اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊ مهم دوران مراد سعيد ۽ علي امين گنڊاپور جي قافلي تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، راجا فاروق حيدر جي حوارين پاران قاتلاڻو حملو سياسي ماحول کي بدامني ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ شڪست جي خوف کان روايتي غنڊاگردي ۽ گلوڪريسي تي لهي آئي آهي.