تاشقند – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ازبڪستان جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تعاون جي ٺاهن تي صحيحن جي تقريب ٿي. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تعاون جي ٺاهن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف کانسواءِ پاڪستاني وفد جي ميمبرن ۽ ازبڪستان جي اعليٰ حڪومتي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي معاهدي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ۽ وزيراعظم عمران خان صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ٺاهن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن واپارين ۽ سياحن جي وفدن جي لاءِ ويزا عمل آسان بڻائڻ جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي پڻ صحيحون ٿيون. پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ عسڪري تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون ويون جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطن جي معاهدي تي پڻ صحيحون ٿيون. وزيراعظم عمران خان جي ازبڪستان جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ثقافتي رابطن جي فروغ ۽ ڪسٽمز جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن ٻطرفي تزويراتي حصيداري قائم ڪرڻ جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون. وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان جو ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله آريپوف تاشقند ايئرپورت تي شاندار آجيان ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي، وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عاطف خان پڻ وزيراعظم سان گڏ ازبڪستان جي دوري تي آهن.