
اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماحولياتي مسئلن تي وفاقي ڌرين جي وچ ۾ بهتر هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، رسڪ ميپنگ ۽ موسمياتي ماليات تائين پهچ سان گڏوگڏ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ جي صلاحيت کي به بهتر بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان موسمياتي تبديلي ڪائونسل (پي سي سي سي) جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ماحولياتي وفاقي وزير وفاقي وزير شيري رحمان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، صوبن، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن جي وزيرن ۽ عملدارن، ماحوليات ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم موسمياتي تبديلي ڪائونسل جي جوڙجڪ جي حوالي سان موسمياتي تبديلي واري وزارت جي قدم کي ساراهيندي موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير پاران عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جو ڪيس بهترين انداز ۾ پيش ڪرڻ تي کيس ساراهيو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو رکڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن مان هڪ آهي. وزيراعظم رسڪ ميپنگ، موسمياتي ماليات تائين پهچ جي لاءِ صلاحيت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نقصان جو اندازو لڳائڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ جي ضروررت تي زور ڏنو. هن مستقبل ۾ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ آفتن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملين ۾ رسڪ ميٽيگيشن ۽ موافقت کي شامل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم موسمياتي تبديلي تي ماهرن جي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا وفاقي حڪومت کي موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل معاملن جي مختلف رخن مثال طور موسمياتي ماليات، موافقت، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ بابت حڪمت عملين جي حوالي سان مشورو ڏيندي. وزيراعظم ماحولياتي مسئلن تي وفاقي ڌرين جي وچ ۾ بهتر هم آهنگي جي ضرورت تي زور پڻ ڏنو ڇو ته 18 هين آئيني ترميم کانپوءِ ماحوليات جو موضوع صوبن جي حوالي ڪيو ويو آهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن سال پاڪستان کي سخت سوڪهڙي (جنهن سان سنڌ صوبي جو ڊيلٽا علائقو خشڪ ٿي ويو)، ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن، شديد گرمي جي لهر، سراسري شرح کان ٽيڻ تي وڌيڪ گليشيئر پگهرڻ ۽ چوماسي جي شديد برساتن کي منهن ڏيڻو پيو. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 40 ارب امريڪي ڊالر لڳايو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ موسمياتي تبديلي بابت 152 انتهائي واقعن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ گليشيئر ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊز (جي ايل او ايف) ۾ 300 سيڪڙو اضافو ٿيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شديد گرمي جي لهر جو تسلسل وڌي ساليانو 41 ڏينهن ٿي ويو آهي ۽ پاڪستان جا ڪيترائي شهر مسلسل ٽن سالن کان دنيا جي گرم ترين شهرن ۾ شامل رهيا آهن جتي گرمي پد 53.7 ڊگري تائين وڌي ويو آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته گڏيل قومن تحت 27 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي) نومبر 2022ع ۾ مصر ۾ منعقد ٿيڻ واري آهي جيڪا پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان خطرن جهڙوڪ غذائي کوٽ، غذائي تحفظ، سمنڊ جي سطح ۾ اضافي ۽ آبهوا جي ڪري لڏپلاڻ ۾ اضافي تي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گروپ 77 ملڪن جو سربراهه هجڻ جي ناطي پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن جي حوالي سان ميمبر ملڪن جو ڪيس پڻ پيش ڪندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن وفاقي حڪومت جي قدم کي ساراهيندي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قومي موافقت جو منصوبو جوڙڻ ۽ موجوده ماحولياتي قانونن تي سختي سان عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. پي سي سي سي جي جوڙجڪ پاڪستان موسمياتي تبديلي ايڪٽ 2017ع تحت ڪئي وئي آهي. موجوده پي سي سي سي جو 29 آگشٽ 2022ع تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو. ڪائونسل جي سربراهي وزيراعظم ڪري ٿو جنهن جا 26 سرڪاري ۽ 20 غيرسرڪاري ميمبر آهن. ڪائونسل جو ڪم موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات جي مسئلن تي پاڪستان جي عالمي معاهدن تي مشاورت ۽ هم آهنگي ڪرڻ، موسمياتي تبديلي جي خدشن کي فيصلاسازي ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ ٺوس موافقت ۽ خاتمي جي پاليسين تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي.