اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ٿيندڙ ”ڪلائميٽ ريزيلينٽ پاڪستان“ ڪانفرنس جي تيارين جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.