APP93-070721 ISLAMABAD: July 07 - Speaker Punjab Assembly Chaudhry Perviz Ilahi, MNA Chaudhry Moonis Ilahi and Federal Minister for Housing Tariq Bashir Cheema called on Prime Minister Imran Khan. Foreign Minister Makhdoom Shah Mehmood Qureshi, Federal Minister for Planning Asad Umar and Federal Minister for Education Shafqat Mehmood also present during the meeting. APP

اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي، قومي اسيمبلي ميمبر مونس الاهي ۽ هائوسنگ واري وفاقي وزير طارق بشير چيمه ملاقات ڪئي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود به ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ صوبائي بجيٽ، پرامن طريقي سان بجيٽ جي ڪارروائي ۽ پنجاب اسيمبلي جي نئين عمارت جي تڪميل تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين جي تعاون سان پنجاب جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.