اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ڊي ايم ختم ٿي چڪي آهي، آر ۽ پار ڪندڙ اڄ پاڻ بري طرح خوار ٿي رهيا آهن ۽ هڪٻئي تي ڊيل جا الزام لڳائي رهيا آهن، هاڻي مخالف ڌر ئي مخالف ڌر تي عدم اعتماد ڪيو آهي ۽ هڪٻئي کي حلوي ۽ نهاري کائڻ جا طعنا ڏنا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ ادارا آزاداڻي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن، جتي به ڪو به غلط ڪم ٿيندو آهي ته ادارا ان جي خلاف ايڪشن کڻندا آهن. پي ٽي آءِ جي ميمبر بابر اعواڻ تي ڪيس ٿيو ته هو پنهنجي عهدي تان هٽي ويو هو ۽ جڏهن ڪليئر ٿيو ته ٻيهر عهدو ماڻيو، هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرنسپل سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ٿيو آهي، هو نيب ۾ پيش ٿئي، جيڪڏهن ان تي ڪا شيءَ ثابت ٿئي ٿي ته ان کي فوري طور تي فارغ ڪيو ويندو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ ڪرپشن ۽ احتساب جي حوالي سان گهڻو ڪم ڪيو ويو، اسان انڪوائريون ڪرايون ۽ ڪميشن ٺاهيا، هن چيو ته مسلم ليگ ن جي تاريخ ڊيلن سان ڀري پئي آهي، مسلم ليگ ن هن وقت مڊ نائٽ ڊيل وٺڻ جي چڪر ۾ آهي. بجيٽ واري ڏينهن بلاول ڀٽو کي شهباز شريف ۽ ن ليگ جا ميمبر نظر نه آيا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مريم نواز هائيڪورٽ ۾ پنهنجي ئي اپيل داخل ڪئي آهي ۽ ان تي ڇهون ڀيرو التوا ورتي وئي آهي، پاڻ مريم نواز هر اپيل تي اچي ويندي آهي پر ان جو وڪيل بحث نه ڪري رهيو آهي ۽ التوا وٺي رهيو آهي، هڪ طرف مسلم ليگ (ن) وارا چوندا آهن ته اسان جي ڪيسن تي فيصلا ناهن ٿيندا ۽ ٻي طرف اهي التوا وٺندا پيا وڃن، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي پنهنجي ڪيسن جي حوالي سان به چوڻ گهرجي ته اسان جي ڪيسن جي به روزاني جي بيناد تي ٻڌڻ ٿئي ۽ سمورن گواهن جا بيان رڪارڊ ٿين ته جيئن کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي سگهي، هن چيو ته نواز شريف ملڪ واپس اچي ان کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ۽ جيڪو هڪ قيدي جي حق هوندو آهي ان کان وڌي ڪري ان کي ڏنو ويندو پر نواز شريف ملڪ ۾ واپس ته اچي.