ڪراچي – 24 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي عوام ويڪسين لڳرائي، عوام اين سي او سي جي هدايتن تي سختي سان عملدرآمد ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ موجود هئا. صدر هدايت ڪئي ته سنڌ جو گورنر محرم الحرام کان اڳ مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان گڏ اجلاس منعقد ڪري. هن چيو ته محرم الحرام جي ڏينهن ۾ مذهبي جاين ۽ ميڙاڪن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، هن مشڪل وقت ۾ عوام ذميواري جو مظاهرو ڪري، موثر حڪمت عملي ذريعي ئي غربت جو خاتمو ۽ پائيدار ترقي ممڪن آهي. هن چيو ته ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين ضلعن جي ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان وفاقي حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر جئه پرڪاش، سنڌ اسيمبلي ميمبر فردوس شميم نقوي، سعيد آفريدي، خرم شير زمان، بلال غفار ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ پڻ موجود هئا. وفاقي وزير ڪورونا وائرس جي صورتحال خاص طور تي چوٿين لهر ۾ انڊين وائرس جي موجودگي جي حوالي سان صدر کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير اسد عمر وفاقي فنڊنگ سان جاري ترقياتي اسڪيمن ۽ صوبي جي لاءِ مستقبل جي منصوبن بابت بريفنگ پڻ ڏني. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته عوام ماسڪ جو استعمال ڪري، رش کان پري رهي ۽ ويڪسين ضرور لڳرائي. هن چيو ته پائيدار منصوبن ۽ قدمن سان صوبي جي ماحولياتي، معاشي ۽ سماجي مسئلن جو حل يقيني بڻائڻو آهي. منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر اجلاس کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سنڌ صوبي ۾ پائيدار ترقي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، گهڻ رخي حڪمت عملي ذريعي وڏن شهرن ۽ سياحتي جاين تي سختي سان ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائي رهيا آهيون.