اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي اڻ لاڳاپيل ايشوز ۾ ڌڪڻ ۽ گمراهه ڪرڻ بدران چونڊ مهم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ٻئي پارٽيون آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي دورن جي ناقص ڪارڪردگي کي لڪائڻ جي لاءِ ماڻهن کي پنهنجي لاءِ بهترين آپشن جي چونڊ ڪرڻ جي حوالي سان گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ٻنهي پارٽين پنهنجي حڪومتن جي دور ۾ ڪرپشن کانسواءِ ماڻهن جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، انهن وٽ پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي، ان لاءِ غيرضروري بيان بازي ڪري رهيا آهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان بنا خوف گڏيل قومن سميت سمورن عالمي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهي رهيو آهي ۽ هن مودي حڪومت جي مڪروهه چهري کي دنيا آڏو بي نقاب ڪري حقيقي معنيٰ ۾ ڪشميرين جو سفير هجڻ جو حق ادا ڪيو، سندس ڪوششن جي ڪري اڄ اولهه ميڊيا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن جي خلاف لکي رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پي ايم ايل (ن) پنهنجي پارٽي سپورٽرز جي خلاف ڪيسن جي لاءِ ادارن جي آفيسرن تي تنقيد ڪري رهي آهي جڏهن ته انهن کي پنهنجون بدعنواني ۽ غيرقانوني حرڪتون آڏو آهن.