اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پسني ۾ دهشتگردي جي واقعي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جُون بهادر سيڪيورٽي فورسز ملڪ دشمن ايجنسين جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي رهيون آهن، دهشتگردن پاران ديسي ساخت ڌماڪيدار مواد (آءِ اي ڊي) سان سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻي ڪارروائي آهي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪنهن به صورت ۾ امن ۽ خوشحالي کي سبوتاز ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪيپٽن عفان ۽ سپاهي بابر زمان جي بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعاڳو آهيون.