APP35-240721 ISLAMABAD: July 24 - Federal Minister for Information and Broadcasting Fawad Chaudhry and Special Assistant to the Prime Minister on Accountability and Interior Mirza Shahzad Akbar jointly addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته (ن) ليگ حمدالله محب ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ملاقات جي آڊيو ٽرانسڪرپٽ قوم آڏو رکي، پاڪستان مخالف افغان شخص نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ ڀارتي ڳجهن اهلڪارن سان پڻ ملاقات ڪئي، نواز شريف ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي، ڇا کيس پاڪستان مخالف حمدالله محب سان ملاقات ڪرڻ گهرجي ها؟ پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ تي پاڪستان افغان قومي سلامتي جي صلاحڪار جي آفيس سان پنهنجا سمورا رابطا ختم ڪري ڇڏيا آهن، افغان قيادت تي واضح ڪيو آهي ته افغان سلامتي واري صلاحڪار سان ڪا ڳالهه نه ٿيندي، پاڪستان هر مشڪل وقت ۾ افغانستان جو ساٿ ڏنو، اسان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن تي سمورا افغان گروهه متفق هجن، پاڪستان ڪيترن ئي سالن تائين 50 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، امرالله صالح جيڪڏهن 20 سالن تائين اقتدار ۾ رهڻ کانپوءِ به پنهنجي ملڪ کي استحڪام نه ٿو ڏئي سگهي ته کيس پنهنجو محاسبو ڪرڻ گهرجي، اسان افغان عوام سان گڏ بيٺل هئاسين ۽ بيٺل رهنداسين، ڀارت پاڪستان جي وزيراعظم سميت دنيا جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ پاڻ ڀارت جي اندر پنهنجي اپوزيشن ۽ صحافين جا فون ٽيپ ڪرائڻ جي لاءِ اسرائيل جي ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جو احتساب ۽ گهرو معاملن وارو صلاحڪار شهزاد اڪبر پڻ ان موقعي تي موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ افغان نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر جي آفيس مان هڪ پريس رليز جاري ٿي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته حمدالله محب نواز شريف سان لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته نواز شريف پاڪستان مان مفرور آهي، کيس هتي ڪرپشن جي ڪيسز ۾ سزا ٿي چڪي آهي. هن وقت هو لنڊن جي انهن اپارٽمينٽس ۾ رهيل آهي جيڪي اربين رپين جي ڦريل رقم سان خريد ڪيا ويا آهن. هن چيو ته حمدالله محب جي ملاقات تي پاڪستان حڪومت کي خدشا آهن، امرالله صالح ۽ حمدالله محب جو بنيادي طور تي افعانستان جي سرزمين سان ڪو ذاتي تعلق نه آهي، انهن جا خاندان به اتي نه ٿا رهن، اهي مخصوص مشن تي افغانستان آيا آهن. اسان امرالله صالح يا حمدالله محب جي بيانن تي ڪو جواب نه ڏئي رهيا هئاسين پر جڏهن اسان ڏٺو ته انهن پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۽ هر معاملي ۾ گهسيٽڻ جو شيوو بڻائي ڇڏيو آهي، ته اسان جي ڪابينا جي ميمبرن امر صالح جي ڳالهه ٻولهه جو جواب ڏنو. حمدالله محب مئي جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان بابت جيڪا زبان استعمال ڪئي اها ورجائي نه ٿي سگهجي. پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ تي حڪومت پنهنجا سمورا رابطا افغانستان جي نيشنل سيڪيورٽي آفيس سان ختم ڪري ڇڏيا آهن، اسان اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته اسان انهن ماڻهن کي پنهنجي ڪا گذارش يا پاليسي تي ڳالهه ٻولهه نه ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف لنڊن ۾ هڪ اهڙي شخص سان ملاقات ڪئي جنهن جا ڀارت سان لاڳاپا لڪل نه آهن، مئي جي ٽئين هفتي ۾ جڏهن حمدالله محب پاڪستان جي خلاف ڳالهايو، ان جي فوري پوءِ ان جون ملاقاتون ڀارت جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان ٿيون ۽ هن اتي به پاڪستان جي خلاف ڳالهايو. هن چيو ته پاڪستان 50 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، افغانستان جا شاگرد هتي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اسان افغانستان مان آيل انهن ٻارن کي تعليم جي سهولت ڏني ۽ انهن کي اهي موقعا فراهم ڪيا ته اهي هڪ ڪامياب انسان بڻجي سگهن. هن چيو ته هن وقت 6 هزار کان وڌيڪ افغان شاگرد پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي اسپتالن ۾ افغان رهواسين کي علاج جي سهولت ڏني وڃي ٿي، اڄ به پاڪستان افغانستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته اسان افعانستان ۾ هڪ متفقه حڪومت جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم جو پهرين ڏينهن کان هڪ نظريو رهيو آهي ته اسان افعانستان ۾ ڪنهن گروپ سان گڏ نه آهيون، اسان افغانستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. ان جو مطلب آهي ته اسان ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت جي لاءِ ڪوششون ڪري هيا آهيون جنهن تي سمورن ماڻهن جو اتفاق هجي. هن چيو ته حمدالله محب جي نواز شريف سان ملاقات افسوسناڪ آهي، ڇا نواز شريف پنهنجي پارٽي کي ان ملاقات کان اڳ اعتماد ۾ ورتو هو، ڇا هن (ن) ليگ جي سينيئر قيادت کي آگاهه ڪيو هو ته هو اها ملاقات ڪرڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهي چڪو آهي، ڇا کيس پاڪستان مخالف افغان شخص سان ملاقات ڪرڻ گهرجي ها؟ هن چيو ته اهو تمام ضروري آهي ته ان ملاقات جي آڊيو ٽرانسڪرپٽ عوام آڏو آندي وڃي. هن چيو ته ان کان اڳ به نواز شريف نيپال ۾ جندال سان ملاقات ڪئي ۽ ان جي ٽرانسڪرپٽس به عوام آڏو نه آندي وئي پر ڀارت جي هڪ ناليواري صحافي برکا دت پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته نواز شريف جندال کي مودي جي لاءِ پيغام ڏنو هو ته پاڪستان جي فوج سندس رستي ۾ رڪاوٽ وجهي رهي آهي. هن چيو ته ڪنهن ملڪ جو وزيراعظم پنهنجي دشمن ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي پنهنجي ملڪ جي خلاف سازشون ڪندو ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ هن چيو ته مريم نواز به هڪ تصوير ٽوئيٽ ڪئي ته عمران خان جي ملاقات مودي سان ٿي ۽ جنرل باجوه جي ملاقات حمدالله محب سان ٿي. هن چيو ته حمدالله محب افغانستان جو نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر آهي، اداراجاتي سطح تي ملاقاتن جي حيثيت ۽ انفرادي ملاقاتن جي حيثيت ۾ فرق آهي. مئي جي ٽئين هفتي ۾ جڏهن حمدالله محب پاڪستان مخالف بيان ڏنا، ان کانپوءِ پاڪستان جي ڪنهن اهلڪار ساڻس ملاقات نه ڪئي. هن چيو ته عمران خان جي مودي سان ملاقات جي وقت اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ موجوده پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملاقات ۾ شامل هو ۽ ان ملاقات بابت پارٽي کي خبر هئي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڳجهيون ملاقاتون ناهي ڪندو. هن چيو ته هن وقت پاڪستان کي سازشون درپيش آهن، بدقسمتي سان ڀارت پاڪستان جي اندر افغانستان سان گڏ بارڊر کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪيو، ان تي اسان ڊوزيئر پڻ ڏئي چڪا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان ڀارت سان سٺن لاڳاپن جي پوري ڪوشش ڪئي آهي، اسان ڀارت سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، عمران خان واضح ڪيو آهي ته ڀارت سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته اسان چين ۽ ڀارت جيڪي ٻه وڏيون واپاري منڊيون آهن، انهن جي وچ ۾ اچي وڃون ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي عوام جي حالت بدلجي ويندي پر بدقسمتي سان ڀارت تي هڪ اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جيڪا آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي آئيڊيالاجي کان متاثر آهي. هن چيو ته مسلمانن تي ظلم ۽ تشدد، گجرات ۾ فرقيواراڻن فسادن ۾ مسلمانن کي شهيد ڪرڻ سميت بابري مسجد ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ هندوتوا جو انتهاپسند نظريو مودي ۽ سندس حڪومت جي سامهون رهيو، ان نظريي سان گڏ جڏهن افغانستان جا ٻه ٽي ماڻهو ڳنڍجي وڃن ٿا ۽ پوءِ اهي نواز شريف سان ملاقاتون ڪن ٿا ته شڪ شبها پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي ان معاملي تي وضاحت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته امر صالح ۽ حمدالله محب 20، 20 سال افغانستان ۾ اقتدار ۾ رهيا، اڄ اهي پاڪستان مخالف بيان ڏئي رهيا آهن، انهن پنهنجي ملڪ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ جيڪڏهن 20 سالن جي حڪومت کانپوءِ به افغانستان کي استحڪام نه ڏئي سگهيا ته انهن کي پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت افغانستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسان افغانستان ۾ ڪنهن هڪ گروپ سان گڏ بيٺل نه هونداسين، اها خواهش ڪرڻ ته اسان توهان جي ويڙهه وڙهنداسين، ممڪن نه آهي، انهن کي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ڪشمير جي عوام کي حق ڏيڻ چاهيون ٿا ته اها پنهنجي مرضي سان فيصلو ڪري. هن چيو ته ڪشميرين جي دل پاڪستان سان گڏ ڌڙڪي ٿي، عمران خان ڪشميرين جو سفير آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته گارڊين اخبار انهن کي خط لکيو ۽ وزيراعظم جا ٽي نمبرز ڏنا ۽ چيو ته اهي ٽي نمبر ٽارگيٽ ٿيا آهن، اسان ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون، اسان پنهنجي جاچ گڏيل قومن ۽ ٻين ادارن سان شيئر ڪنداسين.