اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ايف 9 پارڪ ۾ سٽيزن ڪلب جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب گهرو وزير شيخ رشيد احمد، منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، سينيٽر فيصل جاويد، سي ڊي اي چيئرمين ساڻس گڏ هئا.

سٽيزن ڪلب جي عمارت جي تعمير جو آغاز 2008ع ۾ ٿيو پر ان جي تڪميل التوا جو شڪار رهي جنهن کي موجوده حڪومت 2018ع ۾ مڪمل ڪيو، عمارت کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان درپيش قانوني معاملن جي ڪري تڪميل التوا جو شڪار رهي. ڪابينا تازو ئي ان عمارت کي عوامي مقصدن جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ تي غور ڪيو،


وزيراعظم عمران خان جو دورو ان سلسلي جي ڪڙي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي مشهور آرڪيٽيڪ نير علي دادا ۽ سي ڊي اي کي چيئرمين تي مشتمل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي سٽيزن ڪلب جي عمارت کي عوامي مقصدن جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان پنهنجون سفارشون وزيراعظم کي جلد پيش ڪندي.