اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ پنڊ دادن خان تعلقي ۽ کيوڙه مان پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي وئي آهي، چونڊن ۾ عام ماڻهو ڀرپور دلچسپي ورتي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الحمدالله پنڊ دادن خان تعلقي ۽ کيوڙه مان پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي وئي آهي، ڪشمير جي چونڊن ۾ پولنگ جي شرح مان لڳي ٿو ته عام ماڻهو انهن چونڊن ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي ۽ چونڊ عمل تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، انشاءَ الله ڪشمير ۾ عمران خان جي حڪومت والاريل ڪشمير جي عوام جي لاءِط طاقت جو سبب بڻجندي.