APP94-080721 ISLAMABAD: July 08 – Lt. Gen (R) Anwar Ali Haider, Chairman Naya Pakistan Housing & Development Authority called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي تعميرات، خاص طور تي نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبن جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم تعميرات جي شعبي ۾ تيزي جي رجحان تي اطمينان جو اظهار ڪيو.