اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي سائفر جي معاملي ۾ قوم ۽ ملڪ سان بدترين بديانتي ۽ خيانت ڪندي رياست جي خلاف غداري ڪئي، ملڪي سالميت سان راند کيڏي وئي، عمران نيازي دوست ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا خراب ڪيا، هو ٻڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ بدران پاڪستان جي مدد ڪندڙن کي بدظن ڪري رهيو آهي، ادارن کي بدنام ۽ قوم کي ورڇ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪڏهن هي شخص ٻيهر مڙهيو ته ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو، آئين ۽ قانون جي حدن کي اورانگهي اسلام آباد تي حملو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، مريم نواز جي ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ٿيو آهي، آڊيو ليڪس ۾ موجوده حڪومت جو ڪو ڪردار نه آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿئي، اسان ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون، آرمي چيف جي مقرري آئين ۽ قانون موجب ٿيندي. وزيراعظم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آڊيو ليڪ ڪرڻ ۾ حڪومت جو ڪو ڪردار نه آهي، جيڪڏهن آڊيو ليڪ ڪرائڻي هجي ها ته پنهنجي ڇو ليڪ ڪريون ها؟ آڊيو ليڪ ۾ چيو ويو آمريڪا مان ايندڙ سائفر جي معاملي تي آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو. هن چيو ته 3 اپريل 2022ع تي جڏهن بي اعتمادي جي رٿ تي ڳڻپ ٿيڻي هئي ته ان تي قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ کان اڳ ان وقت جي اطلاعات وارو وزير اٿي بيٺو ۽ هن بيان ڏنو ته حڪومت جي خلاف سازش ٿي آهي ۽ چيو ته ان سازش جي ذميوار غيرملڪي طاقتون ۽ مخالف ڌر آهي جنهن بي اعتمادي رٿ آندي جنهن تي ان وقت جي ڊپٽي اسپيڪر هڪ لکيل بيان پڙهيو ۽ بي اعتمادي رٿ کي رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هو ان وقت مخالف ڌر اڳواڻ هو، ان جي هڪ نه ٻڌي وئي. ان جي فوري پوءِ عمران نيازي ٽي وي اسڪرين تي نمودار ٿيو ۽ چيو ته هو اسيمبلي ٽوڙي رهيو آهي جنهن جي 20 منٽن کانپوءِ صدر اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي سمري منظور ڪري ڇڏي. هن چيو ته پنجاب جي گورنر جي حوالي سان سمري جي منظوري ۾ صدر کي هفتا لڳي ويا، ان کانسواءِ به ڪيترائي اهڙا معاملا آهن جيڪي هفتن تائين صدر صاحب وٽ پيل رهن ٿا پر اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي سمري هن 20 منٽن جي اندر منظور ڪري ورتي. وزيراعظم چيو ته ڊپٽي اسپيڪر سازش جي ڪهاڻي بيان ڪئي، اطلاعات واري وزير جي زباني ان کي جيئن جو تيئن تسليم ڪري ڪنهن کان پڇڻ کانسواءِ بي اعتمادي رٿ کي رد ڪيو. هن چيو ته عمران خان ان سازش جي بنياد تي قوم جا 5 مهينا برباد ڪيا. هن چيو ته عمران خان دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت سان لاڳاپن کي مجروح ڪيو. هن چيو ته عمران خان اسان کي امپورٽيڊ حڪومت چيو ۽ نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا الزام هنيا جن جو ڪو وجود ئي نه هو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به سياسي اڳواڻ بابت ڪجهه به چئي سگهجي ٿو پر ان تي غداري ۽ وطن فروشي جو الزام لڳائڻ هڪ ڪڌي سازش ئي ٿي سگهي ٿي. ان کان خراب فعل ڪو نه ٿو ٿي سگهي جيڪو عمران نيازي انجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته مون قومي اسيمبلي جي فلور تي چيو هو ته جيڪڏهن اها سازش مون سان ثابت ٿي وڃي ته قوم کي اختيار آهي ته اها اسان کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏي. وزيراعظم چيو ته سائفر جي حوالي سان سموريون ڪڙيون عمران خان ملي چڪيون آهن، اهو ڪو الزام يا دعويٰ نه آهي پر ٺوس ثبوتن جي بنياد تي چئي رهيو آهيان. هن چيو ته منهنجي گذريل پريس ڪانفرنس جي اڳئين ڏينهن هڪ آڊيو ليڪ آئي جنهن ۾ عمران نيازي چيو ”سائفر جي حوالي سان راند کيڏون ٿا، اسان کي آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو.“ هن چيو ته اها تار آمريڪا مان ئي آئي هئي جنهن جو نالو ناهي وٺڻو. وزيراعظم چيو ته آڊيو ليڪ ۾ عمران خان جا حواري چئي رهيا آهن ته ان سائفر جا منٽس اسان کي ئي تيار ڪرڻا آهن، اسان پنهنجي مرضي سان ان جا منٽس تيار ڪنداسين. هن چيو ته عمران نيازي ان تي قوم سان بدترين بديانتي ۽ خيانت ڪئي، قوم جي اعتماد سان کيڏيو، وطن جي وقار کي سفڪاڻي طريقي سان مجروح ڪيو جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 سالا تاريخ ۾ تمام وڏا وڏا واقعا ٿيا آهن پر انهن واقعن ۾ وطن جي عزت کي اهڙي طرح مجروح نه ڪيو ويو جهڙي طرح عمران نيازي ڪيو. هن چيو ته عمران خان سنگين واردات ڪئي آهي ۽ ملڪ سان سنگين راند کيڏي آهي. عمران خان پنهنجي آڊيو ۾ چوي ٿو ته ”اسان کي سائفر سان کيڏڻو آهي، آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو، توهان پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اچي وڃو، ان جا منٽس اسان کي تيار ڪرڻا آهن.“ وزيراعظم چيو ته ان کانپوءِ ڪو ابهام نه ٿو رهي ته ان سازش جا اصل سازشي چهرا ڪير آهن؟ عمران نيازي ۽ ان جو ٽولو ان ۾ اسان جو ڪو هٿ نه آهي. وزيراعظم چيو ته هي الله جو نظام آهي، ابهام 10 سالن تائين به رهي سگهيو پئي، پر الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستاني قوم تي ان سازش کي بي نقاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته اهو سڀ عمران نيازي جو ڪيل آهي، پاڪستان جي خلاف ان جي سازش آهي. هن چيو ته عمران نيازي ويٺي چئي ڇڏيو هو ته اپوزيشن آمريڪا سان گڏجي سازش ڪئي آهي، هي امپورٽيڊ حڪومت آهي پر حقيقت ۾ ان مڪروهه سازش جون ڪڙيون ۽ سازشي چهرا پوري قوم ڏسي ورتا آهن ۽ ان ۾ هاڻي ڪو ابهام ناهي رهيو. هن چيو ته عمران نيازي پاڪستان جي تاريخ جو ڪوڙو وزيراعظم رهيو آهي، ان جي هر ڳالهه جو تعلق پنهنجي ذات کان ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جا ٻه اجلاس ٿيا، ٻنهي اجلاسن جو پڌرنامو جاري ٿيو ته سائفر ۾ سازش جو پري پري تائين ڪو تعلق نه آهي پر هن ماڻهو ان کي روڪيو ۽ ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو. هن چيو ته هي ڀيانڪ ۽ خطرناڪ واقعو پاڪستان سان پيش آيو جنهن جي سموري ذميواري عمران نيازي ۽ ان جي ٽولي تي آهي، ان ۾ ڪو ابهام نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته عمران نيازي پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته هي آڊيو ليڪ ٿيڻ جي ٻن ڏينهن کانپوءِ هڪ ويجهي دوست ملڪ جو سفير مون سان ملڻ آيو، ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جا ڪجهه آفيسر به ويٺل هئا، مون ان دوست ملڪ جي سفير جا ٻوڏ جي حوالي سان امداد تي ٿورا مڃيا، منهنجي ان سان ڪجهه دير ڳالهه ٻولهه ٿي جيڪو مون کي هڪ طرف وٺي ويو ۽ چيو ته مون کي توهان سان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي. ان مان توهان اندازو لڳايو ته ڪير هن وزيراعظم هائوس ۾ اچي اعتماد سان ڳالهه ڪري سگهندو، دوست ۽ ڀائر ملڪ جو اهو رويو هوندو ته ٻين ملڪن جو ڪهڙو رويو هوندو. هن چيو ته پاڪستان جي بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ اچي ڪير ڳالهه ڪندو؟ هي اهي ناقابل تلافي نقصان آهن جيڪي اڳتي ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پاڪستان جي قوم برداشت ڪندي رهندي. هن چيو ته هڪ چونڊيل حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته اها قوم جا ڏک درد ورهائي ۽ عام ماڻهو جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪري. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ بدترين ٻوڏ آئي، هن وقت تائين وفاقي حڪومت اٽڪل 100 ارب رپيا وفاقي خزاني ۾ متاثر علائقن ۾ خرچ ڪري چڪي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي 70 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن جنهن مان اٽڪل 60 ارب رپيا ورهائجي چڪا آهن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڪمبل، خيما خريد ڪيا ويا، هي اها امداد آهي جيڪا صوبائي حڪومتن کانسواءِ آهي. هن چيو ته ان صورتحال ۾ عمران نيازي ۽ ان جا حواري سوشل ميڊيا جي ذريعي ڪڌا حربا اختيار ڪندا رهيا، انهن کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جي سرگرمين ۾ هٿ ونڊائڻ گهرجي ها پر انهن پاڪستان جي مدد ڪندڙن کي بدزن ڪيو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب جي ڏاکڻي علائقن سميت گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ جي ڪري بدترين تباهي ٿي، انهن علائقن جي بحالي ۾ انهن کي اڳتي اچڻ گهرجي ها پر عمران نيازي پٿر دل انسان آهي، انهن کي ذرو خيال نه آهي، بدترين بحران دوران به انهن کي متاثر ماڻهن جو ڪو خيال نه آيو. هن چيو ته عمران نيازي جي دل ۽ دماغ ۾ انسانن جي لاءِ ڪا همدردي نه آهي ۽ آئون اها ڳالهه بنا خوف ۽ ترديد جي ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته وفاقي حڪومت، ان جا رفقاءَ، پرڏيهي وزير، منصوبابندي واري وزير سميت صوبائي حڪومتن، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم ايز گڏجي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪيون پر عمران نيازي انهن ڪوششن جي اندر رڪاوٽون وڌيون، ان سان وڏو نقصان اهي ڪهڙو پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاڪستان جي اندر ۽ هتان واپس وڃي جهڙي طريقي سان پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، اهو ڪير نه ٿو وڙهي سگهي، آمريڪا مان وفد هتي آيا، ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو، چين 90 ملين ڊالر جي امداد فراهم ڪئي، چين جي ڪمپنين ۽ ماڻهن به ان ۾ حصو ورتو، آمريڪا ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي رقم ۾ 10 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو، آمريڪا پاران 61 ملين ڊالر جي امداد پاڪستان پهچي چڪي آهي، برطانيا، يو اي اي، قطر، جاپان سميت سڄي دنيا مان ملڪن پاڪستان جي مدد ڪئي پر اهو عمران نيازي جو ٽولو رڪاوٽ وجهندو رهيو. اهو چاهي ٿو ته دنيا پاڪستان کي امداد نه ڏي ۽ پاڪستان تباهه برباد ٿي وڃي. هن چيو ته عمران نيازي قوم کي بدترين بحران جو شڪار ڪيو آهي، آءِ ايم ايف سان انهن پاڻ معاهدو ڪيو ۽ ان جي شرطن جون ڌڄيون اڏايون، اسان ڏينهن رات محنت ڪري ان معاهدي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان کي ان ۾ ڪاميابي ملي پر جڏهن اها ڳالهه ٻولهه جاري هئي ته عمران نيازي جي حوارين اهڙا بيان ڏنا جن مان لڳي پئي ته پاڪستان نه ڪو دشمن ملڪ آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪري رهيو آهي. هن آءِ ايم ايف کي ڊيڄارڻ جي لاءِ ڪنفيوزن پيدا ڪئي. هن چيو ته اسان کي الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان سرخرو ڪيو. هن چيو ته عمران نيازي مٿي کان پير تائين فراڊيو آهي، هن قوم جي اعتماد سان کيڏيو، قومکي اڪيلو ڪيو، هن شخص پاڪ فوج تي حملا ڪيا، فوج ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جي لاءِ نيوٽرل ۽ چوڪيدار جا لفظ استعمال ڪيا. هن چيو ته هن ملڪ جي اندر دهشتگردي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوج جون بي مثال قربانيون آهن، جڏهن ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور ۾ حملا ٿيندا هئا، ڏينهن رات رت وهندو هو، فوج ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قيمتي قربانيون ڏنيون. هن چيو ته عمران نيازي فوج مخالف بيان ڏنا، ان جو اصل چهرو قوم ڏسي ورتو آهي. هن چيو ته ووٽ جي ذريعي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، اسان جون حقير خدمتون به قوم آڏو هونديون. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي پنهنجي چار سالا دور ۾ هڪ يونٽ بجلي پيدا نه ڪئي، هن قوم کي حسين خواب ڏيکاريا، اڄ خيبرپختونخواهه ان حالت ۾ پهچي ويو آهي ته هو ڊيفالٽ ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته سائفر ڊي ڪوڊ نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم هائوس مان سائفر جي ڪاپي گم آهي، ان حوالي سان عمران نيازي پاڻ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته کيس خبر نه آهي ته اها ڪٿي آهي. وزيراعظم چيو ته مريم نواز کي اعليٰ عدليه ڪلين چٽ ڏني آهي، هو پهريون ڀيرو عدالت ۾ پيش نه ٿي، هو پنهنجي والد سان گڏ نيب جي عدالتن ۾ ڏينهن رات پيش ٿيندي رهي آهي، جيل ڪاٽيا آهن، نيب جي عقوبت خانن ۾ وئي آهي، چار سال تائين هن تڪليفون برداشت ڪيون. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته قوم جي ڪنهن ڌيءَ کي اهڙين بدترين حالتن کي منهن ڏيڻو نه پوي. هن چيو ته آصف علي زرداري جي ڀيڻ کي چنڊ رات گرفتار ڪيو ويو، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي حڪومتون آيون ۽ ويون پر اهڙي قسم جي ڪِريل حرڪت ڪنهن حڪومت نه ڪئي ته ڀينرن ۽ ڌيئرن کي گرفتار ڪيو ويو هجي. هن چيو ته اين آر او جي ڳالهه ڪئي وڃي ته عمران خان جي ڀيڻ کي اين آر او انهن جي حڪومت ڏنو هو، پوري قوم ڏسندي رهجي وئي، انهن کي پنهنجو چهرو شيشي ۾ ڏسڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته عمران خان جي ڀيڻ جا دبئي ۽ نيويارڪ ۾ اثاثا آهن جيڪي ڊڪليئر نه ڪيا ويا، هو نمل يونيورسٽي ۽ شوڪت خانم اسپتال جي به ٽرسٽي هئي، هن پنهنجا اثاثا ڊڪليئر نه ڪيا، آمريڪا ۽ دبئي ۾ پنهنجا اثاثا لڪايا، ايف بي آر ان کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي ته اهو اين آر او نه هو ته ڇا هو؟ هن چيو ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو، عمران نيازي 190 ملين پائونڊ جو ڌاڙو هنيو جيڪو 50 ارب رپين جو ڌاڙو آهي، اهو پئسو پاڪستان جي خزاني ۾ اچڻو هو پر عمران خان جي ڪابينا ۾ بند لفافي ۾ اهو پئسو فلاڻي اڪائونٽ ۾ موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي، عمران خان اهو اين آر او پنهنجي ذات کي ڏنو. هن چيو ته مريم نواز جي ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ٿيو آهي، عمران نيازي پاڪستان جي خلاف سازش ڪئي ۽ 190 ملين پائونڊ تي اين آر او پاڻ کي ڏنو. وزيراعظم ان موقعي تي عمران خان جي دور ۾ جاري ڪيل آرڊيننس پڻ پڙهي ٻڌايو. هن چيو ته صدر اهو آرڊيننس جاري ڪيو ته ڪابينا جي فيصلي کي نيب نه ٿو پڇي سگهي. هن چيو ته قوم جي عمران نيازي جهڙي مصيبت مان جان ڇڏرائڻي پوندي. هن چيو ته عمران نيازي نيب جي قانونن ۾ ترميم ڪئي، رٽائرڊ جج لڳايا ويا، ائين لڳندو هو ته حاضر سروس ججن جي کوٽ پئجي وئي آهي يا اهي موجود نه آهن، ان جو مقصد پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف مرضي جا فيصلا وٺڻا هئا. هن چيو ته نواز شريف کي پاناما ڪيس ۾ اقامي تي سزا ڏني وئي، سعد رفيق، ان جي ڀاءُ، حمزه شهباز کي سزائون ڏيارڻ جي لاءِ رٽائرڊ ججن جي ضرورت پئي. هن چيو ته عمران نيازي عورت کي وزيراعظم هائوس ۾ حبس بيجا ۾ رکيو ۽ نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪيو، اهڙي طرح جون تلخ ڳالهيون 75 سالن ۾ ڪڏهن ڪنهن حڪومت ۾ نه ٿيون. هن چيو ته نيب چيئرمين کي ملازمت ۾ توسيع ڏني وئي، عمران نيازي نيب چيئرمين کي ڪنڌ مان دٻائي رکيو هو، هي ڪنهن کي اين آر او ڏئي رهيو هو؟ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ احتساب جي عمل جو روڄ راڙو ڪيو ويو، احتساب ڪميشن جي لاءِ 70 ڪروڙ رپين جا خرچ مقرر ڪيا ۽ چيو ته اها شفاف ڪميشن هوندي. جڏهن ان احتساب ڪميشن جي چيئرمين عمران نيازي کي خط لکيو ته توهان جي وزيرن جي خلاف ڪرپشن جي ڪيسز آهن ته هن اتي احتساب ڪميشن ئي ختم ڪري ڇڏي. هن چيو ته عمران نيازي تي بي آر ٽي جو ڪيس آيو ته ان تي پشاور هاءِ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر ورتو ويو، ايف آءِ اي کي چيو ويو ته ان کي اختيار نه آهي ته اها بي آر ٽي جو ڪيس کولي، ان جي ڪيس کلڻ سان اڳ ۾ ئي ترميمون اچي ويون، اهڙي طرح عمران خان کي اين آر او مليو. وزيراعظم چيو ته منهنجي خلاف برطانيا جي عدالت ۾ ٻه سال ڪيس هلايو ويو، نيشنل ڪرائم ايجنسي جاچ ڪئي ۽ منهنجي خلاف ڪو ثبوت نه مليو. هن چيو ته عمران نيازي وٽ 190 ملين پائونڊ آيا، مون وٽ جيڪڏهن 19 پائونڊ آيا هجن ها ته انهن کي مون کي ڪاري پاڻي ۾ موڪلڻو هو. هن چيو ته عمران نيازي قوم آڏو چيو ته شهباز شريف 10 ارب رپيا رشوت جي آڇ ڪئي جنهن تي 2017ع ۾ لاهور جي عدالت ويس پر عمران نيازي اتان ڀڳل آهي، ان جو وڪيل ڪيترن ئي سالن کان عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو، هي حڪومت هئا ۽ حڪومت ۾ رهي تاريخون وٺندا رهيا. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي رشوت ڏيڻ جي آفر ثابت ٿي وڃي ته آئون سدائين جي لاءِ سياست کي خيرباد چئي ڇڏيندس. هن چيو ته عمران نيازي نڪ جي ڏاڍائي سان چيو ته شهباز شريف ياديو چيني ڪمپني کان ملتان ميٽرو منصوبي ۾ 17 ملين ڊالر ورتا، هن چين کي بدنام ڪيو، اي آر وائي به ان واردات ۾ شامل هو، مون ان وقت چيو هو ته 48 ڪلاڪن ۾ ثبوت کڻي اچو، اهو ڪيس ڪيڏانهن ويو، اي آر وائي جي ان حوالي سان اي ميلز به مون کي آيون. هن چيو ته عمران نيازي چيو ته جايد صادق ان جو فرنٽ مين آهي، عمران نيازي اهي ڪاغذ پاڻ لهرايا. ان ٺوس ثبوت کانپوءِ ڪو سوال باقي نه ٿو رهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪابينا جي فيصلي تحت عمران خان جي خلاف ڪيس جي جاچ جاري آهي، قوم کي پوري شفافيت سان آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته قانون موجب لاڳاپيل ادارا ان تي ڪارروائي ڪندا. وزيراعظم چيو ته منهنجي هن وقت 71 سال عمر آهي، مون زندگي ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن، نواز شريف جي مهرباني سان ٽي ڀيرا پنجاب جو خادم رهيس، الله منهنجي قائد، مخلوط حڪومت جي مهرباني سان مون کي اهم ذميواري ڏني آهي، ان کان وڏو عهدو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، ان تي جيترو شڪر ادا ڪريان گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن عمران نيازي پاڪستان تي ٻيهر مڙهيو ته هي پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيندو، هي پاڪستان جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، هي شخص ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائي ۽ سازشون ڪري ٿو، پاڪستان کي بدنام ڪري ٿو. هن چيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ فراڊ ڪرڻ ڪٿان جي ليڊرشپ آهي. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي بيواهه عورتن، يتيم ٻارن جي خوشحالي جي لاءِ هر حد تائين وڃي سگهي ٿو. هو قوم جو خادم آهي، آخري دم تائين هو ملڪ جي خدمت ڪندو رهندو. مهانگائي جي حوالي سان هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿئي، اسان ڏينهن رات ان ۾ گهٽتائي جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير آيو آهي، ڊالر جي قدر به گهٽ ٿي آهي. هن چيو ته اسان بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ سرچارج کي ٽي سئو يونٽ تائين ختم ڪري ڇڏيو آهي، ٻُڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي جا بل معاف ڪيا آهن، هاڻي اسان ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ آبادگارن کي مفت ٻج ڏينداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ موجوده مهانگائي گذريل چار پنجن مهينن ۾ ناهي ٿي، گذريل چار سالن ۾ ان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، عمران نيازي جي دور ۾ کند جي قيمت 52 رپين مان 100 رپين تائين وڌي وئي آهي، ڪڻڪ مهانگي ٿي، عمران نيازي بجلي، تيل ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو. هن چيو ته ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ايماندار ماڻهو آهي، پوري ڪابينا ڏينهن رات عوامي خدمت ۾ مصروف آهي. هن چيو ته اسان مهانگائي ۾ گهٽتائي ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته نواز شريف جڏهن چارج ڇڏي هئي ته مهانگائي 3 سيڪڙو هئي، عمران نيازي جي دور ۾ مهانگائي 14 کان 20 سيڪڙو جي وچ ۾ پهتي. هن چيو ته ڪهڙو وزيراعظم اهو چوندو ته ڊالر جي قيمت ۾ اضافي جي کيس خبر ئي نه آهي، خدانخواسته جيڪڏهن جنگ لڳي وڃي ته ڇا هو چوندو ته مون کي خبر ئي نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان ان کي قانون ۽ آئين ۾ هڪ طريقيڪار لکيل آهي، ان موجب فيصلو ٿيندو. نواز شريف جي واپسي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ميان نواز شريف جڏهن ايندو خوشحالي آڻيندو. هن چيو ته نواز شريف جو علاج جڏهن مڪمل ٿيندو ۽ ڊاڪٽر کيس اجازت ڏيندا ته هو وطن واپس ايندو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جي سازش هڪ ڪڌي حرڪت آهي، ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي، ان کان وڏو جرم ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، ڪابينا باقاعده انڪوائري شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عدليه جي فيصلن جا اثر معاشري تي پون ٿا. اصل سوال اهو هجڻ گهرجي ته عدليه انصاف تي ٻڌل فيصلا ڪري رهي آهي، اهو ئي اهو ايشو آهي جنهن تي اسان سڀني کي رهندي دنيا تائين عدليه کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ گهرجن. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان بطور پارليامينٽرين ڪوشش ڪئي ته نظام کي ڌچڪو نه لڳڻ گهرجي، اسان جيڪڏهن پارليامينٽ کان ٻاهر هليا وڃون ها ته هن ملڪ ۾ قيامت اچي وڃي ها. هن چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ عمران خان جو هٿ روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي هجي ها ته پوءِ خدا ئي ڄاڻي ٿو ته ڇا ٿئي ها. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته اسان جو فوڪس عمران خان نه آهي ان جون سازشون هيون. لانگ مارچ جي حوالي سان هن چيو ته ڪنهن کي قانون کي هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته 2022ع ۾ اسان کي بدحال معيشت ملي، اسان پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائي رياست کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، اسان پنهنجي ووٽن تائين جي پرواهه نه ڪئي. اها ڳالهه هر زبان عام تي هئي ته پاڪستان جو ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو آهي، جيڪڏهن عمران نيازي اقتدار ۾ رهي ها ته پاڪستان ڪڏهن ڪو ڏيوالپڻو ٿي چڪو هجي ها. بئنڪن پاران ايڪسچينج ريٽ ۾ ڦيرُار جي نتيجي ۾ اربين رپيا ڪمائڻ جي حوالي سان سوال تي وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي زوم ميٽنگ تي گهرائي ان جي انڪوائري جا حڪم جاري ڪيا آهن، هاڻي نئين ناڻي وارووزير ان جو نوٽيس ورتو آهي. هو ان تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڊپارٽمينٽل راندين جي ٻيهر شروعات جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته اسپورٽس ڊپارِٽمينٽس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي انهن راندين جي ٻيهر شروعات ڪن. رميز راجا ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نئون نئون آيو هو، ان کي موقعو ملڻ گهرجي ها، ان حوالي سان اسان مشاورت سان فيصلو ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جي جاچ جي ڀيٽ گذريل چار سالا انڪوائري سان ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪوڙ ۽ فراڊ تي ٻڌل هئي. جهڙي طريقي سان انڪوائريز ٿيڻ گهرجن ان طريقي سان ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ابراج گروپ جو عارف نقوي لنڊن ۾ گرفتار آهي، ووٽن جو خيراتي پئسو سياست تي لڳايو ويو. اها فنانشل ٽائيمز جي رپورٽ آهي، منهنجي خلاف ڊيلي ميل ۾ آرٽيڪل شايع ڪيو ويو، آئون ته ان جي خلاف عدالت ۾ ويس، عمران خان فنانشل ٽائيمز جي خلاف عدالت ڇو نه ويو، ان جو مطلب آهي چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک آهي، عمران نيازي چين ۽ ترڪيءَ کي بدنام ڪيو، ترڪيءَ جي ڪمپني جي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، منهنجي خلاف ڪرپشن جي هڪ رپئي جو الزام ثابت نه ٿيو. ادارا پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، آئون انهن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندس. وزيراعظم چيو ته اسان شروع کان نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. انهن جي خلاف جيڪي ثابت ٿيل ڪيسز هئا انهن تي ڪا ڪارروائي نه ٿي. هن چيو ته عمران نيازي نيب چيئرمين کي واڌ ڏني، هڪ چيف جسٽس اليڪشن جي ڏينهن ۾ چونڊ تڪن ۾ ويندو رهيو، چيف جسٽس جو ڪم ته انصاف ڏيڻ هوندو آهي، هڪ خاص پارٽي جي اميدوارن جي مهم هلائي، ان جو ڪهڙو جواز بڻجي ٿو. نيب نيازي ڳٺ جوڙ ذريعي ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهايو ويو، اسان انتقامي ڪاررواين تي يقين نه ٿا رکون، انصاف ۽ حقيقتن جي بنياد تي ادارا جيڪي به رپورٽس ڏيندا اهي سڀني جي سامهون پيش ڪنداسين. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڪُوڙو قرار ڏئي چڪي آهي.