اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ مخالف ڌر پاران ڌانڌلي جي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جون چونڊون آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف طريقي سان ٿيون آهن، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو سچو سفير آهي جنهن هر عالمي فورم تي ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اٿاريو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي، (ن) ليگ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ڪشمير مسئلي کي اجاگر نه ڪيو، مريم نواز چونڊ مهم دوران پاڻ کي ڪشميري هجڻ جي دعويٰ ڪري ڪشميري عوام کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ مريم نواز آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ چونڊ مهم دوران به ڀارتي حڪومت ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي خلاف هڪ لفظ نه ڳالهايو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو سچو سفير آهي، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن، او آءِ سي، يورپي يونين سميت هر عالمي فورم تي ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نقاب ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا ۽ ڪشميري عوام چونڊن دوران پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي رد ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ماضي ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حڪومتون ڪيون آهن پر انهن ٻنهي پارٽين جي قيادت ڪشميري عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ آزاد ڪشمير ۾ ترقياتي منصوبا ۽ فلاحي پروگرام شروع نه ڪيا.