اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 25 فوتگيون ٿيون جنهن مان 16 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 737 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 14 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 12 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 14 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 18 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان اسڪردو ۾ 67 سيڪڙو، ملتان ۾ 17 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 20 ۽ گلگت ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 47 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 16 هزار 102، پنجاب ۾ 17 هزار 196، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 547، اسلام آباد ۾ 1 هزار 978، بلوچستان ۾ هڪ هزار 397، گلگت بلتستان ۾ 475، آزاد ڪشمير ۾ 883 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 11 هزار 383 ٿي چڪو آهي.