اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اوڪاڙه ۾ جهولو ڪرڻ سان ٻه ننڍڙيون ٻارڙيون فوت ٿي ويون، گذريل سال پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪنٽرول اٿارٽي (پي ايس ڪيو سي اي) ٻارن جي جهولن جي ڪوالٽي سرٽيفڪيشن لازمي قرار ڏني هئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن اوڪاڙه انتظاميا ڪوالٽي سرٽيفڪيٽ کانسواءِ جهولو لڳائڻ جي اجازت ڏني ته ڊي سي کي گرفتار ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن سرٽيفڪيٽ هو ته پي ايس ڪيو سي اي جي ذميوارن کي پڪڙيو وڃي.