٽ انٽرنيشنل ڪانفرنس مددگار ثابت ٿيندي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستاني قوم جي فراخدلي کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پاڪستاني عوام مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پنهنجي متاثر ڀائرن جي دل کولي مدد ڪئي جڏهن ته ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير هڪ مشڪل چئلينج آهي، پاڪستان کي ماحولياتي انصاف جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين سان پوري دنيا کي خطرا آهن، اڄ پاڪستان جنهن مشڪل جو شڪار آهي سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به ان کي منهن ڏئي سگهي ٿو، عالمي سطح تي گرمي پد ۽ ماحولياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ ڪاربن جي اخراج ۾ اضافي جا رجحان ڳڻتي جوڳا آهن، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته اسان پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون، پاڪستان کي ماحولياتي لحاظ کان مضبوط ملڪ بڻائڻ ۾ عالمي برادري جي معاونت گهربل آهي، اميد آهي ته اسان ان بحران مان جلد نڪري اينداسين. هن چيو ته پاڪستان بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گهربل فنڊز جو اڌ پنهنجي وسيلن سان پورو ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻيو عالمي برادري جي تعاون سان پورو ڪيو ويندو. هن چيو ته هيستائين فنڊز ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي، هي شروعات آهي، ان ڏس ۾ عالمي امداد جون ڪوششون جاري رهنديون.