اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي خلاف هائبرڊ جنگ ۾ ملوث آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ افغانستان جي سرزمين به استعمال ڪري رهيو آهي، افغان جنگ جا پاڪستان تي گهرا اثر پيا آهن، سي پيڪ سان بلوچستان ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون ۽ علائقائي واپار کي فروغ ملندو. هو بلوچستان تي نيشنل ورڪشاپ کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي مدد سان بلوچستان ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون، وچ ايشيائي ملڪن کي پنهنجي واپار جي فروغ لاءِ پاڪستان جي رستي بحيره عرب تائين پهچ ملندي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ماهي گيري جي شعبي مان پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. بلوچستان جي ماهيگيري جي شعبي کي جديد پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته افغانستان ۾ جنگ جا پاڪستان تي گهرا اثر پيا آهن، دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ سان پاڪستان جي معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي گهرا اثر پيا. صدر چيو ته طالبان کي افغانستان ۾ مفاهمت ۽ مصالحت جي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي.