تاشقند – 15 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان واپار، معيشت، زراعت ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، ازبڪستان سان مضبوط واپاري حصيداري قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ازبڪستان جي رستي وچ ايشيا ۽ ازبڪستان پاڪستان جي رستي وچ اوڀر ۽ آفريقا تائين واپاري پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ازبڪستان مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر تي گڏيل فلم ٺاهيندا، ازبڪ قيادت سان افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، افغانستان کي گهرو ويڙهه کان بچائڻ ۽ مسئلي جي پرامن سياسي حل جي لاءِ ڀرپور سفارتي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پهرين مرحلي ۾ پاڪ افغان پرڏيهي وزير ملاقات ڪندا پوءِ سربراهي سطح تي ڳالهه ٿيندي، ازبڪستان جي صدر چيو آهي ته پاڪستان سان سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جا خواهشمند آهيون، تعاون جي فروغ لاءِ سفارتي روڊ ميپ قائم ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ازبڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ازبڪ قيادت جا ٿورائتا آهيون، ازبڪستان جو هي منهنجو پهريون دورو آهي پر آخري هرگز نه هوندو، ازبڪ قيادت سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ثقافت ۽ سياسي شعبن ۾ تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن، ثمر قند ۽ بخارا جي تاريخ کان مون سميت هر پاڪستاني چڱي ريت واقف آهي. هن چيو ته ازبڪ قيادت نئين ازبڪستان ۽ پاڪستان ۾ اسان نئين پاڪستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ازبڪستان ۽ پاڪستان معاشي ترقي جي هڪ ئي سفر تي هلي رهيا آهن، پاڪستان ۽ ازبڪستان کي گڏجي پنهنجي عوام کي غربت جي ڌٻڻ مان ڪڍڻو آهي. هن چيو ته مديني جي رياست جو بنياد عوامي ڀلائي ۽ هڪ جهڙي انصاف تي هو ۽ مديني جي رياست ۾ ماڻهن کي تمام گهڻيون سهولتون ميسر هيون، چين انهن ئي اصولن کي اختيار ڪري پنهنجي عوام کي غربت مان ڪڍيو. وزيراعظم چيو ته 130 پاڪستاني واپارين جو هڪ وڏو وفد ساڻس گڏ تاشقند آيو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جون نيون راهون کلنديون، وڌيڪ ڪاروباري ماڻهو به ازبڪستان اچڻ چاهين ٿا، اها اسان جي مضبوط لاڳاپن جي شروعات آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان جيو اسٽريٽجڪ مان جيو اڪنامڪ طرف وڃي رهيا آهيون. ازبڪستان سان مضبوط واپاري حصيداري قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون ڇو ته ازبڪستان وچ ايشيا جو هڪ وڏو ملڪ آهي. ازبڪستان جي جديد زرعي اوزارن ۽ صحت جي شعبي ۾ تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پاڪستان زراعت کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي خاص طور تي ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ازبڪستان جي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان 22 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهي جنهن جي خطي ۾ جاگرافيائي اهميت آهي، ازبڪستان پاڪستان جي رستي وچ اوڀر تائين واپاري پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو جڏهن ته پاڪستان وچ ايشيا جي ملڪن جي رابطي وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ازبڪستان سان فضائي ۽ زميني رابطن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جا وسيع موقعا موجود آهن، ازبڪستان ۽ وچ ايشيا تائين واپاري سامان جي چرپر جي لاءِ پاڪستان مان مزار شريف ريلوي لائين منصوبي ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو، اسان ان منصوبي کي جلد کان جلد اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ازبڪ قيادت سان افغانستان جي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، افغان عوام 40 سالن کان مسئلن جو شڪار آهي، افغانستان جي مسئلي جي سياسي حل جا خواهشمند آهيون ۽ اسان اهو عزم ظاهر ڪيو ته پاڪستان، ازبڪستان، تاجڪستان، ايران ۽ ترڪيءَ افغانستان ۾ امن عمل ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندا، افغانستان جي عوام اسان جا ڀاءُ آهن، بطور پاڙيسري انهن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا، افغانستان کي گهرو ويڙهه کان بچائڻ جي لاءِ ڀرپور سفارتي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پهرين مرحلي ۾ پاڪ – افغان پرڏيهي وزير ملاقات ڪندا، بعد ۾ سربراهي سطح تي ڳالهه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ازبڪ قيادت سان ثقافت جي شعبي ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اسان اهو فيصلو ڪيو ته مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر تي گڏيل فلم ٺاهي ويندي، اسان جي نئين نسل کي اسان جي ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي صوفي بزرگن ۽ علامه اقبال تي پڻ فلمون ٺاهڻ گهرجن، ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ثقافتي رابطن جي فروغ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ازبڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ تعاون ڪندو. ان موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو اهم ملڪ آهي جنهن سان واپاري، سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم ۽ سندس وفد جي ازبڪستان اچڻ تي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان جي گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي بنيادن تي پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، پاڪستان سان سفارتي روڊ ميپ قائم ڪنداسين. هن چيو ته 2 سال اڳ ازبڪستان پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم رجسٽرڊ ڪرائي هئي، اسان کي خوشي ٿيندي ته پاڪستان ڪرڪيٽ جي فروغ ۾ اسان جي مدد ڪري.