اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئي ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري وزارت سميت ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي.