اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ نٿيا گلي ۾ پائن جو ٻوٽو لڳايو. وزيراعظم نٿيا گلي ۾ پائن جو ٻوٽو لڳائڻ جون تصويرون ٽوئيٽ ڪيون. هن چيو ته پائن جو ٻوٽو لڳائڻ اسان جي مون سون وڻڪاري مهم جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته چاهيان ٿو ته پوري قوم ملڪ کي سرسبز بڻائڻ ۾ حصو وٺي.