اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪارڪردگي ۾ اضافي، خرچن ۾ گهٽتائي ۽ خدمتن جي بهتر فراهمي جي لاءِ سرڪاري ادارن کي سهولتون ۽ بلڊنگ مئنيجمينٽ جا عالمي معيار اختيار ڪرڻ گهرجن، ايوان صدر جي سمورين سهولتن ۽ خدمتن جي آءِ ايس او 41001 معيارن موجب دستاويزڪاري سان ايوان جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي ۽ ان جي اثاثن جي مدي ۾ اضافو ٿيندو. هو ايوان صدر کي آءِ ايس او معيار موجب آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ايوان جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پائيدار ۽ ماحول دوست طريقا اختيار ڪرڻ ۾ ايوان صدر کي ٻين ادارن جي لاءِ رول ماڊل بڻائينداسين. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي نقصانڪار اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قابل تجديد توانائي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر ۾ توانائي جي انتظام بابت آءِ ايس او 50001 معيارن کي اختيار ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي صدر چيو ته جديد توانائي جي نظام سان ساليانو 3 ڪروڙ کان وڌيڪ جي بچت ٿيندي، قابل تجديد توانائي جي جديد نظام سان بجلي جي کپت ۾ 31.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي جڏهن ته ايوان صدر جو 1 ميگاواٽ شمسي نظام ضرورت کان وڌيڪ توانائي نيشنل گرڊ کي ڏيندو. صدر چيو ته پاڪستان جو ايوان صدر گرين ٽيڪنالاجي تي هلندڙ دنيا جي ڪجهه صدارتي آفيسن ۾ شامل آهي.