
فيصل آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز ۽ زرداري جي ناجائز دولت تي پرورش ماڻيندڙ ٻار ڪشمير بچاءُ مهم جي آڙ ۾ ابو جي ڪرپشن لڪائي رهيا آهن، مريم ايون فيلڊ ۽ بلاول سوئس بئنڪن جي ناجائز دولت جو تحفظ ڪري رهيا آهن، نواز شريف سميت پورو شريف خاندان اين آر او جي لاءِ ڀڳوڙو آهي، مريم سرٽيفائيڊ ڪوڙي آهي، هوءَ چوندي هئي ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به جائيداد نه آهي ۽ پوءِ جائيدادون نڪري اچن ٿيون، (ن) ليگ جو ماضي آمريڪا جي غلامي ۽ جوتا پالش ڪرڻ جي ڪيترن ئي واقعن سان ڀريل آهي، مريم ۽ بلاول ۾ ڪهڙي اهليت آهي، انهن جي سي وي ۾ رڳو وڏي خاندان جو هجڻ لکيل آهي، (ن) ليگ کي جيڪڏهن ڪشمير بچائڻو هجي ها ته مودي ڇو انهن جي گهر اچي ها، انبن ۽ ساڙهين جا تحفظ ڇو وڃن ها، (ن) ليگ ڪلڀوشن جي پڪڙڻ کانپوءِ ڇو خاموش رهي. هو چلڊرن اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان گڏيل قومن ۾ بيهي مودي جي آر ايس ايس نظريي کي بي نقاب ڪيو، ٻئي طرف ڀارت کي خوش ڪرڻ جي لاءِ نواز شريف ڊان ليڪس جهڙن معاملن جو سهارو وٺندو رهيو. هن چيو ته ڀارت اسان طرف ميري اک سان ڏٺو ته ان جا ٻه جهاز ڪيرائي ڇڏيا، اهو آپريشن عمران خان جي قيادت ۾ مڪمل ٿيو. هن چيو ته عمران خان ڪشميرين جو سچو وڪيل آهي، سندس ئي ڪوششن سان اڄ مودي تي هر طرف کان دباءُ وڌي رهيو آهي، بلاول ۽ مريم هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن، ٻنهي جي پرورش پنهنجي والد جي ناجائز دولت سان ٿي آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سنجيده هجن ها ته چونڊ سڌارن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن (اي وي ايم) کان ڪڏهن فراريت اختيار نه ڪن ها. هن چيو ته عمران خان جي ڳالهه دنيا ٻڌي ٿي ڇو ته پاڪستان ۾ عمران خان ئي واحد ليڊر آهي جنهن جي ساک سٺي آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي احتساب کي مڪ مڪا جو ذريعو بڻائي ڇڏيو هو، پهريون ڀيرو ٻنهي جي احتساب ۾ پڪڙ ٿي آهي، نيب قومي خزانو ڦريندڙن کان 450 ارب وصول ڪيا، 33 ارب رڳو زرداري ڪيس ۾ ريڪور ٿيا. هن چيو ته مريم بزدل آهي جيڪا پنهنجي سزائن جي خلاف ٿيل اپيلن ۾ التوا جي پٺيان لڪي رهي آهي، هيستائين 6 ڀيرا عدالت کان التوا وٺي چڪي آهي، نواز شريف الطاف حسين ٽو بڻجي چڪو آهي، لنڊن ۾ پولو مئچ ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال تي فوجي قيادت سياسي قيادت کي اعتماد ۾ ورتو، آمريڪا به تسليم ڪيو ته خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار آهي، پرامن افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70 هزار جانيون قربان ڪيون، 150 ارب جو معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پيو. هن چيو ته عمران خان قوم، پاڪستان جي مستقبل ۽ سالميت کي سامهون رکندي فيصلا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڊي جي خان ۽ ساهيوال ضلعي ۾ سڀني کي هيلٿ ڪارڊ ملي ويو، ڊسمبر تائين پنجاب جي هر گهر تائين هيلٿ ڪارڊ پهچي ويندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته فيصل آباد ۾ سرندي وارن ماڻهن جي تعاون سان پنهنجي صحت جي شعبي کي وڌيڪ بهتر ڪري رهيا آهيون، چلڊرن اسپتالن ۾ ٻارن جي لاءِ ڊائيلاسز مشين جو عطيو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هيلٿ ڪارڊ سان 5 لک خاندانن فائدو کنيو آهي، هاڻي خيبرپختونخواهه ۾ رهندڙ هر ماڻهو جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ئي هيلٿ ڪارڊ نمبر هوندو.