APP71-061022 ISLAMABAD: October 06 - President of Islamic Republic of Pakistan Dr. Arif Alvi is addressing the sitting of Parliament while Speaker National Assembly Raja Pervaiz Ashraf presiding the session of the Parliament. APP

اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هي سال چونڊن جو سال آهي، سياستدان پاڻ ۾ ويهي چونڊن جي تاريخ طئي ڪن، سياسي قيادت جي وچ ۾ چونڊن جي معاملي تي صرف ڪجهه مهينن جو اختلاف آهي، نيب کي مضبوط ڪرڻ گهرجي پر ان ڳالهه جو به خيال رکڻ گهرجي ته ان کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن قانون جو غلط استعمال ٿئي ٿو، منهنجي خلاف به بندوقون سپلائي ڪرڻ ۽ دهشتگردي جو الزام لڳو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٺاهيل قانون جيڪڏهن سياسي طور تي استعمال ٿيندو ته پوءِ مڇر مارڻ جي لاءِ توپ ئي استعمال ڪئي ويندي، قانون کي ٽوڙي مروڙي هر جڳهه تي استعمال ڪرڻ ٺيڪ نه آهي، قومي راز پڌرا نه ٿيڻ گهرجن، آڊيو ليڪس جي جاچ ٿيڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين هڪ قابل عمل طريقيڪار آهي جنهن سان چونڊ عمل تي خدشا ختم ڪري سگهجن ٿا، ٻاهرئين ملڪ 30 لک پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي، پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي، ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جاري رکنداسين. چوٿين پارلياماني سال جي مڪمل ٿيڻ ۽ پنجين پارلياماني سال جي شروع ٿيڻ جي موقعي تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پارليامينٽ جي چوٿين سال جي مڪمل ٿيڻ ۽ پنجين سال جي شروع ٿيڻ تي پارليامينٽ ميمبرن کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. آئون هتي توهان جي آڏو قائداعظم جو قول پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن ۾ هن چيو ته خدا اسان کي هڪ عظيم موقعو ڏنو آهي ته اسان هڪ نئين رياست جي معمار طور پنهنجي قابليت کي ثابت ڪريون ۽ ڪير اهو نه چئي سگهي ته اسان پنهنجي ذميواري سان انصاف نه ڪري سگهياسين. آئون ان ذميواري جو به احساس ڏيارڻ چاهيان ٿو ته آزادي حاصل ڪرڻ ڪيتري مشڪل آهي ۽ جمهوريت کي وڌندو رهڻ گهرجي ته جيئن اسان جو ملڪ وڌيڪ مضبوط ٿئي. آئون تعاليٰ جي آڏو دعاڳو آهيان ته هو اسان کي درپيش مسئلن مان جلد ڇوٽڪارو عطا فرمائي. صدر چيو ته اسان کي هن سال چوماسي جي شديد برساتن جي ڪري هڪ ”عظيم ٻوڏ“ درپيش آهي جنهن جي ڪري اسان کي شديد نقصان برداشت ڪرڻو پيو. ٻوڏ سان هيستائين اٽڪل 15 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا ۽ گهرن، عمارتن ۽ بنيادي ڍانچي سان گڏوگڏ ننڍن ڊيمن کي پڻ نقصان پهتو. ان کانسواءِ زرعي شعبي کي به شديد نقصان پهتو. صدر چيو ته ان موقعي تي آئون سڀ کان اڳ انهن سمورن ادارن جا ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته جن ٻوڏ متاثرين کي بچايو ۽ انهن کي مدد فراهم ڪئي. انهن ادارن ۾ سرفهرست پاڪستان جي فوج آهي جنهن ان بحران ۾ انتهائي منظم انداز ۾ ماڻهن جون جانيون بچايون. ان سان گڏ ئي ٻين ادارن جو به ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جن ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، صوبائي حڪومتون، اين جي اوز ۽ هلال احمر جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. اهي ادارا ٻوڏ جي فوري پوءِ ماڻهن جي امداد لاءِ پهتا ۽ هاڻي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ان کانسواءِ آئون سرندي وارن ۽ نجي ادارن جا به ٿورا مڃان ٿو جن وڏي پئماني تي رقم جمع ڪري ٻوڏ سٽيلن ۾ ورهائي. هتي آئون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو به ذڪر ڪندس ته جنهن جي مدد سان ٻوڏ متاثرين کي رقم جي فراهمي ممڪن بڻائي وئي ۽ هيستائين 24 لک ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ 61 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي آهي. آئون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرلا نتونيو گوتريس جو به انتهائي ٿورائتو آهيان جو هن ٻوڏ متاثرن علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين جو احوال ڄاڻڻ جي لاءِ انهن سان ذاتي طور تي ملاقاتون به ڪيون. اسان 30 آگسٽ 2022ع جي 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل ۽ پوءِ ان کي 816 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي ڪال کي ساراهيون ٿا ۽ ان سان ٻوڏ متاثرين کي هڪ ٺوس انداز ۾ امداد پهچائڻ ۾ مدد ملندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو دورو عالمي برادري جو ڌيان ٻوڏ متاثرين جي خراب حالت طرف ڇڪرائڻ ۽ عالمي امدادي ڪوششن کي متحرڪ ڪرڻ جو هڪ موثر ذريعو ثابت ٿيو. صدر چيو ته اسان آمريڪي ڪانگريس جي وفد جا به ٿورائتا آهيون جو اهي ڪانگريس ميمبر شيلا جيڪسن جي قيادت ۾ پاڪستان آيا. ان کانسواءِ غيرملڪي معززين ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ سفير به ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ويا جنهن سان انهن کي ٻوڏ جي تباهين جو اندازو لڳائڻ ۾ مدد ملي. موسمياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري هن ٻوڏ جي شدت ۽ تباهي ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هئي. پاڪستان جو موسمياتي تبديلي ۽ عالمي سطح تي گرين هائوس گيسز جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ۽ عالمي حدت جي منفي ۽ مضر اثرن جي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. صدر چيو ته هو هن ايوان ۾ موجود پارليامينٽ ميمبرن، ڏاهن ۽ حڪومت سان واڳيل ماڻهن کي گذارش ڪري ٿو ته ايمرجنسي ريليف ۽ ريسڪيو خدمتن جي فراهمي لاءِ بوائي اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز جون خدمتون امداد ۽ ريسڪيو ۽ زخمين کي ايمرجنسي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ حاصل ڪري سگهجن ٿيون. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ بوائي اسڪائوٽس ايسوسيئيشن ۽ گرل اسڪائوٽس جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ان کانسواءِ پاڪستان ۾ نيشنل ڪيڊٽ ڪور جي ذريعي نوجوانن کي بنيادي فوجي تربيت کانسواءِ ايمرجنسي صورتن کي منهن ڏيڻ جي پڻ تربيت ڏني ويندي هئي. صدر چيو ته اڄ جڏهن ته موسمياتي تبديلين جي ڪري اسان کي ٻوڏ درپيش آهي ۽ مستقبل ۾ به اهڙين آفتن جوخ طرو وڌي ويو آهي ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي نوجوانن کي بحران ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ کانسواءِ سي پي آر ۽ شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي تربيت ڏيون. هنگامي صورتحال ڪٿي به ۽ ڪهڙي به جڳهه پيدا ٿي سگهي ٿي تنهن ڪري ضروري آهي ته اسان جا نوجوان هر وقت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهن. آئون هتي ان ڳالهه تي به زور ڏيڻ چاهيان ٿو ته سمورا ادارا گڏجي رت جو عطيو ڪرڻ جي مهم، بحران ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوان نسل کي تيار ڪن. صدر چيو ته ٻوڏ سبب اسان جي زرعي شعبي کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ لکين ايڪڙ فصل تباهه ٿي ويا ۽ خطرو آهي ته ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿيندي. ان حوالي سان حڪومتن کي فصلن جي انشورنس جي حوالي سان آبادگار دوست فصل انشورنس اسڪيم آڻڻ تي غور ڪرڻ گهرجي، ان ۾ نجي انشورنس ڪمپنين سان گڏوگڏ حڪومت به آبادگارن کي انشورنس فراهم ڪرڻ تي غور ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڊيمن جي مدد سان ٻوڏ جي پاڻي کي محفوظ ڪريون ته نه رڳو خشڪ موسم ۾ پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي ٿي پر پاڻي کي محفوظ ڪرڻ جي جديد طريقن کي اختيار ڪري اسان جر جي پاڻي جي سطح به مٿي ڪري سگهون ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ مون کي ان ڳالهه جو پتو پيو ته جبلن کان ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي جي تباهين کي مختلف ننڍن يا وڏن ڊيمن جي مدد سان گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ان جو مثال نوشهره جو آهي جتي بند ڏيڻ سان شهر کي وڏي نقصان کان بچايو ويو. هن چيو ته برساتن ۽ دريائن سميت مختلف پاڻي ذخيرن سان اٽڪل ڏيڍ سئو ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي حاصل ٿئي ٿو پر پاڻي گڏ نه ٿيڻ ۽ ان جي موثر ورڇ نه ٿيڻ سان هڪ پاڻي جو وڏو مقدار ضايع ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي هڪ وڏي آبادي ۽ صنعتن جو دارومدار زرعي شعبي تي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان کان اٽڪل 19 ڀيرا ننڍو ملڪ نيدرلينڊ دنيا جو ٻيو وڏو خوراڪ برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي زرعي شعبي کي ٽيڪنالاجي جي مدد سان ترقي ڏيڻي پوندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي وڏين ڪاميابين ۾ دهشتگردي جي لعنت تي ضابطو آڻڻ آهي. جهڙي طرح دهشتگردي جو مقابلو پاڪستان ڪيو آهي اهڙي طرح ڪنهن ٻئي ملڪ ناهي ڪيو. دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ اسان جي وڏي ڪاميابي آهي. ان کانسواءِ پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن کي 40 سالن تائين پناهه ڏني آهي. دنيا ۾ پناهگيرن جي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي انهن کي پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو پر اسان ائين نه ڪيو اسان کي ان تي فخر آهي. هن چيو ته اين سي او سي ۽ حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا جي ڪري تمام گهٽ نقصان ٿيو. هن چيو ته پاڪستان جي هڪ وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اسان جي آبادي جو اٽڪل 63 سيڪڙو حصو 15 کان 33 سالن جي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪي 35 ملين جي لڳ ڀڳ آهن، جنهن جو مطلب آهي ته اسان وٽ هڪ وڏي افرادي قوت موجود آهي. هن چيو ته جيڪڏهن انهن کي ڪا هنري سکيا نه ڏني وئي ته اهي بار بڻجي ويندا. قوم جي لاءِ تعليم تمام ضروري آهي. ڪجهه اندازن موجب اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي شرح اٽڪل 19 سيڪڙو آهي ۽ يونيسيف موجب انهن ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ اسان سڀني جو فرض آهي ته انهن جي تعليم جي فراهمي کي يقيني بڻايون. هن چيو ته مسجدن کي فجر کان وٺي ظهر تائين اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان جي ٻارن کي مڊل اسڪول تائين هنر جي سکيا ڏني وڃي. ان جي لاءِ نيشنل ووڪيشن ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ۽ ٻيو ٽيوٽا جو ادارو موجود آهي. صدر چيو ته پاڪستان کي به انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ڪروڙين تربيت يافته ماڻهن جي ضرورت آهي. پاڪستان ساليانو 30 هزار جي لڳ ڀڳ آءِ ٽي گريجوئيٽس پيدا ڪري ٿو ۽ پاڙيسري ملڪ اٽڪل 8 لک آءِ ٽي گريجوئيٽس پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تربيت يافته ۽ هنرمند انساني وسيلن جي وڏي کوٽ آهي ۽ اسان رڳو پنهنجي انساني وسيلن جي بنياد تي ئي ترقي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستان ۾ اهڙا ادارا موجود آهن جيڪي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آئون هتي وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن مان هيستائين اٽڪل 24 لک ماڻهن لاڀ پرايو آهي. هن چيو ته آئون هتي خصوصي ماڻهن جي معذوري جو به ذڪر ڪرڻ چاهيندس، جيڪي اٽڪل آبادي جو 9 سيڪڙو آهن، انهن کي به هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪنهن به قوم جي مجموعي سائبر صلاحيتون وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويون آهن. دفاع، اهم ٺڪاڻن، فوجي ۽ دفاعي ٺڪاڻن جي تحفظ سان گڏوگڏ معيشت ۽ اطلاعات جي شعبي ۾ به سائبر سيڪيورٽي جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي. پاڪستان کي ماضي ۾ هڪ ئي ۽ سائبر حملن کي منهن ڏيڻو پيو. پاڪستان سائبر صلاحيتن جي لحاظ کان انتهائي سستو ۽ تيز رفتاري سان پنهنجو مقام ٺاهي سگهي ٿو پر ان جي لاءِ اسان جي فورسز سان گڏوگڏ سڀني شعبن جي ادارن ۽ ماڻهن کي محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته صحت جو شعبو ملڪ ۽ قوم جي صحت جي حوالي سان اهميت رکي ٿو. ان شعبي ۾ مون کي آبادي جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جي ذميواري ڏني وئي، اسان جي پاڪستان جي آبادي ۾ اضافي جي شرح جيڪا اٽڪل 2.4 سيڪڙو آهي ان کي گهٽ ڪرڻو آهي ۽ ان تي اسان عالمن، ميڊيا ۽ استادن جي مدد سان ضابطو آڻي سگهون ٿا. پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب اٽڪل 90 لک جي لڳ ڀڳ حمل ٿين ٿا، جن مان اٽڪل 40 کان 50 لک خواهشن موجب نه هوندا آهن، ايتري وڏي آبادي تائين حمل کان روڪڻ جي مصنوعات رڳو 35 کان 40 سيڪڙو خاندانن تائين پهچي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 38 سيڪڙو ذهني ۽ جسماني ڪمزوري جا شڪار ماڻهو آهن. هن چيو ته مائرن کي ٻن سالن تائين ٻار کي پنهنجو کير پيارڻ گهرجي. ماءُ ۽ ٻار جي ذهني ۽ جسماني ڪمزوري ۽ غذائي کوٽ جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ ۽ احساس پروگرام تحت گهرن تائين غذائي پيڪيٽس جي فراهمي ممڪن بڻائي پئي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس بيماري اٽڪل 9 سيڪڙو آبادي ۾ موجود آهي، ان 9 سيڪڙو آبادي جي علاج جي لاءِ اربين ڊالر گهربل هوندا. اسان کي ان بيماري کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪڻ جي لاءِ تمام گهٽ وسيلن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي صحت ۽ سٿرائي برقرار رکي انهن بيمارين مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. جڏهن ته زيابيطس جي بيماري به اضافو ٿي رهيو آهي. ٿولهپڻ جي بيماري به وڌي رهي آهي، پوليو جي بيماري تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي پر اڃا تائين به مڪمل خاتمو ناهي ٿيو، ان لاءِ اسان کي وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي، آئون ان سلسلي ۾ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن سميت ٻين تنظيمن جا ٿورا مڃڻ چاهيندس. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان پڻ موت جي شرح تمام گهڻي آهي ۽ عورتن کي ان جي تشخيص پاڻ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هيومن رائيٽس ڪميشن جي سروي موجب اسان جي آبادي جو اٽڪل 24 سيڪڙو حصو ذهني ۽ نفسياتي صحت جي مسئلن جو شڪار آهي. ان حوالي سان 19 هزار کان وڌيڪ ماڻهن خودڪشيون ڪيون آهن. پنهنجي پيارن سميت ٻين کي شديد زخمي ۽ قتل ڪرڻ جا واقعا به ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته 22 ڪروڙ جي آبادي لاءِ رڳو 500 جي لڳ ڀڳ نفسياتي ماهر ۽ اٽڪل 1500 سائيڪلاجسٽ جو انگ تمام گهٽ آهي. صدر چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ذهني ۽ نفسياتي صحت جو نظام جوڙڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي ۽ 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان خدمتون آڇي، انهن کي ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ جي صحت جي نظام کي اٽڪل 7 لک نرسن جي تمام گهڻي کوٽ آهي ۽ هن وقت ملڪ ۾ رڳو 2 لک نرسون ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن جي ڪري سرڪاري ۽ نجي ٻئي شعبا شديد دٻاءُ جو شڪار آهن. هن چيو ته اسان کي ماڻهن کي ٽيلي هيلٿ جون خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ماڻهو گهر ويٺي ڊاڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اسان جي تيز رفتار ترقي ۽ خوشحالي جو خواب ان وقت تائين اڌورو رهجي ويندو جيستائين اسان آبادي جو 50 سيڪڙو حصو عورتن کي معيشت ۽ ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل نه ٿا ڪريون. هن چيو ته حضور ﷺ جي گهرواريءَ بي بي خديجته الڪبريٰ هڪ مضبوط ۽ خودمختيار مسلمان عورتن جي روشن ۽ اعليٰ مثال آهي. هن چيو ته اسان کي عورتن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ هدفن کي جلد کان جلد مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اسان کي عورتن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل ذريعن جي مدد سان مالي طور تي خودمختيار بڻائڻو پوندو. ان سلسلي ۾ مون کي خوشي آهي ته اسٽيٽ بئنڪ قدم کنيا آهن ۽ هاڻي عورتون گهر ويٺي اڪائونٽ کولرائي سگهن ٿيون. هن چيو ته آئون عورتن کي چوڻ چاهيان ٿو ته مختلف تربيتي ڪورسز جنهن ۾ ايمازون، گوگل، فيس بڪ يا ميٽا طرفان پيش ڪيل تربيتي ڪورسز مان اهي ضرور لاڀ پرائين. هن چيو ته ڪورونا جي ڪري اسان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو پر اسان حڪمت عملي سان ان تي ضابطو آڻي گهٽ نقصان ڪيو. هن چيو ته يوڪرين روس جنگ جا عالمي سطح تي به اثر پيا آهن ۽ پاڪستان تي به اثر پيا آهن. موجوده وزيراعظم ۽ گذريل حڪومت جو وزيراعظم به ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا ته اسان کي معاشي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو. گذريل سال اسان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪئي ۽ واڌويجهه جي شرح 5.97 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، اسان اها واڌويجهه جي شرح ڪورونا وبا، افغانستان مان آمريڪي فوجين جي واپسي کانپوءِ حڪومت جي تبديلي، روس يوڪرين تڪرار سميت ٻين مسئلن جي منفي اثرن جي باوجود حاصل ڪئي. صدر چيو ته آئون حڪومت کي آءِ ايم ايف سان ڪامياب ڳالهين تي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهڙن قدمن سان ملڪ کي اقتصادي ۽ مالياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته آئون دوست ملڪن جو به ٿورائتو آهيان جن اسان جي مدد ڪئي. هن چيو ته توهان سڀ مون سان اتفاق ڪندا ته مهانگائي تمام گهڻي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته توهان جي ڪوششن ۽ مدد سان مهانگائي تي جلد ضابطو آندو ويندو پر ان لاءِ اسان کي جلد کان جلد قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته گذريل ڏينهن ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي اگهه ۾ لاٿ ٿي آهي ۽ ڊالر جي قيمت 240 رپين تائين پهچي وئي هئي جيڪا هاڻي اٽڪل 223 رپين تائين پهچي وئي آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته مستقبل ۾ رپئي جو اگهه وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. هن چيو ته قائداعظم بدعنواني، پنهنجانوازي ۽ سفارشي ڪلچر کي ختم ڪرڻ تي گهڻو زور ڏنو، اسان کي سول ادارن سميت ملڪ ۾ مقررين ۾ ميرٽ کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته آئون ميڊيا کي مبينا طور تي ڌمڪائڻ ۽ تشدد جي واقعن طرف ڌيان ڇڪرائڻ چاهيان ٿو ۽ مون ان سلسلي ۾ وزيراعظم کي هڪ خط به لکيو آهي، منهنجي خيال ۾ ميڊيا کي خوفزده ڪرڻ سان پاڪستان جي جمهوريت کي شديد نقصان پهچندو. منهنجي خط ۾ سڀني صحافين جو نالو وٺڻ ممڪن نه هو، پر آئون اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته انهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ميڊيا ۽ صحافين جو تحفظ ۽ انهن جي آزادي کي يقيني بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ۽ آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي، اسان جو آئين صحافتي آزادي جي خاطري ڪرائي ٿو ۽ تنقيد ڪرڻ جي به آزادي ڏي ٿو. صحافت جي اندر سچائي به هٿي وٺرائڻ گهرجي، زرد صحافت جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي پر هر شيءَ کي ان جي کاتي ۾ نه وجهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي سوشل ميڊيا کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي، هي هڪ تمام وڏو فورم آهي، جنهن کي بند نه ٿو ڪري سگهجي. اسان جي عدالتن غلطي جي بنياد تي ٻن سالن تائين يوٽيوب کي بند رکيو جنهن سان معيشت کي به نقصان پهتو. ٽيڪنالاجي تي پابندي لڳائڻ ۽ سوشل ميڊيا ۾ نوجوانن ۽ ٻارن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ مسئلن جو حل نه آهي، اسان انهن فورمن تي موجود فيڪ نيوز ۽ گلا جي حوالي سان ماڻهن کي تعليم ڏيون ۽ اسان کي انهن کي اصل ۽ ڪوڙين خبرن کي ڄاڻڻ لاءِ تعليم ڏيڻي پوندي. جديد دور جي مسئلن کي پابنديون هڻي ۽ ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي پراڻي ۽ گٺل پيٺل طريقن سان حل نه ٿو ڪري سگهجي. ٽيڪنالاجي جا فائدي سان گڏوگڏ نقصان به آهن، اسان کي منفي ۽ مثبت رخن کي چڱي طرح سمجهڻو پوندو. صدر عارف علوي چيو ته غيبت سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ جهڙين ايپس وسيلي فروغ حاصل ڪري رهي آهي. اسان پنهنجي پسند ۽ تعصب جي لحاظ سان معلومات بنا تصديق جي اڳيان موڪلي ڇڏيون ٿا. هن چيو ته موقعي جي لحاظ سان انسان جي ڳالهائڻ جي انداز ۽ لفظن جي چونڊ ۾ فرق هوندو آهي، جيڪڏهن انهن شين کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ منهنجي دوستن سان ڪيل ڳالهه ٻولهه منهنجي ماءُ کي حقيقت کان هٽي ڪري پيش ڪئي ويندي ته ان کي به افسوس ٿيندو، ان سلسلي ۾ اڄڪلهه آڊيو ليڪس سامهون آيون آهن ۽ آئون سمجهان ٿو ته انهن جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، هي هڪ انتهائي سنگين اڳڀرائي آهي ۽ ان تي هنگامي بنيادن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. ڌرين مان ڪنهن هڪ جي به رضامندي کانسواءِ ٻن ڄڻن جي وچ ۾ نجي گفتگو کي عام ڪرڻ اخلاقي ۽ قانوني طور تي غلط آهي ۽ اها سٺي ڳالهه آهي ته حڪومت ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا انهن آڊيو ليڪس جي جاچ ڪندي. آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اهو رجحان جاري رهيو ته اهم سرڪاري آفيسن ۾ کلي ڪير به ڳالهه نه ڪري سگهندو. آئون ڳجهي انداز سان رڪارڊ ڪيل آڊيو ليڪس کي نه ٻڌان ٿو ۽ نه ئي وري انهن کي اهميت ڏيان ٿو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اهڙي ڳالهه ٻولهه کي اهميت ڏين ٿا انهن کي گهرجي ته اهي گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه جو خيال ضرور رکن ته قومي راز پڌرا نه ٿين. حقيقت کان هٽي ڪري ڳالهه ٻولهه سدائين غلط تصور ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته هر ڳالهه کي جهلڻ، بحث ڪرڻ ۽ ان تي جهيڙو ڪرڻ مناسب نه آهي، ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻين ماڻهن لاءِ ناهن هونديون. خاندان جي ماڻهن جي وچ ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه به ان زمري ۾ اچي ٿي ۽ اهڙي ڳالهه کي عام ڪرڻ به مناسب نه آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان اسان جي ملڪ ۾ مثبت رفتار سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. پاڪ چين دوستي هماليه کان بلند ۽ سمنڊ کان گهري آهي. چين سان اسان جا لاڳاپا 60 سالن کان آهن، اسان جي لاڳاپن جو بنياد صرف مفاد نه آهي پر دوستي آهي. هن چيو ته آمريڪا به اسان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر ۽ پراڻو دوست آهي، 50ع ۽ 60ع جي ڏهاڪي کان شروع ٿيندڙ انهن لاڳاپن کي اسان وڌيڪ جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون. اسان اهو سمجهون ٿا ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿي سگهن ٿا ۽ آئون ان ڳالهه تي زور ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان سڀني ملڪن سان گڏيل وقار، عزت ۽ احترام تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، يورپ به اسان جو وڏو واپاري پارٽنر آهي ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته جي ايس پي پلس جي حوالي سان پاڪستان ۽ يورپي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جاري رهندو. پاڪستان افغانستان مان فوج جي واپسي دوران به خدمتون ۽ راهداري فراهم ڪئي ۽ اميد آهي ته مستقبل ۾ به پاڪستان ۽ يورپ جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. صدر چيو ته سعودي عرب هر مشڪل ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ انهن اسان کي فنڊن جي فراهمي يقيني بڻائي. حرمين شريفين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ لاءِ اسان پنهنجون جانيون به ڏئي سگهون ٿا، ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ترڪيه گڏيل احترام ۽ ويجهي لاڳاپن واري تاريخ رکندڙ آهن، انهن جي دوستي به تاريخي آهي، نار رياستن سان به پاڪستان جا بهتر لاڳاپا آهن، جتي وڏي انگ ۾ پاڪستاني موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان پرامن دوست مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي ڇو ته پرامن افغانستان اسان جي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته ان ڳالهه جو به وڏو امڪان آهي ته اسان سڀني جي ڪوششن سان پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري ويندو. هن چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته هندستان سان دوستي ۽ امن ٿئي پر اها خواهش هندستان جي ڪشمير ۾ قدمن جي ڪري پوري نه ٿي ٿي سگهي. ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن قراردادن موجب حل ڪرڻ گهرجي، هندستان سان سڀني معاملن خاص طور تي ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان به گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو. هن چيو ته ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ رهيل مسلمان هندوتوا جي ڪري پاڻ کي جدا محسوس ڪري رهيا آهن. ڀارت ۾ مسلمانن سان سرڪاري سطح تي روا رکيل ڪارروايون ٿي رهيون آهن، جنهن سان ڀارتي معاشري کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ اهو نقصان ڀارت پاڻ پنهنجي لاءِ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي اهو معاملو صرف ڀارت تائين محدود ناهي رهيو پر برطانيا جي شهر ليسيسٽرشائر ۾ سڀني ڏٺو ته اتي ڪيئن هندستاني ۽ پاڪستاني پاڻ ۾ وڙهي پيا، قائداعظم اتحاد، تنظيم ۽ ايمان جي اهميت تي زور ڏنو ۽ اسان اتحاد کي ورهائي ڇڏيو. اها ڳالهه تاريخي طور تي طئي آهي ته صرف متحد قومون ئي آزمائشن مان نڪري سگهن ٿيون. قائداعظم اها ڳالهه اٽڪل 75 سال پهرين ڪئي ته متحد ٿي ترقي ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته اڄ پاڪستان جي اندر جيڪا ورڇ آهي ان جو سبب سوشل ميڊيا آهي، اسان کي پولرائيزيشن کان پاسو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪرپشن جي مسئلي تي آئون سمجهان ٿو ته نيب کي مضبوط ڪرڻ گهرجي پر هڪ ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته نيب کي سياسي مقصد جي لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي وري ان کي ٻين تي ظلم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. هن چيو ته اها ڳالهه طئي آهي ته دنيا ڪرپشن جي ڏوهه کي ٻين ڏوهن وانگر نه ٿي ڏسي، سوئيٽزرلينڊ ۽ برطانيا جا قانون به موجود آهن ته وائيٽ ڪالرز ڪرائيم جي صورت ۾ جوابدار کي ان ڳالهه جو ثبوت پاڻ ڏيڻو پوندو ته هن اها دولت ڪٿان آندي آهي. ڪرپشن جي خاتمي جي معاملي تي سڀ متفق آهن، ان حوالي سان حضرت عمر فاروق رضه جو مثال به موجود آهي. صدر چيو ته پارليامينٽ تمام گهڻي محنت سان قانون ٺاهيندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ان جو غلط استعمال به ٿي ويندو آهي، آئون پنهنجو مثال سامهون رکڻ چاهيان ٿو ته منهنجي خلاف دهشتگردي جو الزام لڳو ته آئون بندوقون سپلائي ڪريان ٿو، دهشتگردي جي خلاف استعمال ڪرڻ جي لاءِ آندل قانون کي جڏهن سياسي طور تي استعمال ڪيو ويندو ته ائين ئي ٿيندو ته مڇر مارڻ جي لاءِ توپ جو استعمال ڪيو وڃي، اهو قانون جو صحيح استعمال نه آهي، ان قانون کي ٽوڙي مروڙي هر جڳهه تي استعمال ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. هن چيو ته توهان ڏٺو ته توهين رسالت جي قانون جو به جڏهن غلط استعمال يا تشريح ٿئي ٿي ته ان جا معاشري تي ڪهڙا اثر پون ٿا. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته سياسي ورڇ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان بهتر حل منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن جو آهي، هي سال چونڊن جو سال آهي، تنهن هوندي به چونڊون منعقد ڪرائڻ هڪ سياسي فيصلو آهي، آئون سمجهان ٿو ته قوم کي هن ٻڏتر واري ڪيفيت مان ڪڍڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سياستدان پاڻ ۾ گڏجي ويهي چونڊن جي تاريخ طئي ڪن. سياسي قيادت جي وچ ۾ ان معاملي تي ڪجهه مهينن جو اختلاف آهي، جنهن جو حل گڏيل مشاورت سان ڪڍي سگهجي ٿو. صدر چيو ته اليڪشن جي معاملي تي سڀ گڏجي ويهي طئي ڪن ته موجوده ورڇ ۽ سياسي صورتحال کي بهتر ڪري سگهجي ٿو ۽ ٻيو اهم مسئلو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال جو آهي. هن پارليامينٽ جي اندر مون هڪ متفقه دستاويز پيش ڪيو هو، جنهن تي پارليامينٽ جي ڪميٽي ۾ بحث ٿيو هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي مدد سان ڪيئن چونڊون شفاف انداز ۾ منعقد ٿي سگهن ٿيون ۽ آئون ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي ڪميٽي جنهن کي مون چيئر ڪيو هو ان اهو طئي ڪيو هو ته ان کي بهتر ڪري لائونچ ڪيو وڃي پر اهو اڄ ڏينهن تائين ناهي ٿيو، آئون سمجهان ٿو ته چونڊن جي ڏينهن شفافيت جي لاءِ اها مشين ضروري آهي. اي وي ايم پويان نه ٿي ڏسي سگهي ته چونڊن کان پهرين ڇا ٿيو هو، ڪنهن کي ووٽ وجهڻ جي لاءِ ڪنهن مجبور ڪيو هو، هي مشين رڳو چونڊن واري ڏينهن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهي ٿي ته چونڊون منصفاڻيون ۽ شفاف ٿين، ان ۾ پيپر جو بيلٽ به موجود آهي، آئون چاهيان ٿو ته توهان ان طرف ڌيان ڏيو. ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته اسان ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪريون. سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد سان تمام گهڻن ڏوهن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ڊي اين اي جي مدد سان ريپ جي واقعن جي جوابدارن کي جهلي سگهجي ٿو، اهو اسان جي لاءِ مناسب نه آهي ته اسان ٻين شعبن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کان انڪار ڪريون. هن چيو ته آئون سمنڊ پار پاڪستانين جو ٿورائتو آهيان، جيڪي محنت سان ڪمايل رقم پاڪستان موڪلين ٿا، انهن جي ووٽ جو حق به سپريم ڪورٽ قبول ڪيو آهي. اٽڪل 90 سيڪڙو پرڏيهي پاڪستاني محنت، مزدوري ۽ روزگار جي مجبوري جي ڪري ٻاهر وڃن ٿا ۽ ان جي ڪري ئي اهي اتي رهن ٿا، انهن کي ووٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي، ان جي لاءِ حڪومت کي به ان ڳالهه جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان ڪوشش کي پڄاڻي تائين پهچائڻ گهرجي. هن چيو ته مون جيڪي ڳالهيون ايوان سامهون رکيون آهن انهن ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ پاڪستان جي مستقبل جي حساب سان ڳالهائي سگهان. منهنجو ايمان آهي ته هي قوم وڏي طاقتور آهي، توهان جهڙي انداز سان عالمي سطح تي رويو اختيار ڪيو، توهان جي اندر وڏي سخاوت موجود آهي، پاڪستان افغان پناهگيرن کي پناهه ڏنل آهي، پاڪستان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ جڏهن به ضرورت پئي پاڪستان دل کولي مدد ڪئي، پاڪستاني قوم جي اندر وڏي صلاحيت موجود آهي، انهن صلاحيتن مان لاڀ پرائڻ جي لاءِ اسان کي قائداعظم جي ڳالهين کي نظر ۾ رکڻو پوندو. اسان کي پاڪستانجي ترقي لاءِ ٻارن کي تعليم ۽ صحت ڏئي هن ملڪ کي مستحڪم ۽ طاقتور بڻائي ۽ غريبن جو خيال رکي اڳتي وڌڻو پوندو. ائين ڪرڻ جي صلاحيت هن قوم ۾ موجود آهي، هي مٽيءَ کي سون ۽ هي مٽيءَ سون آهي ۽ هتان جا ماڻهو ڪُندن آهن. صدر مولانا جلال الدين رومي جي قول جو حوالو ڏيندي چيو ته توهان پنهنجو پاڻ سان محبت ڪريو، پنهنجي خاندان سان محبت ڪريو، پاڙيسرين سان محبت ڪريو، قوم سان محبت ڪريو، انسانيت سان محبت ڪريو، الله تعاليٰ جي ٺاهيل سڀني شين سان محبت ڪريو، پنهنجي آخري نبي ﷺ سان محبت ڪريو ته پوءِ الله تعاليٰ سان محبت جا سڀئي رستا کلي وڃن ٿا.