APP33-240721 ISLAMABAD: July 24 - Federal Minister for Information and Broadcasting Fawad Chaudhry and Special Assistant to the Prime Minister on Accountability and Interior Mirza Shahzad Akbar jointly addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته ڀارت پاران اسرائيلي سافٽ ويئر جي ذريعي ٻين ملڪن جي جاسوسي عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي، اهو اسڪينڊل پاناما ليڪس کان به وڏو آهي، ڀارت اسرائيلي سپائي ويئر پيگاسس ذريعي هائبرڊ جاسوسي ڪئي، مودي ان سافٽ ويئر کي ڀارت جي اندر پنهنجي مخالفن جي جاسوسي جي لاءِ پڻ استعمال ڪيو، وزيراعظم عمران خان ۽ ڪجهه عسڪري عملدارن جي فون جي ڊيٽا وٺڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي، پيگاسس جي ذريعي رڳو پاڪستان کي ئي نشانو نه بڻايو ويو پر 10 ٻين ملڪن جا نالا به آيا آهن، ڀارت سائبر جاسوسي جي ذريعي پاڪستان جي سلامتي تي حملو ڪيو آهي، پاڪستان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ جي لاءِ هر قانوني قدم کڻندو، پاڪستان اڳ ۾ ئي گڏيل قومن کان معاملي جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪري چڪو آهي، پاڪستان ان سائبر حملي جي سرڪاري سطح تي انڪوائري جو فيصلو ڪيو آهي، انڪوائري ڪميٽي ۾ سيڪيورٽي ادارن ۽ پرڏيهي آفيس جا عملدار شامل هوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. شهزاد اڪبر چيو ته هي هڪ اهم ايشو آهي، ان جي اهميت پاڪستان جي قومي سلامتي جي لاءِ تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته هڪ صحافتي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل سان گڏجي ان معاملي جو انڪشاف ڪيو، اهو پاناما ليڪس کان به وڏو معاملو آهي، پاناما ليڪس ۾ رڳو ماڻهن جي ڪرپشن جي ڳالهه هئي. شهزاد اڪبر چيو ته ڪجهه عرصو اڳ اي يو ڊس انفوليب جي هڪ پوري تفصيل سامهون آئي هئي ته ڪهڙي طريقي سان 750 کان وڌيڪ فيڪ اڪائونٽس ذريعي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي وئي ۽ ان کي انٽرنيشنل لابنگ جي لاءِ پاڪستان جي خلاف استعمال ڪيو ويو. ان جي لاءِ پاڪستان مان انٽرنل انفارميشن حاصل ڪئي ويندي هئي اها ان نئين انڪشاف مان ظاهر ٿي وئي آهي. هن چيو ته پيرس ۾ قائم هڪ غيرمنافعو ڏيندڙ اداري فارگيٽن اسٽوريز ايمنسٽي انٽرنيشنل سان گڏجي 10 جولاءِ 2021ع تي هڪ رپورٽ جاري ڪئي، اها رپورٽ 17 کان وڌيڪ خابرو ادارن ۽ 80 کان وڌيڪ صحافين جي گڏيل ڪوشش هئي. ان رپورٽ ۾ ڪجهه ملڪن جي سڃاڻپ ٿي جن پيگاسس سپائي ويئر جو استعمال ڪيو. ان کي زيرو ڪلڪ اٽيڪ چيو وڃي ٿو جيڪو اسرائيل جي هڪ ڪمپني اين ايس او گروپ تيار ڪيو آهي. اها ڪمپني سپائي ويئر تيار ڪري ٿي ۽ 2016ع کان اها اسپائي ويئر مختلف ملڪن کي وڪرو ڪري رهي آهي. اهو ملٽري گريڊ اسپائي ويئر آهي جيڪو عسڪري مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اسرائيل جي پنهنجي قانون تحت اهو اسرائيلي حڪومت جي مرضي ۽ اجازت کانپوءِ ئي ڪنهن حڪومت کي وڪرو ڪري سگهجي ٿو، ڪو انفرادي طور تي اهو سافٽ ويئر نه ٿو خريد ڪري سگهي. هن ٻڌايو ته اين ايس او گروپ 40 کان وڌيڪ ملڪن کي 60 کان وڌيڪ سپائي ويئر سافٽ ويئر وڪرو ڪيا. فورگيٽن اسٽوريز پراجيڪٽ وٽ 10 ملڪن جي ڊيٽا آئي جن کي اهو اسپائي ويئر سافٽ وڪرو ڪيو ويو جنهن ۾ ڀارت به شامل آهي. ڀارت اهو اسپائي ويئر حاصل ڪري ان کي نه رڳو پنهنجي ملڪ جي صحافين، ڪاروباري شخصيتن ۽ ججن جي خلاف استعمال ڪيو پر هن ان سافٽ ويئر جو استعمال پاڪستان ۾ وزيراعظم ۽ اعليٰ عسڪري عملدارن جي فون تي اٽيڪ جي لاءِ پڻ استعمال ڪيو ۽ ڊيٽا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کي گارڊين پڻ رپورٽ ڪيو. هن چيو ته پيگاسس سپائي ويئر کي زيرو ڪلڪ چيو وڃي ٿو جيڪو فون کي هڪ ميسيج ذريعي متاثر ڪري ٿو. فون تي هڪ پيغام ملي ٿو جنهن کي کوليندي فون مڪمل طور تي هيڪ ٿي وڃي ٿو، ان سان نه رڳو ڊيٽا پر رابطا نمبرز سميت سموري ڊيٽا هيڪ ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته اين ايس او جو سافٽ ويئر جڏهن ڪنهن ملڪ کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو ته ان سان گڏ هڪ معاهدو ڪيو وڃي ٿو ته اهو رڳو عسڪري مقصدن جي لاءِ دهشتگردن جي خلاف استعمال ڪري سگهجي ٿو. اها معاهدي جي هڪ شرط آهي پر جڏهن سافٽ ويئر وڪرو ٿي وڃي ٿو ته ان سافٽ ويئر تي انهن جو ڪنٽرول نه ٿو رهي. هن چيو ته جڏهن اهو سافٽ ويئر هڪ غيرذميوار حڪومت ۽ ملڪ ڀارت کي وڪرو ڪيو ويو ته هن نه رڳو ان کي پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪيو پر ان سان گڏوگڏ هن پاڪستان سميت 10 ٻين ملڪن کي به ٽارگيٽ ڪيو. هن چيو ته اسان کي هڪ ڀيرو اطلاع ملي ته سينيئر ملٽري آفيشلز کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي، انهن جا فون هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان کانپوءِ وزيراعظم جي فون کي به ٽارگيٽ ڪيو ويو. هن چيو ته ان جي ڪڙيءَ اي يو ڊس انفوليب سان ملي ٿي. ڪجهه عرصو اڳ برسلز ۾ قائم هڪ ريسرچ گروپ هڪ رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته 750 فيڪ ميڊيا آئوٽ ليٽس تان انفارميشن جنريٽ ڪئي ويندي هئي، اها سڄي فيڪ انفارميشن هوندي هئي، ان کي ڀارت جي نيوز ايجنسي اي اين آءِ ذريعي پکيڙيو ويندو هو، ان جي ذريعي عالمي فورمز تي پاڪستان جي خلاف لابنگ ڪئي ويندي هئي. هن چيو ته ڀارت سائبر اٽيڪ سان گڏيل قومن جي چارٽر جي پڻ خلاف ورزي ڪئي، اهو پاڪستان جي سالميت تي حملو آهي، سائبر اٽيڪ ۾ بنيادي طور تي ملٽري گريڊ سافٽ ويئر کي استعمال ڪيو ويو، جيڪو هڪ حملي جي برابر آهي. هن چيو ته اسان قومي سطح تي مشاورت ڪئي، اهو هڪ سنگين معاملو آهي، فرانس به ان ڏس ۾ قدم کنيو آهي ۽ ان اندروني جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اسان به پاڪستان ۾ اسپائي ويئر جي هيڪنگ ۽ جن آفيشلز کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، ان جو پتو لڳائڻ جي لاءِ جاچ شروع ڪري رهيا آهيون. اها انويسٽيگيشن انٽر ايجنسي ڪوآپريشن ذريعي ڪئي ويندي جنهن ۾ ايف آءِ اي، فارن آفيس ۽ گهرو وزارت سميت ڪابينا ڊويزن پڻ شامل هوندي. ان جاچ کانپوءِ ان جون فائنڊنگز عالمي سطح تي شيئر ڪيون وينديون جنهن ۾ گڏيل قومن جو فورم پڻ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت جي سينئر ٽيم به ان پوري معاملي جو جائزو وٺي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي، اسان کي پنهنجي سالميت جو تحفظ ڪرڻو آهي جيڪو اسان جو قانوني حق آهي ان کي استعمال ڪرڻو آهي. هن چيو ته مختلف آپشنز غور هيٺ آهن جنهن ۾ اهو معاملو گڏيل قومن ۽ ان جي ذيلي ادارن جي سطح تي اٿاريو ويندو. شهزاد اڪبر چيو ته وزيراعظم ۽ ٻين عسڪري عملدارن جي پرائيويسي جي رائيٽس جي پڻ خلاف ورزي ٿي آهي، اسان عالمي فورمز تي اهو معاملو اٿارينداسين، پاڪستان ان کي پنهنجي سالميت تي حملو سمجهي ٿو ۽ ان تي پاڪستان ڪارروائي جو حق رکي ٿو. هڪ سوال تي هن چيو ته جاچ ۾ فونز جي پڻ فرانزڪ ٿيندي، ان کانپوءِ خبر پوندي ته اهو اٽيڪ ڪامياب ٿيو يا نه. ان ڏس ۾ اسان جي انويسٽيگيشن ٽيم، ريسرچ گروپ سان پڻ رابطو ڪندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته جاچ جي لاءِ ٽيم بابت مشاورت ٿي چڪي آهي، هلندڙ هفتي ٽيم جو اعلان ٿي ويندو. جاچ ۾ وقت گهربل هوندو ڇو ته ڪجهه ٻاهر جي ماڻهن سان به رابطو ڪرڻو آهي، ان ۾ ٻن کان ٽن مهينن جو وقت لڳي سگهي ٿو. پاڪستان پرڏيهي آفيس ذريعي مطالبو ڪري چڪو آهي ته عالمي سطح تي ان معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ 2017ع لاڳو آهي، ان تحت ئي ڪيسز رجسٽرڊ ٿين ٿا.